آئون نالي ڳيڙي نجهران
( هيءَ حديث مبارڪ ابن ماجه ، ابو يعليٰ الطبراني ۽ العسڪري حضرت ابن عمر کان آندي آهي)
ترجمو:قسم کڻي ٽوڙڻو پوندو آهي يا پشيمان ٿيڻو پوندو آهي.
سمجهاڻي: هر ڳالهه سوچيويچاري ڪجي. هر ڪم، خاص ڪري قسم کڻڻ ۾ تڪڙ نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته ڪو ماڻهو قسم کني ويٺو ته هي ڪم نه ڪندس پوءِ اهو ڪم ڪري ويٺو ته قسم ڀڃڻ جو ڪفارو ڏيڻو پوندو يا قسم ٽوڙڻ جي ڊپ کان اهڙي ڳالهه ڪندو. جنهن لاءِ سندس دل نه گهرندي ته نتيجي ۾ سخت پشيماني پريشاني ڏسڻي پوندي.
قسم کڻي ڀڃڻ جو ڪفارو هي آهي ته ٻانهو آجو ڪري يا ڏهن مسڪينن کي کاڌو کارائي يا ڪپڙا ڍڪائي. جي قسم ٽوڙيندڙ کي ايتري به طاقت نه آهي ته پوءِ ٽي ڏينهن لاڳيتو روزا رکي.
پهاڪو آهي ته:
“قدم ، قلم ۽ قسم سوچي کڻو، نه ته پڇتائڻو پوندو.”
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به قسم کڻڻ يا نالي وٺڻ کي نجهرڻ سان ڀيتيو آهي.
نظر نزديڪون، سهي نه سگهان ساعت سيئن
پسڻ پري سندون، “آئون نالي ڳيڙي نجهران”
(شاهه)