مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ٻول مَ وساريج

حُسۡنُ الۡعَھۡدِ مِنَ الۡاِیۡمَانِ
( هن حديث مبارڪ کي امام حاڪم مستدرڪ ۾ روايت ڪيو آهي ۽ چيائين ته بخاري ۽ مسلم جي شرط تي صحيح آهي حافظ ذگبي به ائين چيو آهي.)
ترجمو: سهڻي نموني وعدو وفا ڪرڻ ايمان آهي.
سمجهاڻي: عهد اقرار ، قولقرار، عهد نامه ۽ تحريري معاهده کي چئبو آهي وعدو وفا ڪرڻ ايمان جي نشاني آهي.
قرآن مجيد ۾ به ارشاد آهي:
وَ اَوۡفُوۡا بِالۡعَھۡدِ اِنَّ الۡعَھۡدَکَانَ مَسۡئُوۡلًا
ترجمو: ۽ توهان پنهنجا ڪيلوعدا پورا ڪريو، بيشڪ وعدن بابت توهان کان سوال ڪيو ويندو.( پاره 15 سوره بني اسرائيل آيت33)
هڪ وعدو ته الله تعاليٰ سان آهي. ان جي عبادت ڪئي وڃي. هڪ اهو وعدو آهي جو عام انسانن جي وچ۾ ڪيووڃي. انهن سڀني وعدن بابت پڇاڻو ٿيندو.
ماڻهن سان خوش اخلاقي،محبت خلوص، عزت احترام سان پيش اچڻ به حسن العهد آهي.مسلمان ڀائرن سان عزت احترام سان پيش اچڻ به حسن العهد آهي.وعدي نه پاڙڻ بابت تنبيهه به آهي ته جيڪو وعدو نه ٿو پاڙي ان جو ڪوبه دين نه آهي.بهرحال دين دنيا خالق ۽ مخلوق سان ڪيل وعدو پاڙڻ ئي “حسن العهد” آهي.
شاهه ڀٽائي به ٻول ۽ قول نه وسارڻ ۽ هوت سان ڪيل وعدو ياد ڏياريو آهي.
پهرين تون پاريج ، پارڻ پوءِ پنهون تي
“ ٻول مَ وساريج” هو جو ڪيوءِ هوت سين
( شاهه)