مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

مُنهن ۾ مسلمان

ذُوۡ الۡوَجۡھَیۡنِ لَا یَکُوۡنُ عِنۡدَ اللہِ وَجِیۡھاً
( هيءَ حديث مبارڪ ابو دائود روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: ٻه مُنهون شخص الله تعاليٰ وٽ عزت وارو نه هوندو.
سمجهاڻي: ٻه مُنهون يا ٻه چاپڙو ماڻهو اهو آهي.جيڪو دل ۾ هڪ ته زبان تي ٻي ڳالهه آڻي. هڪڙي سان هڪڙي ڳالهه ته ته پاڻ وڻائڻ لاءِ ٻي سان ٻي ڳالهه ڪري، پنهنجو ڪم ڪڍي ۽ فائدو حاصل ڪري.
اسلام ۾ اهڙي ماڻهو کي منافق چئبو آهي. منافق ماڻهو دين دنيا ۾ بدنام هوندو آهي. ڪوبه ان کي چڱيءَ نظر سان نه ڏسندو آهي.
قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته منافق دوزخ جي هيڍين تري ۾ ويندا:
اِنَّ الۡمُنٰفِقِیۡنَ فِی الدَّرۡکِ الۡاَسۡفَلِ مِنَ النَّارِ
ترجمو: بيشڪ منافق دوزخ جي باهه جي هيٺئين طبقي ۾ آهن.
(پ 5النساء، آيت145)
ٻين حديثن مبارڪن ۾ به منافق جي ڪردار کي ننديو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به دل ۾ دغا ۽ منهن ۾ مسلمان سڏائي منافقي ڪندڙ کي بت تراش آذر سڏي ننديو آهي.
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
“منهن ۾ مسلمان” اندر آذر آهيين
(شاهه)