مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

سون ورنيون سوڍيون

اَلنَّاسُ مَعَادِنُ کَمَادِنِ الذَّھَبِ وَالۡفِضَّۃِ خِیَارُھُمۡ فِی الۡجَاھِلِیَّۃِ خِیَارُھُمۡ فِی الۡاِسۡلَامِ اِذَا فَقَھُوۡا
( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ مسلم ابو هريره ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو:ماڻهو کاڻين وانگر آهن، جيئن ڪا کاڻ سون جي ته ڪا چانديءَ جي، جيڪڏهن عقل ۽ سمجهه اٿن ته جاهليت ۾ به ڀلا ۽ اسلام ۾ به ڀلارا.
سمجهاڻي: جيئن معدني ڌاتن جون کاڻيون مختلف آهن. اهڙيءَ طرح ماڻهو به مختلف طبيعتن ، عادتن، خاصيتن ۽ خصلتن وارا ٿين ٿا.مثال طور سون جي کاڻ مان سون، چاندي جي کاڻ مان چاندي نڪرندي آهي. ايئن انساني فطرت ۽ طبيعتن جو حال آهي. نيڪ ۽ چڱي ماڻهو مان ته ڀلائي جي اميد هوندي آهي. البت اسلام کان اڳ جاهليت واري زماني ۾ انساني فطري خوبيون اسلام آڻن کان پوءِ، ته ويتر نکري نروار ٿي پيون. جيڪو به جاهليت واري دور ۾ ڏاهپ سمجهه سان باصلاحيت جو ته اسلام۾ به اهو باڪردار باصلاحيت ڏاهو ۽ سمجهدار آهي. اسلام ۾ ئي دين جي سمجهه حاصل ڪرڻ سان ڪامل ڀلائي ملي ٿي. برائين کان پاڻ بچائڻ ئي اخلاق جي بهتري آهي.
شاهه ڀٽائي به سون ۽ چاندي جي تشبيهه اهڙن ماڻهن لاءِ سر مومل راڻي ۾ ڏني آهي.
“ سون ورنيون سوڍيون” رپي رانديون ڪن
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن
ٿيا لاهوتي لطيف چئي، پسڻ لئي پرين
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
(شاهه)