لاکي لڄ کنئي
( هي حديث مبارڪ امام بخاري ۽ الترمذي روايت ڪئي آهي. حسن بن سعد سڳوري هن حديث کي حسن چيو آهي.)
ترجمو: جيڪو ماڻهو مون کي پنهنجي ٻن ڄاڙين ۽ ٻن ڄنگهن جي وچوارن عضون جي ضمانت ڏيندو، ته آئون ان کي جنت جي ضمانت ڏيندس.
سمجهاڻي: زبان جي حفاظت جو مقصد آهي.زبان سان ڪوڙ بدوڙ، گلا غيبت، گارگند، چغلي، عيب جوئي ۽ پرائي پچار نه ڪجي. هميشه زبان سان سهڻيون ڳالهيون ڪجن. امر نهي جو پيغام پهچائجي. اها ئي اصل ۾ زبان جي حفاظت آهي.امام غزالي “احياءُ علوم الدين” ۾ زبان جي حفاظت لاءِ لکيوآهي ته:
“ سعيد بن جبير روايت ٿو ڪري ته نبي ﷺ جن فرمايو ته: جڏهن صبح ٿئي ٿو. تڏهن سڀ عضوا گڏجي زبان کي چون ٿا ته اسان جي بچاءَ لاءِ خدا جو خوف رکجانءِ، جيڪڏهن تون سڌيرهيئين ته اسان به سڌا رهنداسون ۽ جي تون ڏنگي ٿئين. ته اسان جو به اهو ئي حال ٿيندو.”
اوگهڙ جي حفاظت جو مطلب هي آهي ته زنا ۽ بدڪاري کان پاڻ بچائجي. حقيقت ۾ انسان کي تباهه ڪرڻ وارا اهي ٻئي عضوا زبان ۽ اوگهڙ آهن. انهن جي جيڪو به حفاظت ڪندو ته نبي پاڪﷺ ان لاءِ وعدو فرمايو آهي ته آئون ان جي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو. الله تعاليٰ زبان ۽ اوگهڙ جي حرام ڪارين کان سڀطني کي بچائي.
ڀٽائي صاحب به چيو ته رسول الله ﷺ امت جو بار کنيو آهي يعني مثال طور لاکيلڄ ۽ ضمانت کنئي آهي
“لاکي لڄ کنئ” اسان اوڏڻين جي
ڪندو ڪانه ٻئي، اڳ وسوڙل آهيان
(شاهه)