مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

آهه نه سلن عام کي

أِنَّ مِنۡ کُنُوۡزِ البِرِّ کِتۡمَانَ الۡمَصَائِبِ
( هيءَ حديث مبارڪ البيهقي ۽ ابو نعيم عبدالله بن عمر ﷦ کان روايت آندي آهي)
ترجمو: بيشڪ مصيبتن جو لڪائڻ نيڪين جي خزانن مان آهي.
سمجهاڻي: در حقيقت تڪليفون ۽ آزمائشون ٻانهي جي صبر جو امتحان هونديون آهن. تڪليفون ۽ آزمائشون ڏئي ۽ لاهي به الله تعاليٰ ٿو. پوءِ هاءِ گهوڙا ڪرڻ، اجايو دانهون ڪرڻ ۽ بي صبري ڪرڻ سان صبر ۽ بردباري جو ثواب گهٽجي ويندو.
شاهه ڀٽائي به چيو آهي ته:
تون حبيب تون طبيب تون دارون کي دردن
تون ڏئين، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن
تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪريو ان کي
(شاهه)
تڪليفون مصيبتون ظاهر ڪرڻ سان ته پريشاني وڌندي. دشمن کلندو.هر مخلاف پيو خوش ٿيندو.ان ڪري ٻنهي جهانن جي سردار نبي ﷺ اهڙو سهڻو ڏس ڏنو آهي ته مصيبتون لڪائي نيڪين جي خزانن مان اجر ثواب حاصل ڪريو.
مطلب ته صبر ۽ توڪل، تحمل ۽ بردباري اختيار ڪري مصيبتون برداشت ڪري. الله جي رسول جي فرمان مان سبق پرايو. ڇاڪاڻ ته فارسي شاعر چيو آهي ته:
کار دنيا کسي تمام نه کرد
هر چه گيريد مختصر گيريد
مطلب ته دنيا جا ڪم ڪوبه پورا ڪري نه سگهيو آهي ان ڪري جو ڪجهه ڪريو سو مختصر ڪريو.
ڏاهو ماڻهو اهڙو ڪم ڇو ڪري جوپشيمان ٿيڻو پوي؟
چرا کاري کند دانا که باز آيد پشيماني؟
گلستان ۾ آهي ته ڪنهن وڳاپاري کي ٽوٽ پيو.پٽ کيچيائين ته ڪنهن کي نه ٻڌائجان.پٽ چيو ته ڇو؟ پيءُ چيو ته هڪ ته نقصان جي خبر ماڻهن کي پئي. ته ڪير به کٽل واپاريءَ سان واپار نه ڪندو آهي ۽ ٻيو ٽوٽ پوڻ ڪري ماڻهو کلندا ۽ خوش ٿيندا.
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ
لڳين لنون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق
توڙي چڪنن چاڪ، “ ته به آهه نه سلن عام کي”
(شاهه)