جنين ڏاند نه ٻج
اِنَّ الدُّنۡیَا عَرَضٌ حَاضِرٌ یَأکُلُ مِنۡھَا الۡبَرُّ وَالۡفَاجِرُ، وَ اِنَّ الۡاٰخِرَۃَ وَ عۡدٌ صَادِقٌ یَحۡکُمۡ مَلِکٌ عَادِلٌ قَادِرٌ یُحِقُّ فِیۡھَا الۡحَقَّ وَ یُبۡطِلُ الۡبَاطِلَ( وَلِکُلِّ بَنُوۡن) فَکُوۡنُوا ابۡنَاءَ الاٰخِرَۃِ وَلَا تَکُوۡنُوا اَبۡنَاءَ الدُّنۡیَا
( هيءَ حديث مبارڪ ابو نعيم حلية الاولياء ۾ شداد بن اوس انصاري خزرجي اصحابي کان آندي آهي.)
ترجمو: بيشڪ هيءُ دنيا موجود سامان آهي.جنهنمان نيڪوڪار ۽ گنهگار کائين ٿا ۽ بيشڪ آخرت سچو واعدو آهي، جنهن ۾ انصاف وارو بادشاهه الله قادر فيصلو ڪندو. حق کي حق ۽ باطل کي باطل ڪندو. هر هڪ کي پٽ هوندا آهن. پر اوهان آخرت جا پٽ ٿجو ۽ دنيا جا پٽ نه ٿجو.
سمجهاڻي: شيخ سعدي شيرازي گلستان ۾ چيو آهي ته اي ڪريم رب تون اهو سخي آهين جو غيب جي خزاني مان باهه جي پوڄاري ۽ عيسائين کي به رزق روزي پهچائين ٿو. تون دوستن کي ڪٿي ناميد ڪندين، جڏهن ته تون (الله جي منڪرن) دشمنن جي به نظر داري ڪرين ٿو.
“ جنين ڏاند نه ٻج” تنين تنهنجو آسرو
پوءِ اڀارين سج، اول ڏين انهن کي
(شاهه)
الله تعاليٰ رزق روزي ته هر ڪنهن کي بنا حساب ڏئي ٿو. پر الله تعاليٰ هن دنيا ۾ چڱن مٺن ڪمن ڪرڻ جي حساب ڪتاب ۽ جزا سزا واسطي حساب ۽ عدل انصاف جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي. ان آخرت ۽ قيامت ۾ هر هڪ عمل جو فيصلو ٿيندو. هر هڪ کي عدل انصاف پلئه پوندو ۽ قيامت برحق آهي ۽ ضرور ايندي.هر هڪ کي پٽ ٿيندا آهن انڪري اوهان قيامت آخرت جا پٽ ٿي چڱا ڪم ڪري. آخرت جي تياري ڪجو ۽ دنيا پٽ ٿي دين برباد نه ڪجو.
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏير ڏمر
هاڻي ٿيو حشر، “پنا قول قيام جا”
(شاهه)