مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ساريو سڏ ڪندوم

اِنَّ اَحَبَّکُمۡ اِلَیَّ وَ اَقۡرَبَکُمۡ مَجۡلِساً مِنِّیۡ یَوۡمَ الۡقِیَامَۃِ أَحَاسِنُکُمۡ اَخۡلَاقاً
( هيءَ حديث مبارڪ الترمذي عبدالله بن مسعود ﷦ کان آندي آهي)
ترجمو: مون کي توهان مان وڌيڪ پيارو ۽ قيامت جي ڏينهن منهنجي مجلس ۾ وڌيڪ ويجهو اهي ماڻهو هوندا جيڪي سڀني کان وڌيڪ سهڻن اخلاقن وارا آهن.
سمجهاڻي: الله تعاليٰ سوره قلم ۾ نبي پاڪ ﷺ جي اعليٰ اخلاق بابت فرمايو آهي ته اي نبي! بيشڪ تون نهايت اعليٰ اخلاق جو مالڪ آهين.
نبي پاڪ ﷺ جو خلق قرآن آهي. ان ڪري پاڻ سڳورن پنهنجي امت کي به اعليٰ اخلاق ۽ سهڻن عملن ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي. هن دنيا ۾ به سهڻن اخلاقن جو مان ۽ سان آهي. نيڪ ماڻهو کي هر ڪو نيڪ نظر سان ڏسندو آهي ۽ ان کان پرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
هن حديث مبارڪ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ قيامت جي ڏينهن به سهڻن اخلاقن جو مان مرتبو ٻڌايو آهي. ته قيامت ڏهاڙي به مون کي اهو امتي پيارو ۽ ويجهو گڏ هوندو. جنهن جا دنيا۾ اخلاق سهڻا ۽ چڱا لڇڻ ۽ نيڪ اعمال هوندا.
پاڻ سڳورن ﷺ نيڪ عملن ۽ چڱن لڇڻن جو ڏس به ڏنو آهي. جيڪو قرآن مجيد ۾ سوره الاحزاب ۾ هن ريت فرمايل آهي” (اي مسلمانو) بيشڪ توهان لاءِ رسول الله ﷺ جي تابعداري ڪرڻ ۾ تمام گهڻي ڀلائي آهي.

ماڻڪ مٽ سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو
حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نه ويندوم
“ساريو سڏ ڪندوم”،ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي
(شاهه)