مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

سا مجلس ئي مَٽ

اَلۡمَجَالِسُ بِالۡاَمَانَۃِ
( هيمبارڪ حديث جابر بن عبدالله ﷦ة کان ابودائود ۽ ابن ماجه روايت آندي آهي.)
ترجمو: مجلسون يا ڪچهريون امانت آهن.
سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ انساني معاشري بابت اهم ڳالهه سمجهايل آهي ته يارن دوستن، مٽن مائٽن يا اميرن ڪبيرن جي مجلس يا ڪچهري ۾ ڪيل راز وپاريون ڳالهيون ٻين عام ماڻهن کي نه ٻڌائجن. ائين ڪرڻ سان هڪ ته راز کلي پوندو ۽ نقصان جو انديشو آهي. ٻيو ته ٻيهر ڪير به راز کولڻ واري ماڻهو تي ڀروسو نه ڪندو. کيس ڦاٽوڙو دهل ڄاڻندو.جيڪو ڄڻ ته وقت بنا وقت پيو وڄي.
گويا ڪچهريون به امانت آهن جو ڪچهريءَ ۾ ٻڌل ڳالهيون به امانت سمجهي هر هڪ سان نه کولجن ۽ راز کي راز ئي رهڻ ڏجي. راز ۾ به وڏي رمز رکيل هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته راز کلڻ سان چڱي ڪم ۾ به رڪاوٽون پئجي سگهن ٿيون.
البت جيڪڏهن ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ٿين. ته ان کي ٻڌائڻ ضروري آهي. جيئن اهو ماڻهو نقصان کان محفوظ رهي.
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي
“سا مجلس ئي مٽ” جي حاصل هوءِ هزار جو
(شاهه)