مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

مهاڳ

بسم الله الرحمان الرحيم
الحمد لله رب العالمين والصلواة والسلام عليٰ سيد الاانبياء والمرسلين و عليٰ آلہ واصحابه اجمعين
سنڌي جي مايه ناز عالم ، مفسر، محدث، فقيہ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جون علم حديث ۾ وڏيون خدمتون آهن. هميشه درس حديث ڏيندو رهيو ۽ علم حديث ۾ سندس هيٺيان ڪتاب يادگار آهن.
1. صحيح بخاري تي مختصر تعليقات ، عربي
2. حياة القاري باطراف صحيح البخاري ، عربي
3. فتح الغفار بعوالي الاخبار عربي
4. تحقيق اسانيد حديث: اقتلوا الساحر والساحرة عربي
5. جنت النعيم في فضائل القرآن الڪريم عربي
6. رسالہ في شرح قولہ عليه السلام لعمار بن ياسر: “ ويح عمار تقتلہ الفئتہ الاباغية عربي
7. الحصن المنوع عما اورد عليٰ من ادرج الحديث الموضوع. عربي
8. حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم عربي
سردست هتي اسان ڪتاب “ حلاوة الفم” جو تعارف، ترجمو،تخريج ۽ تشريح ڏئي رهيا آهيون. هر هڪ حديث مابرڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان مخدوم ٺٽويءَجي همعصر، ولي الله ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سهڻا سنڌي بيت به شامل ڪياآهن. هڪ نئين زاويي کان نئين ڪوشش آهي.
حلاوة الفم:
مخدوم هاشم ٺٽوي هي ننڍو رسالو حديث بابت تاريخ 21 رجب 1171هجري (1758ع) ۾ لکيو. قلمي رسالي ۾ ست صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه تيرهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هرصفحي ۾ 35 سٽون ۽ سراسري طدور هر سٽ ۾ 16 لفظ آهن. ڪاتب رسالي جي منڍ ۾ مٿان عربيءَ ۾ لکيو آهي ته: قابلناه بالاصل” مطلب ته هيءُ رسالو اصل ليکڪ جي دستخط قلمي نسخي تان ڀيٽي لکيو ويو آهي. ان ڪري هيءُ رسالوڳ صحت جي لحاظ سان اهميت وارو ۽ صحيح نسخو آهي.جيتوڻيڪ ڪاتب پنهنجو نالو ۽ ڪتابت جو سال نه لکيو آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا ۽ عڪس هنن ڪتب خانن ۾ موجود آهن. قادري الئبريري دڙي مگسي سڪرنڊ، ڪتابخانه ڳڙهي ياسين، درگاهه ٽنڊو سائينداد، ڊاڪٽري رحمت الله ابڙو لائبريري لاڙڪاڻو، مڪتبه قاسميه ڪنڊيارو، اورينٽل ڪاليج حيدرآباد، مدرسه صبغة الهديٰ لائبريري شاهه پور چاڪر، مڪتبه مجدديه نعيميه ملير ڪراچي، سنڌالاجي لائبريري ڄامشورو ۽ جيلاني لائبريري اچ شريف.
مخدوم ٺٽويءَ هن عربي ڪتاب ۾ مٺي مرسل، نوري نبي پياري پيغمبر ﷺ جن جون پند ۽ نصيحت، عبرت ۽ حڪمت اخلاص ۽ هدايت سان ڀرپور هڪ سو ويهه” جوامع الڪلم” حديثون مختلف ڪتابن مان انتخاب ڪري الفب وار مرتب ڪيون آهن. مخدوم هاشم ٺٽوي هن ڪتاب ۾ حمد ۽ صلواة کان پوءِ مقدمي ۾ لکي ٿو:
“ الله تعاليٰ جي رحمت جو محتاج ۽ اميدوار محمد هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي ٺٽوي چوي ٿو ته ..... بيشڪ مون هن ڪتاب ۾ هڪ سو ويهه اهڙاسهڻا لفظ گڏ ڪيا آهن. جيڪي نبي پاڪ ( محمد رسول الله ﷺ) جن چيا ۽ ڳالهايا آهن. انهن سهڻن ڪلمن ۽ جملن لفظن کي حديث شريف جي ڪن عالمن سڳورن بيان سان خاص ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ چڱي پر کولي بيان ڪيو آهي.
مون هنڪتاب جوڙڻ ۽ حديثن سڳورين مرتب ڪرڻ جي شروعات تاريخ 21 رجب سن 1171 هجري (1758ع) ۾ ڪئي..............من هن ڪتاب جو نالو رکيو آهي “ حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم” يعني نبي سائين ﷺ جي جامع لفظن سان وات مٺو ڪرڻ..................
سهڻي نبي پاڪ ﷺ جي مٺي گفتار ۽ فصاحت بلاغت ايڏي ته چٽي ظاهر آهي. جو ان لاءِ ڪنهن به شاهد جي ضرورت نه آهي.........ان ڪري هنن وڏن عالمن مٺي رسل ﷺ جي چونڊ وڻندڙ ۽ پر تاثير مختصر گفتار يعني حديثن کي پنهنجن ڪتابن ۾ جمع ڪيو آهي جيئن ابن سني، القضاعي ۽ ابن الاصلاح”.
مون هن ڪتاب ۾ نبي سڳوري جي انهن سهڻن لفظن ، جامع ڪلمن ، مختصر حديثن کي طالبن جي سهنجائي خاطر ۽ قرب وارن دوستن جي شوق ڏيارڻ لاءِ الف ب وار ترتيب ڏيو ويو آهي.
مخدومٺٽوي حديث، سيرت ۽ تاريخ جي مختلف وڏن ڪتابن جي جدا جدا باغن بستانن ۽ گلن گلستانن مان گلغنچا چونڊي.حديثن جو هيءُ گلدستو جوڙيو آهي. جيتوڻيڪ رسول الله ﷺ جن جو ڪلام وحي الاهي آهي. حضور ﷺ جن جون حديثون به علم ۽ حڪمت جي نور سان ڀرپور آهن. پر مخدوم ٺٽوي هن ڪتاب ۾ مختصر ، جامع،موقعي مناسبت سان ٺهڪنڙ معنيٰ خيز ۽ اهي چونڊ حديثون شامل ڪيون آهن. جيڪي عرب ملڪ يا اسالمي علمي دنيا ۾ عام مشهور پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن طور استعمال ٿين ٿيون. حديثون مختصر پر جامع، هدايت جي نڪتن سان ڀرپور ۽ دل کي سرور بخشيندڙ آهن.
جهڙي طرح سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي برڪت ڀرئي رسالي ۽ بيتن مان مختصر سٽون گفتگو ۾ ڏاڍو رس پيدا ڪن ٿيون ۽ موقعي آهرگفتگو ۽ مضمون کي دلچسپ بنائن ٿيون. مثال طور محنت ۽ جاکوڙ لاءِ مشهور آهي:
“ تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي(شاهه)
يا ڀليڪار لاءِ چئبو آهي:
“ الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي (شاهه)
شاهه لطيف ۽ حديث نبوي:
اهڙي ريت مخدوم ٺٽويءَ، حضور ﷺ جون مختصر ۽ جامع حديثون چونڊيون آهن ۽ اسان شاهه ڀٽائي جا بيت به ساڳئي حديث جي معنيٰ ۽ مفهوم وارا چونڊي شامل ڪيا آهن مثال طور:
“اِتَّقِ اللہَ حَیثُُ کُنۡتَ “ (حديث)
ترجمو: جتي به هجين ته الله کان ڊڄ
شاهه ڀٽائي به شاهڪار رسالي ۾خدا جي خوف کان روئڻ جي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته خدا جو خوف کان کاهوڙين يعني عبادت گذار صالحن کان ڳل تان ڳوڙهو به ڪونه ٿوسڪي: “خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان”
“اَلۡخَمۡرُ جِمَاعُ الۡاِثۡمِ “ (حديث)
ترجمو: شراب گناهن جي پاڙ آهي.
شاهه ڀٽائي به حديث جي روشنيءَ ۾ چوي ٿو ته : اسلام ۾ شراب حرام آهي انڪري شراب نه پي. پر شراب جي سڌ به نه ڪر:
“ مَ ڪر سڌ شراب جي، جي تون ٽاريين ٽوهه”
“اَالنَّدَمُ تَوۡبَۃٌ “ (حديث)
ترجمو: پشيماني توبهه آهي.
شاهه ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ گنهگارن انسان کي ليل جي روپ ۾ توبهه تائب ٿيڻ ۽ ليلائڻ جو درس ڏنو آهي. ته هي دنيا منٿ ۽ توبهه ڪرڻ جو ماڳ آهي:
“ليلا! ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو “ (شاهه)
مخدوم هاشم ٺٽوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1102هه کان 1165هه) ٻارهين صدي هجريءَ جا هيرا ۽ همعصر آهن. مخدوم ٺٽويءَ جو نالو علمي دنيا ۾ سج وانگر روشن آهي. ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به سنڌ جي شاعرن جو سرتاج آهي. سندس رسالو حق ۽ هدايت جي هيرن کاڻ آهي.
ڪامل ولي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1152هه ــ 1192هه) سنڌ جي شاهه سيد عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس شاهڪار رسالي کي هنن لفظن ۾ ساراهيو آهي:
آهي عبداللطيف تي رضامند و رحمان
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ سولو ڪيو

حقيقت به اها آهي ته شهيد گرهوڙي بزرگ،ساهه ڀٽائي جي روهاني ۽ شرعي فڪر انگيز ڪلام کان متاثر ٿي چيو ته سيد عبداللطيف ڀٽائي تي رب رحمان جون رحمتون هجن. جنهن قرآن شريف جي ترجمي ۽ تفسير کي سولي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پنهنجي رسالي ۾ سمائي ڇڏيو آهي.
خود شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي روهاني پيغام ۽ آفاقي ڪلام لاءِ چيو آهي:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نئو من لائين، پريان سندي پار ڏي
حقيقت ۾ شاهه جو رسالو شريعت ۽ طريقت، معرفت ۽ حقيقت جوخزانو آهي. رسالي جي پيغام کي معنيٰ جي لحاظ کان سنڌيٻوليءَ ۾ قرآن جون آيتون ۽ تفسير چيوويو آهي. شاهه جي رسالي جا پارکو ليکڪ ٽرمپ ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ قليچ کان وٺي وفائي، قاسمي، علامه قاضي، سرائي امداد علي، ڊاڪٽر سورلي ۽ ڊاڪٽر بلوچ تائين اها ڳالهه ڪندا آيا آهن.
“ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي”
شاهدي طور شاهه جي رسالي ۾ قرآن مجيد جون گهڻيون آيتون تضمين طور آيل آهن. ان ڪري رسالي ۾ ڏاڍي سونهن سمايل آهي.
پر اسان هتي نئين زاويي کان شاهه جي رسالي کي. صاحب قرآن حضرت محمد ﷺ جي حديثن مبارڪن جي روشني ۾ سجهڻ ۽ ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
مخدوم هاشم ٺٽويءَهن ڪتاب” حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم” عربي ۾ هڪ سو ويهه مختصر حديثون چونڊي شامل ڪيون آهن. اسان هر هڪ حديث مبارڪ اصل عربي، ان جو سنڌي ترجمو ۽ پنهنجن لفظن ۾ انهن حديثن مبارڪن جي ٿورڙي سمجهاڻي ۽ فائدو لکي. آخر ۾ حديث نبويءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم موجب شاهه جي رسالي مان ساڳي معنيٰ ۽ مطلب وارا بيت شامل ڪيا آهن.
هونئن ته اڪثر ليکڪ قرآن جي آيتن جي معنيٰ موجب شاهه جا شعر چونڊي، مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ لکندا آيا آهن. پر هتي نبي پاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جي حديثن مبارڪن جي معنيٰ ۽ حديثن جي مفهوم جهڙا شاهه جا بيت شامل ڪري، هڪ جديد ڪوشش ۽ نواڻ ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ شاهه جي رسالي ۾ شاهه لطيف قرآن جي آيتن سان گڏ. نبي سائين ﷺ جون ڪيتريون حديثون به تضمين طور آنديون آهن. پر اڪثر ليکڪن ۽ شاهه جي پارکو شارحن شاهه جي رسالي ۽ بيتن کي نبوي حديثن مبارڪن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان هڪجهڙائي ۽ ڀيٽڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي آهي. گهڻو ڪري اها اسان جي پهرين ڪوشش آهي.
خاص ڳالهه ته هر هڪ حديث مبارڪ جا عنوان به شاهه جي رسالي جي بيتن مان ساڳئي معنيٰ ۽ مفهوم پٽاندر چونبڊيا ويا آهن. گويا شاهه جي بيتن جي چند لفظن ، اڌ سٽ يا سٽ ۾ سڄي حديث نبويءَ جي معنيٰ سمايل ۽ ان جي نشاندهي ظاهر ٿئي ٿي.
حديثن مبارڪن جا لفظ سهڻا، سليس، چٽا ۽ مطلب ظاهر آهي. پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي جي هيٺان سمجهاڻي طور پنهنجن لفظن ۾ بنهه ٿوري وصاحت به ڪئي وئي آهي ته جيئن ڳالهه سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.
حديثن مبارڪن جي تخريج مڪتبه قاسميه جي مطبوعه نسخي کان اخذڪيل آهي.
شاهه جا بيت، غلام محد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آء ِآءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ گنج رسالن مان ورتا ويا آهن. شاهه جي بيتن کي ڳولڻ :اءِ “ شاهه جو رسالو” (از عبدالغفار “ گوهر” دائود پوٽو) ۽ “ ڪشف الابيات” (از ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) سامهون رهيا آهن.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو علم حديث ۾ تحقيق ۽ مطالعي جو ڪمال هي آهي ته هن ننڍڙي رسالي” حلاوة الفم” ۾ حديث جي مشهور محدثن ۽ ڪتابن امام محمد بن اسماعيل بخاري جي صحيح بخاري کان وٺي ابن المنير تائين 58 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن ۽ تحقيق جو معيار برقرار رکيو آهي.
مخدوم ٺٽويءَ جوايڏو مطالعو ۽ حديث نبويءَ ۾ايڏي ته گهري نظر ۽ تحقيقي آهي. جو پاڻ ڪتاب جي آخر ۾ نتيجو ڪڍي لکي ٿو ته:
“نبي پاڪ ﷺ جن شريعت جي متفرقات ۽ مختلف ڳالهين اسلام جي مکيه اصولن کي رڳو هنن چئن حديثن ۾ گڏ ڪيو آهي
حديث: اِنَّمَاالاَعۡمَالُ بِالنِّیَاتِ( بخاري، مسلم)
ترجمو: عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.
حديث :اَلۡحَلَالُ بَیَّنٌ وَالۡحَرَامُ بَیَّنٌ
ترجمو: حلال پڌرو آهي ۽ حرام به پڌرو آهي (مسلم وغيره)
حدیث اَلۡبَیَّنَۃُ عَلَی الۡمُدَّعِیۡ وَ یَمِیۡنُ عَلٰ مَنۡ اَنۡکَرَ
ترجمو: شاهد، دعويٰ ڪندڙ فريادي تي آهن ۽ قسم انڪاري تي آهي.
حدیث لَا یُکۡمِلُ اِیۡمَانُ الۡمَرۡءِ حَتَّی یُحِبُّ لِاَخِیۡہِ یُحِبُّ لِنَفۡسِہٖ
ترجمو: ڪامل ايمان وارو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اها شيءِ پسند ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪري.( بشارع، مسلم ؓعا)
هنن چئن حديثن مبارڪن مان پهريون حديث مبارڪ عبادات واري حصي تي مشتمل آهي.
ٻي حديث مبارڪ معاملات دنيا جي ڪار وهنوار يعني واپار وڙي تي مشتمل آهي.
ٽئين حديث مبارڪ حڪومت هلائڻ بابت قاعدن قانونن تي مشتمل آهي.
۽ چوٿين حديث مبارڪ آداب ۽ انصاف تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ڏوهن کان روڪٿام به داخل آهي.
مقصد ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان حضور پر نور نبي ﷺ جن جي جوامع الڪلم مختصر حديثن ۽ شاهه ڀٽائي جي هم معنيٰ ۽ مفهوم وارن بيتن ڏاڍو رس چس پيدا ڪيو آهي ۽ علم و عمل واسطي آساني ٿي پئي آهي.اميد ته نبي پاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جا امتي. هنن نبوي حديثن جي مٺن ٻولن کي پڙهي ۽ عمل ڪري ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ماڻيندا. آمين
سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن
ڪانهي قيمت تن، مُل مهانگو ان جو

مٺي مرسل جي شفاعت ۾ اميدوار
طالب العلم
عبدالرسول قادري بن مجنون خان مگسي
ڳوٺ بخشو مگسي (ديهه7 دڙي مگسي)
يونين ڪائونسل ماروي
تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نواب شاهه سنڌ