مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي زندگي

الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان سنڌ جي سهڻي سر زمين مان محبت ڀريا ماڻهو ۽ پرور پا جا پهتل پيارا ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي جوت جڳ کي پي جرڪايو آهي.
هن ڪتاب جومصنف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌي رح به سر امين سنڌ جو مايه ناز عالم ۽ ناميارو مصنف ٿي گذريو آهي. سندس علمي ادبي ۽ ديني خدمتون سر سبز سنڌ کان علاوه عرب و عجم ۾ سج جيان روشن آهن. اڄ به سندس نالو علمي ۽ ادبي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي. سندس علمي ڪتاب دنيا جي مشهور يونيورسٽي “ جامعه الازهر” مصر ۾ نصاب طور پڙهاياوڃن ٿا. (عبدالجبار جوڻيجو (ڊاڪٽر) سنڌيون اداره سنڌيات سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1970ع ص 61)
سندس شاگردن جو حلقو سنڌ سان گڏ بلوچستان افغانستان ايران ۽ حجاز مقدس مڪي مديني شريف تائين وسيع هو.( راوي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ڊائريڪٽر ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد) پاڻ اڄ کان اچائي سو ورهيه کن اڳ سر زمين سنڌ جي شان ۽ ساراهه ۾ “مدح نامه سنڌ” نالي ڪتاب لکي. سنڌ جي مُٺ گهرن کي لاجواب ڪيائين ۽ سنڌ جوشان سوايو ڪيائين (مخدوم هاشم ٺٽوي “ مدح نامه سنڌ” فارسي قلمي ص 1 ـــ40) ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب لکي. سنڌي ٻوليءَ کي مالا مال ڪيو ۽ اهل سنڌ تي احسان ڪيو.
مخدوم صاحب جي ذات گرامي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سندن علمي عظمت جو اعتراف نه رڳو گڏيل هندستان جي علمي طبقي کي آهي. پر سڄي عالم اسلام ۾ کيس سنڌ جو وڏو محدث ۽ فقيهه سڏيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب پنهنجي دور ۾ تصنيف، تدريس، تبليغ ۽ رشد و هدايت جي ذريعي اسلام ۽ مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي ۽ بڇرين بدعتن خلاف جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو. تنهن کي ڏسندي سنڌ ۾ 12 صدي هجريءَ جو کيس “مجدد” سڏجي ته بجاءِ آهي.( غلام مصطفيٰ قاسمي” مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو وصيت نامو” ماهوار نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي آڪٽوبر 1059ع ج 12 نمبر 10 ص 19)

[b]خانداني احوال:[/b]
مخدوم صاحب جا وڏا اصل ۾ سنڌ جي قديم شهر سيوهڻ جا رهاڪو هئا. پر قسمت سانگي مخدوم صاحب جو والد لاڙ طرف لڏي اچي بٺوري ۾ رهيو. جتي مخدوم صاحب ڄائو،نپنو،پڙهيو، وڏو ٿيو، اڳتي هلي ٺٽي ۾ وڌيڪ اسريو، نسريو پڙهيو پرجهيو پروڙيو، پچي پختو ٿيو ۽ رچي ريٽو ٿيو. لاڙ جو لال ٿي اڀريو ۽ فيض عام ڏيڻ لڳو.
مخدوم صاحب جو نالو پيءُ جو نالو عبدالغفور ۽ ذات جو پهنور هو.پهنور حضرت حارث جو اولاد آهن (مير علي شير علي قانع ٺٽوي”معيار سالڪان طريقت” فارسي قلمي ص203) پر پاڻ ڀرپور علمي ۽ ديني خدمتنجي ڪري “مخدوم” سڏجڻ لڳو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي” محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن عبداللطيف بن عبدالرحمان بن خير الدين السندي البتورائي ثم البهر البهرامپوري ثم التتوي” ( مير علي شير قانع ٺٽوي “تذڪره مقالات الشعراء” فارسي مرتب سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1957ع حاشيه 841)

[b]ولادت ۽ تعليم:[/b]
مخدوم صاحب جي ولادت تاريخ 10 ربيع الاول 1104هه19 نومبر 1692ع تي لاڙ پٽ بٺوري ۾ ٿي. پاڻ ابتدائي علم فارسي عربي صرف نحو پنهنجي والد عبدالغفور وٽان پرايو. ان کانپوءِ ٺٽي شهر ۾ مخدوم محمد سعيد وٽ وچون درسي نصاب پڙهيو. آخر ۾ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي وٽ مڪمل نصاب پڙهي پورو ڪيو. ( خانبهادر محمد صديق ميمڻ “ سنڌ جي ادبي تاريخ” آر ايچ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 1965ع ڇاپون اٺون ص 74) ان دوران مخدوم صاحب جو والد عبدالغفور ٺٽي مان واپس پنهنجي شهر بٺوري ۽ بعد ۾ ان جي ويجهو بهرامپور ڳوٺ ۾ ديني تعليم پڙهائڻ جي شروعات ڪئي. غالبًا اتي هالتون ناسازگار رهيون. تنهنڪري هن وڏي عالم ۽ استاد کي ٺٽي جهڙي مرڪزي شهر ۾ مدرسو کولڻ موزون لڳو.ڇو ته ٺٽو نه رڳو اڳ ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. پر علمي دنيا ۾ “عراق ثاني” جي حيٿيت رکندو هو. (شيخ فريد بکري “ ذّخيرة الخوانين” فارسي پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي 1970ع ج 2 ص 31) مخدوم صاحب ٺٽي ۾ رهي دين متين جي خدمت ڪرڻ ۽ عربي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم جو في سبيل الله سلسلو جاري ڪيو.

[b]سفر حرمين ۽ طريقت جو سلسلو:[/b]
جڏهن مخدوم صاحب جي عمر 31 ٿي ته سن 1135هه ۾ حرمين شريفين جي زيارت واسطي حجاز مقدس روانو ٿيو. اتي به وقت جي برک محدثن شيخ عبدالقادر مفتي مڪه مڪرمه ، شيخ يڌعيد بن علي الازهري، شيخ محمد بن عبدالله الفاسي ، شيخ علي بن عبدالملڪ الدراوي ۽ شيخ ابو طاهر مدني جهڙن مشهور استادن کان علم حديث ۽ تفسير ۾ سندون حاصل ڪيائين.
حرمين شريفين جي سفر کان واپسي4ءَ ۾ مشهور صوفي بزرگ سيد سعد الله قادري سورت بندر واري وٽ قادري سلسلي ۾ بيعت ڪري.خلافت جوخرقو ڍڪي.سن 1137هه ۾ پنهنجي ماڳ ٺٽي موٽي آيو. ( مخدوم محمد هاشم ٺٽوي “ بذل القوة في حوادث سني النبوة” عربي مرتب مخدوم امير احمد سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1966ع مقدمو ص 7 کان 9)

[b]ديني خدمتون:[/b]
مخدوم صاحب سفر حرمين ۽ قادري سلسلي ۾ خلافت کان بعد رات ڏينهن درس تدريس، ذڪر اذڪار ۽ تصنيف و تاليف ڏانهن متوجهه ٿيو. وقت جي عالمن جي ڪتابن جو تحقيقي مطالعو، وقت جي حڪمرانن کي دين جي نصيحت، شرعي پابندي ۽ نفاذ شريعت لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ لڳو. نادر شاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ کي سندن ظلم ۽ استبداد خلاف خط موڪليائين ( مخدوم محمد حاس۾ ٺٽوي “ بناء الاسلام سنڌي مرتب فقير محمد اسماعيل ڪنڀاروفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي 1975ع ڇاپو ٻيو مقدمو 38)
ان ڏس ۾ سندس سعيي سان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي والي سنڌ کان سن 1172هه ۾ شريعت جي پابندي بابت شاهي فرمان جاري ڪرائي، عملي زندگيءَ تي زور ڏياريائين (روزانه الوحيد سنڌ آزاد نمبر سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1979ع ڇاپوٻيو ص 32) سندس اهو هڪ ئي ڪارنامو سونهري حرفن ۾ لکڻ جهڙو آهي. وقت جي ڪن همعصر عالمن ۽ ٻينماڻهن سندس مخالفت ڪئي. پر هي مرد مجاهد، شڊريعت جو خادم ۽ عاشق رسول ﷺ همه وقت سرتاپا شريعت پاڪ جي نفاذ، ديني خدمتن،درس ۽ تصنيف، قال الله ۽ قال رسول الله ﷺ جي شعل ۾ مصروف رهيو. مخدوم صاحب قاضي القضاء جي حيٿيت ۾ فتويٰ نويسي ۽ شرعي فيصلا به ڪندو رهيو. هر روز ٽيپهري نماز بعد پنهنجي مدرسي واري هاشمي مسجد ۾ حديث نبويءَ جو درس ڏيندو هو. ۽ هر جمعي جي ڏينهن جامع خسرو ( دابگران واري مسجد) ۾ وعظ ڪندو هو ۽ جمعي جي نماز پڙهائيندو رهيو. اهڙيءَ ريت سندس زندگيءَ جو ٽائيم مقرر هو. سندس 24 ڪلاڪ ڪمن لاءِ وراهيل هوندا هئا ( روزانه الوحيد سنڌ آزاد نمبر سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1979ع ڇاپو ٻيو ص 33)
سنت جماعت جي مذهب جي تقويت ۽ دين متين جي رسمن زندهه ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ڪوشش سان اهڙا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا جيڪي سچي دين جي تائيد جو ڪارڻ هوندا هئا. مشرڪن ۽ دين جي دشمنن تي سندس عمل چڱي طرح جاري هو. سندس وقت ۾ سوين ذمي ڪافر مسلمان ٿيا. ( مير علي شير قانع ٺٽوي تاريختحفه الڪرام فارسي مطبع ناصري ج 3 ص 230)

[b]مدرسو ۽ شاگرد:[/b]
مخدوم صاحب جو مدرسو ؟” دارالعلوم هاشميه” (ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر سنڌ جا اسلامي درسگاهه” سردار پريس حيدرآباد 1982ع ص 238)وچ شهر ۾ اگر محلي ۾ هو. سندس شاگردن جو حلقو تمام وسيع هو. جي مخدوم صاحب علم جو چنڊ هو ته سندس ساگرد به علمي آسمان جا چمڪندڙ ستارا هئا. سندس چند مشهور شاگردن جا نالا هي آهن مخدوم عبدالرحمان، مخدوم عبداللطيف، مخدوم عبدالله نرئي وارو، مخدومعبدالخالق ٺٽوي، ابو الحسن صغير ٺٽوي مدني، فقير الله علوي شڪارپوري، ميون عزت الله ڪيريو چوڙياروي، شيخالاسلام مراد سيوهاڻي، سيد شهمير شاهه مٽياروي، مخدوم مئيڏنو نصرپوري سيد صالح شاهه گهوٽڪي وارو ۽ نور محمد خسته ٽکڙائي.

[b]تصنيف ۽ تاليف:[/b]
مخدوم صاحب قلم و قرطاس جو صاحب ۽ وڏو مصنف هو. سندس لکيل هزارين تحريرون ۽ سڍا ٽي سو کن ڪتاب يادگار ڇڏيائين ( غلام رسول مهر “ تاريخ ڪلهوڙا سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1958ع ج 2 ص 993) هر مسئلي تي سندس تحريرون موپجود آهن. سندس ڪتابن مان تفسير هاشمي، بياض هاشمي، حياة القاري باطراف البخاري، مظهر الانوار، فاڪهة البستان، قوت العاشقين ۽ فرائض الاسلام علمي دنيا ۾ مشهور ڪتاب آهن. مخدوم صاحب جي ڪيترن عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري محققن پي ايچ ڊي جو ڊگريون حاصل ڪيون آهن.
تڪمله مقالات الشعراء ۾ مخدوم صاحب جي ڪرامتن جو به ڪافي ذڪر آيل آهي( مخدوم محمد ابراهيم خليل تڪمله مقالات الشعراء فارسي سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1958ع ص 43)

[b]ڪتب خانو:[/b]
مخدوم صاحب فڪر و فهم ، علم و عمل، مطالعير ۽ ڪتابي دنيا جو عاشق هو.وٽس تفسير، حديث، فقه ، تصوف، تاريخ ۽ لغت وغيره هر فن تي وڏا وڏا ڪتاب موجود هئا. سنڌ جي عالمن جا اڪثر سنڌي ڪتاب به محفوظ هئا. مخدوم صاحب پنهنجي تصنيفات مظهر الانوار ۽ فاڪهة البستان ۾ به حوالي طور آيل سون ڪتابن جا نالا فن وار آندا آهن. ( مخدوم محمد هاشم ٺٽوي “ مظهر الانوار” عربي قلمي، فاڪهة البستان عربي) بياض هاشمي ۾ گويامخدوم صاحب ڪتابي حوالن ۽ علم جو خزانو پلٽيو آهي (مخدوم هاشم ٺٽوي “ بياض هاشمي “ قلمي) مخدوم صاحب جي هڪ تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ چار هزار ڪتاب پڙهي هي نتيجو ڪڍيو اٿن لکن ٿا:
“ چار هزار ڪتاب پڙهيم” انهن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم:
هڪ هيءُ ته اي منهنجا نفس! خدا تعاليٰ جي عبادت ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ”
ٻي هيءَ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان خدا تعاليٰ روڪ ڪئي آهي ان کان پاسو ڪر نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ”
ٽئين هيءَ ته اي منهنجا نفس جيڪي ازلي قسمت کان توکي پهچي ان تي صبر ڪر، نه ته ڪو ٻيو خدا ڳول، جيڪو توکي روزي وڌائي ڏي.
چوٿين ڳالهه هيءَ ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جو خيال ڪرين ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر، جتي توکي خدا نه ڏسي نه ته گناهه نه ڪر. (غلام مصطفيٰ قاسمي” منهنجي علمي ڊائري” سه ماهي الرحيم سنڌي شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد 1966ع نمبر 3 ص 27 ــ28)

[b]شعر وشاعري:[/b]
مخدوم صحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو وڏو شاعر هو، پر سندس شاعري جو محور الله جو رسول جو اهڃاڻ ۽ شريعت جي سڇاڻ سمايل آهي. الله تعاليٰ کيس پنهنجي ديني خدمتن ۾ ايترو مشغول رکيو، جو کيس سڄي عمر ڪنهن دنيادار بابت شعر چوڻ جي نوبت ئي ڪانه آئي. سندس عربي شاعري ۾ ثمانيه قصائد در مدح نبي ﷺ ۽ قوت العاشقين ۾ آيل عربي شعر مشهور آهن. سنڌي شاعري جي حوالي سان سندس سمورا سنڌي ڪتاب منظوم اڳوڻي سنڌيءَ ۾ آهن ۽ سندن فارسي شاعري مقالات الشعراء مدح نامه سنڌ ۽ رسالي رشف الزلال ۾ موجود آهي.

[b]عشق رسول ﷺ:[/b]
مخدوم ٺٽوي عالم باعمل، گفتار ۽ ڪردار جو صاحب ۽ عاشق رسول ﷺ هو. سندس هر هڪ عمل الله ۽ سندس رسول ﷺ جو مظهر هو. سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نبي ڪريم ﷺ جو عشق ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي. مخدوم صاحب سچي سردار کي سڪ مان صدائون ۽ پياري پيغمبر کي پرت مان پڪارون ڪيون آهن.
سنڌ ۾ مخدوم صاحب جي عشق رسول بابت هي واقعو هر ننڍي وڏي جي زبان تي عام آهي ته: مخدوم صاحب جڏهن حرمين شريفين جي سفر دوران ديار حبيب مديني منوره ۾ رسول الله ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني ۽ سڪ مان سلام پڙهيو ته روضي مبارڪ مان حيات النبي ﷺ طرفان کيس سلام جو جواب مليو ۽ ائين کيڪاريو ويو ته “ڀلي آئين محمد هاشم ٺٽي وارا” ڇو ته حرم نبوي ﷺ ۾ محمد هاشم نالي وارا ٻيا ماڻهو به حاضر هئا. ( مخدوم محمد عاقل عرف پير محمد کهڙائي”قصص اولياء سنڌ” سنڌي قلمي ص 124)
مولوي دين محمد وفائي هن روايت جي باري ۾ تصديق ڪندي لکيو آهي ته مخدوم صاحب کي مديني منوره جي رهڻ واريزماني ۾جمعي رات 9 رجب 1136هجري ۾. حضور ﷺ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو.جنهن جو ذڪر(مخدوم صاحب) پنهنجي بعض تصانيف جي حاشيه ۾ ڪيو آهي ۽ پنهنجي دستخط سان اها ياد داشت لکيڇڏي آهي( مولوي دين محمد وفائي “ تذڪره مشاهير سنڌ” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1985ع ج 2 ص 255)
جيتوڻيڪ هن واقعي جو احوال تحفة الڪرام يا ٻئي ڪنهن همعصر تاريخي ڪتاب ۾ ڪونه ٿو ملي. پر هي واقعو ايتريقدر مشهور تواتر جي حد تي پهتل آهي. جو ان جو انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي.سنڌ ۾ اهو ڀليڪار واروواقعو مخدوم صاحب جي علمي عظمت ۽ عشق رسول ﷺبابت مثال طور ڏنو ويندو آهي ۽ سالن کان سنڌ ۾ سيني به سيني هلندو آيو آهي.

[b]وفات، مدفن ۽ اولاد:[/b]
مخدوم صاحب ستر سالن تائين دين مبين جي عملي خدمت ڪندو رهيو. سندس وافت تاريخ 6 رجب 1174هه (9 فيبروري 1761ع ) ۾ ٺٽي شهر ۾ ٿي. ٺٽي لڳ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. سندس مزار اڄ به اهل دل لاءِ زيارت گاهه ۽ دلي سڪون جو ذريعو آهي( مخدوم عباللطيف ٺٽوي”مناقب مخدوم هاشم ٺٽويفارسي قلمي ص 2)
سندس وفات تي ڪيترن ناميارن شاعرن دلسوز تاريخي شعر چيا آهن. هيٺين سٽن مان سندس وفات جو سن نڪري ٿو.
محمد رحيم ٺٽوي
در جوار مصطفيٰ ماوي يافت (1174هه)
غلام علي بيگ ٺٽوي
طائر قدس بفردوس محمد هاشم
محمد پناهه رجا ٺٽوي
بهشتش داد ايزد منزل جاه
محمد رفيع ٺٽوي
گل شد مشعل دين رسولﷺ
محمد حسين ٺٽوي
جعل الله جنة مثواه
مخدوم صاحب جي قبرستان ۾ سندس خاندان ۽ پونير به مدفون آهن. مخدوم صاحب کي ٻه فرزند عبدالرحمان ۽ عبداللطيف هئا. اهي به پنهنجي دور جا بهترين عالم، مفتي، مصنف پرهيزگار ۽ والد جي نقش قدم تي هلندي. تادم آخر ديني خدمت ڪندا رهيا. هن وقت مخدوم صاحب جي پونيرن مان ڪوبه نه رهيو آهي. البته سندس مزار ۽ ڪتاب يادگار آهن. مخدوم صاحب جي مزار مبارڪتي بجلي، پاڻي وغيره جو سٺو انتظام آهي. مزار سان لڳ هاشمي مسجد ۾ پيش اماممقرر ڪيو ويو آهي. اهو انتظام ضلعي ڪائونسل ٺٽي طرفان ڪيل آهي.

[b]همعصر:[/b]
مخدوم صاحب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽئايءَ جو ساڳيو زمانو ڪلهوڙا حڪمرانن جو مشهور دور رهيو آهي. مخدوم صاحب جا همعصر به الله جا پيرا پهتل ٻانها، وقت جا وڏا فياض عالم ۽ شيرين زبان شاعر ٿي گذريا آهن. جيئن مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد قائم ٺٽوي مدني، محمد روح الله بکري، مخدوم محمداسماعيل پريالوي، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هالائي، مخدوممحمد زمان لنواري وارو، ابوالحسن ڏاهري، سيد موسيٰ شاهه گهوٽڪي، مير شير علي قانع ٺٽوي، محمد پناهه رجا، مخدوم عبدالرحمان شهيد کهڙائي، ميون محمد مبين چوٽياروي ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي.

[b]شخصيت ۽ عظمت:[/b]
مخدوم صاحب جي دور جو همعصر مشهور مورخ مير علي شير قانع مقالات الشعراء فاسري ۾ رقمطراز آهي:
“ مخدوم صاحب وڏي شان وارو، برڪت ڀري ذات وقت جي عالمن جو اڳواڻ هو. دين متين جي قانون جي ترويج ۽ اسلام جي بنيادي احڪامن جي استحڪام لاءِ ڪوشش ۾ مصروف رهندو هو. ڄڻ ته سندس ئيزماني ۾ دين اسلام جي تجديد واقع ٿي.......هند ۽ سنڌ عرب ۽ عجم ۾ ناميارو ۽ سڀئي پهلوئن کان سندس ذات شرف شان واري هئي. (مير عيل شير قانع ٺٽوي”تذڪره مقالات الشعراء” فارسي سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1975ع ص 841 ــ842) مشهور انگريز مصنف رچرڊ برٽن مخدوم صاحب جي شخصيت بابت لکي ٿو:
“ هن هندوستان ۽ عربستان جو سير ڪيو هو ۽ عربي ۽ فارسي ٻوليون ۽ فقه چڱي طرح سکيو هو. چون ٿا ته مسافري دوران هن عيسائي پادرين سانم ڪيترائي مناظرا ڪيا ءٌ۽ سندن مذهب خلاف رسالا لکيا. هو هينئر هڪ وٺي ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن جو مڪلي جي ٽڪريءَ تي مقبرو آهي ۽ پنهنجي وطنن لاءِ هڪ زيارتجي جاءِ آهي.( رچرڊ برٽن”سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون” مترجم محمد حنيف صديقي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع ص 77)
برٽن جو هي اقتباس نهايت قيمتي آهي جو هڪ انگريز مصنف مخدوم صاحب جي علمي عظمت جي باري ۾ شاهدي ڏئي رهيو آهي.
موجوده وقت جو مشهور محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ علميت جي باري ۾ لکي ٿو:
“ سنڌ جي سرزمين جيڪي چوٽي جا عالم پيدا ڪيا. تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ نهايت ئي ناميارو عالم هو. سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. مخدوم صاحب جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن. جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن تفسير ، حديث فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو. ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کانسواءِ سندس سنڌي تصنيفن جو معيار، علميت توڙي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ” مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار” ٽماهي مهرڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوروج 34 نمبر 41985ع ص 131)
موجوده دور جو ٺٽي ۽ مڪلي جو عالم ۽ مصنف تحفة الزائرين ۾ لکي ٿو:
“ ٻارهين صدي هجري ۾ ٺٽي هڪ عظيم البرڪت هستي سر زمين سنڌ کي ڏني، جنهن جي ڪري سند کي چار چنڊ لڳي ويا. هي هستي مخدوم المخاديم، سند الاقليم،مجدد ماه ثاني عشر،ملجاء الفقهاء والمحدثين زبدة العلماء الراسخين حضرت علامه الحاج محمد هاشم ٺٽوي رح آهي.”
( ابوالسراج محمد طفيل احمد ٺٽوي “تحفة الزائرين” اردو احمد برادرسناظم آباد ڪراچي 1988ع حصو چوٿون ص 246)