مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڏوٿي انهين ڏيهه جا

اَلۡمُسۡلِمُوۡنَ تَتَکَافَأُ دِمَاؤُ ھُمۡ وَ یَسۡعٰی بِذِمَّتِھِمۡ أدۡنَامُمۡ وَ ھُمۡ یَدٌ عَلیٰ مَنۡ سِوَاھُمۡ
( هيءَ حديث مبارڪ ابو دائود ۽ النسائي روايت ڪئي آهي)
ترجمو: مسلمانن جا خون يا رت برابر آهن. ادنيٰ مسلمان به امن ڏئي سگهي ٿو ۽ ان جي امن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي ۽ پنهنجي غير تي هڪ هٿ جيان آهن.
سمجهاڻي: الله تعاليٰ وٽ سڀ مسلمان برابر آهن. پر الله تعاليٰ وٽ وڌيڪ عزت وارو اهو آهي، جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي. باقي اسلام ۾ مسڪين، شاهوڪار ۽ اڇي ڪاري ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.عزت ۽ مرتبو آهي ته دينداري ۽ وڌيڪ پرهيزگاري ڪري آهي.
جيڪڏهن ڪوبه مسلمان ڪنهن ڪافر کي امن ڏئي يا واعدي ڪري ته ٻين مسلمان ڀائرن کي ان جي عهد ۽ امن جي پاس خاطري ۽ لهه لحاظ رکڻو آهي. ڇاڪاڻ ته مسلمان سڀ هڪ هٿ برابر پاڻ ۾ ڀائر آهن.
شاهه ڀٽائي مسلمان ڀائرن کي سر مارئي ۾ پاڻ ۾ محبت ڪندڙ “ڏوٿي انهين ڏيهه جا” چيو آهي:
عمر، اڄ گڏيام، “ ڏوٿي انهين ڏيهه جا”
پارانڀا پرين جا، اڀي ان چيام
لهي لوهه پيام، لطف ساڻ لطيف چئي
(شاهه)