مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

مري جيءُ ته ماڻيين

مَاتَ حَتۡفَ اَنۡفِہٖ
( هي حديث مبارڪ جا لفظ امام البيهقي، عبدالله بن عتيڪ﷦ کان روايت ڪيا آهن.)
ترجمو: نڪ جي هلاڪت کان مري ويو( يعني پنهنجي موت مري ويو)
مخدوم ٺٽويءَ لکيو آهي ته راوي چوي ٿو ته نبي سائين ﷺ کان اڳ ۾ مون هي لفظ ڪنهن به عرب کان نه ٻڌا هئا.
سمجهاڻي: لڙائي دوران ماڻهو شهيد ٿي ويو ته اهو جنتي آهي.جهاد جي ڪوشش ڪندي ڌڪ ڦٽ کان سواءِ به ڪو ماڻهو دم ڌڻي حوالي ڪري ته ان کي به شهادت جو ثواب ملندو. ڇاڪاڻ ته ان ماڻهو جا شب و روز جهاد جي ڌن ۽ ڪوشش ۽ مصروفيت ۾ گذريا.
مطلب ته جيڪو جهاد جي ڪوشش ۾ پنهنجي موت مري ويو ته اهو به ثواب جو حقدار آهي ۽ جيڪو ميدان ڪار زار ۾ مري پيو ته. ان لاءِ به جنت آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به روحاني رسالي ۾ چيو آهي ته الله جي راهه ۾ شهيد ٿي مرڻ سان جانب جو جمال ملندو آهي.
“ مري جيءُ ته ماڻيين” جانب جو جمال
ٿيين هوند حلال، جي پند اهائي پاريين
(شاهه)