مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

فائق هليا فردوس ڏي

یَا خَیۡلَ اللہِ ارۡکَبِیۡ
( هي حديث مبارڪ ابو الشيخ ابن حيان ڪتاب “ الناسخ والمنسوخ” ۾ سعيد بن جبير ﷦ کان ۽ العسڪري انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: اي الڪله جا گهوڙا سوار ٿي.
سمجهاڻي: عربي محاوري ۾ يا خيل الله گهوڙي سوپار کي چئبو آهي. گهڻو ڪري هي لفظ جهاد جي تياري ڏانهن اشارو هوندا آهن.
امام ابن اثير” اسد الغابة في معرفة الصحابة ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته:” هڪ دفعي رسول الله ﷺ گس سان ويا پي ته هڪ انصاري سندن سامهون اچي نڪتو. حضور ﷺ جن ان کان پڇيو ته اي حارثه تو صبح ڪيئن ڪيو؟ ان عرض ڪيو ته مون صبح هن حال ۾ ڪيو. ته آئون الله تي پڪو ايمان رکان ٿو. حضور ﷺ جن فرمايو ڏس ڇا چئي رهيو آهين.هر ڳالهه جي هڪ حقيقت هوندي آهي.
تنهن تي ان جوان اصحابي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ منهنجي دل دنيا کان بيزار ٿي پئي آهي. سڄي رات جاڳندي گذاريندو آهيان ۽ سڄو ڏينهن اڃيو رهندو آهيان. ڄڻ آئون پنهنجي پروردگار جو عرش ظاهر ظهور ڏسي رهيو آهيان ۽ جنت وارن کي به ڏسان پيو ته هڪ ٻئي سان ملي رهيا آهن. دوزخين کي به ڏسان پيو ته دوزخ ۾ دانهون پيا ڪن.
نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته هن ڳالهه تي قائم رهه. تون اهڙو ٻانهو آهين جو الله تعاليٰ ايمان کي تنهنجي دل ۾ روشن ڪري ڇڏيو آهي.
ان تي هن جوان اصحابي عرض ڪيو ته يا رسول اللهﷺ منهنجي لاءِ شهادت جي دعا گهرو.
پوءِ رسول الله ﷺ ان لاءِ شهادت جي دعا گهري. هڪ دفعي اعلان ڪري سوارن کي سڏيو ويو. سڀني کان پهريان جيڪو گهوڙي سوار جنگ لاءِ سڏ تي سنبري آيو. اهو اهو ئي اصحابي ( حارثه) هو. لڙائي ۾ سڀني کان اول جيڪو گهوڙي سوار شهيد ٿيو. سو اهو ئي (حارثه) اصحابي هو.
جڏهن هن جي شهادت جي خبر سندسماءُ (ربيع ڌي نضر) کي ملي. ته هوءَ نبي پاڪ ﷺ وٽ آئي ۽ عرض ڪيو:
يا رسول الله ﷺ منهنجو پٽ (حارثه) جنت ۾ هجي ته نه روئان. صبر ڪريان جيڪڏهن دوزخ ۾ هجي ته جيسين حياتي (ڏک۾) روئندي رهان.
ان تي رسول الله ﷺ فرمايو اي ام حارثه تنهنجي پٽ لاءِ هڪ جنت نه پر گهڻيون جنتون آهن ۽ حارثه جنت الفردوس ۾ آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ جي اها خوشخبري ٻڌي ان جي ماءُ خوش ٿي کلندي واپس ٿي ۽ چوندي پي وئي ته اي حارثه توکي مبارڪ هجي.
الله جي راهه ۾سر ڌڙ جي بازي لڳائي ۽ گهوڙن تي سوار ٿي جنگ ڪرڻ. غازي ٿي موٽڻ يا شهيد ٿي وڃڻ وارن جو اهو ئي شان ۽ مرتبو مانُ آهي. جيئن نبي ڪريم ﷺ اڳ ۾ ايندڙ گهوڙي سوار حارثه اصحابي سڳوري جي ماءُ کي جنت الفردوس جي مبارڪ ڏني.
سوري آ سينگار، اصل عاشقن جو،
مڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو
(شاهه)
*
جنت سندين جوءِ، “فائق هليا فردوس ڏي”
فاني ٿيافي الله ۾ ، هو سين ٿيا هوءِ
رب ڏيکارئين روءِ، انهن جي احسان سين
(شاهه)