مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

خاموشي خبر ٿي

لَیۡسَ الۡخَبَرُ کَالۡمُعَایَنَۃِ
( هي حديث مبارڪ احمد بن حنبل ، احمد بن منيع الطبراني ۽ العسڪري عبدالله بن عباس ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو: ٻڌل خبر يا ڳالهه ڏٺل جهڙي نه آهي.
سمجهاڻي: گهڻو ڪري ٻڌل ڳالهه پڪ جهڙي نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اکين ڏٺل مشاهدو ئي تصديق ٿيلسچو هوندو آهي. فارسي ۾ به مشهور آهي ته: “ شنيده کي بود مانند ديده” يعني ٻڌل ڳالهه ڏٺل برابر ڪيئن ٿي سگهندي؟
قرآن مجيد جي سوره الحجرات ۾ به آهي ته:
یَاَیُّھَالَّذِیۡنَ آمَنُوآ اِنۡ جَآءَکُمۡ فَاسِقٌ بِنَبَاٍ فَتَبَیَّوۡآ اَنۡ تُصِیۡبُوا قَوۡمًا بِجَھَالَۃٍ فَتُصۡبِحُوۡا عَلیٰ مَا فَعَلۡتُمۡ نٰدِمِیۡنَ (پ ۲۶ سورۃ الحجرات آیت۱ ۶)
ترجمو: اي ايمان وارو! جيڪڏهن توهان وٽ ڪو گنهگار ڪا خبر آڻي. ته پوءِ توهان تحقيقات ڪريو، متان بي خبريءَ ۾ توهان ڪنهن قوم کي تڪليف پهچايو پوءِ توهان پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو.
هي زندگي گذارڻ، معاملات نبيرڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو رهنما اصول آهي ته هر ڳالهه جي پوري پڪ ڪري پوءِ ان ڳالهه کي مڃو. رڳو هوائي ڳالهين ۽ افواهن تي مه لڳو. مومن هونئن به سوچويچار ڪندو آهي. پر ايئن ٻڌل ڳالهين تي نه لڳندو آهي.
“خاموشي خبر ٿي” مومل ٿي مت
صبر ٿيو سپت، منهنجي حق مينڌرا
(شاهه)