مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

هادي رکج حفظ ۾

اَللّٰھُمَّ اِنِّیۡ اَسۡئَلُکَ رَحۡمَۃً تَھۡدِیۡ بِھَا قَلۡبِیۡ وَ تَجۡمَعُ بِھَا شَمۡلِیۡ وَ تَلُمُّ بِھَا شَعۡثِیۡ وَتُصۡلِحُ بِھَا غَائِبِیۡ وَ تَرۡفَعُ بِھَا شَاھِدِیۡ وَ تُزَکِّیۡ بِھَا عَلۡمِیۡ وَ تُلۡھِمۡنِیۡ بِھَا رُشۡدِیۡ وَ تَرُدُّ بِھَا اُلۡفَتِیۡ
وَ تَعۡصِمُنِیۡ بِھَا مِنۡ کُلِّ سُو ءِ
( هيءَ دعا جا لفظ مبارڪ الترمذي ۾ عبدالله بن عباس ﷦ کان روايت ڪيل آهن)
ترجمو: اي الله! بيشڪ آئون توکان اهڙي رحمت جو سوال ٿو ڪريان. جنهن سان منهنجي دل کيهدايت ڪرين ۽ منهنجون سڀ حاتون پوريون ڪرين ۽ منهنجي پريشاني دور ڪرين. منهنجي پر پٺ ڀلائي ڪرين. منهنجي حاضر کي مٿاهون ڪرين ۽ منهنجي عمل کي پاڪ ڪرين ۽ منهنجي دل ۾ نيڪ ارادا وجهين ۽ ان جي ذريعي اها شيءِ به موٽائي ڏي. جنهن سان آئون محبت ڪريان ٿو ۽ ان جي ذريعي مون کي هر برائي کان بچاءِ.
سمجهاڻي : سهڻي نبي پاڪ ﷺ جي هيءَ دعا ظاهر ۽ پيارن لفظن واري جامع آهي.
شاهه ڀٽائي به رسالي ۾ رب ڪريم کي سڏرا ڪيا آهن. ۽ دعائن جا سهڻا لفظ سموهيا آهن.
جيسين جيارين،”هادي رکج حفظ ۾”
محتاجي مخلوق جي،شلقادر نه ڪارين
عربي عبداللطيف کي، ويل نه وسارين
پرڪش پيارين، ڀري جام جنت جو
(شاهه)