شاعري

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽  اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.

Title Cover of book تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

هزارن ۾ هڪڙو حيدري - مهتاب اڪبر راشدي

هزارن ۾ هڪڙو حيدري - مهتاب اڪبر راشدي

ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته، ڪڏهين زندگي اسان کي اهڙا موقعا مُهيا ڪندي آهي، جو اسان اهڙين شخصيتن سان ملندا آهيون، جيڪي پنهنجي دؤر جون تمام وڏيون شخصيتون هونديون آهن؛ پر اُن مهل اسان کي انهن جي اصل قد ڪاٺ ۽ مرتبي جي ايڏي خبر نه هوندي آهي ۽ نه ئي اهو پتو هوندو آهي ته هن جهدِ مسلسل ۾ اها شخصيت ڪٿي وڃي هنڌ ڪندي ۽ اهو پڻ؛ ته تاريخ ان جو ڪهڙو مقام طئي ڪندي. مستقبل ۾ علم ۽ ادب جي ڪهڙي منزل تي سندس قدم پڳل هوندا ...، فڪر و دانش ۾ سندس نگاهه ۽ سوچ کي ڪو سمجهڻ وارو به هوندو؟ هو ڪنهن جي لاءِ ٿو سوچي؟ صرف پنهنجي لاءِ .... يا وري هن جي سوچ جو محور پنهنجي ذات کان مٿاهون ۽ وسيع آهي. اِها سڄي سوچ منهنجي مٿان حاوي آهي، ان مهل جڏهن مان پنهنجي شمشيرالحيدريءَ متعلق سندس شاعريءَ جي “مجموعي”، ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو....!“ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪريان.
شمشيرالحيدريءَ تي هن کان اڳ به مان ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ ڳالهائي به چڪي آهيان ۽ سندس شخصيت متعلق پنهنجي وس آهر ڪجهه لکيو به اٿم. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان ڇپجندڙ سندس شاعريءَ تي مشتمل هي ڪتاب ضروري به هو ۽ بروقت به آهي. اسان ته خوشقسمت آهيون جو اسان کي، پنهنجي دور جي هڪ وڏي ذهين، دور رس نگاه رکندڙ، قلم جي ڌڻيءَ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان جنون جي حد تائين عشق ڪندڙ شخص کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو.
مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ٽيليويزن تي ”موتين مالها“ پروگرام (مان جنهن جي ڪمپيئر هئس) جو اسڪرپٽ لکڻ وارو؛ ظاهري طور تي هڪ خاموش ۽ بردبار ۽ انتهائي نهٺائي رکندڙ شخص، اڳتي هلي، مختلف حوالن ۽ حيثيت سان مون سان اڪثر رابطي ۽ تعلق ۾ رهندو ايندو. سندس نالو، عالم، ادب، صحافت ۾ هڪ گونجار مثل سنڌ ۾ گونجبو رهيو آهي. پنهنجي سوچ ۾ واضح ۽ اصولن ۾ پختو، نه گوڙ ڪرڻ وارو نه ئي اجاين بحث مباحثن ۾ الجهڻ وارو، مان نه ٿي ڀانيان ته هو ڪڏهين واندو به ويٺو هوندو. هو مسلسل ڪم ڪندو رهيو ۽ وکر وهائيندو رهيو. دل ٿي چوي ته سندس شخصيت جي گهڻ پاسائين هئڻ جي مختلف پاسن کي ڦلوڙجي، پر منهنجي لاءِ مختص ڪيل صفحن ۾ شايد ايتري گنجائش نه هجي. ڪوشش ڪنديس ته پاڻ کي، سندس شاعريءَ، ان جي موضوعات، ٻولي ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي جنهن نموني هن طبع آزمائي ڪئي آهي؛ پاڻ کي اوستائين محدود ڪريان.
شمشير جي ڇا ڳالهه ڪريان، جيڪو پنهنجو پاڻ کي شاعر مڃڻ کان ئي انڪاري هجي، تنهن ”مذاق مذاق“ ۾ شاعري ڪرڻ واري جي (هن مهل تائين) ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ۽ هر صنف ۾ ڪيل شاعري، پنهنجي دل سان ڪيل شاعري؛ ”فرمائشي“ شاعري (ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ) مشاعرن جي ميزباني ڪندي ۽ پنهنجي پاران به سامعين آڏو شعر ۾ اندر اوتڻ وارو هڪ وڏو دور آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. سچ پچو ته سندس ڪيترا غزل، قطعا، وايون، ترائيل رعبائيون ۽ بي حد حسين خيالن جي پرواز سان جوڙيل آزاد نظم، مون پهريون ڀيرو پڙهيا ۽ سندس تصور جي پرواز ۽ لفظن جي سحر ۾ ڄڻ ته گم ٿي ويس.
نگاهون اُلاري ڇڏيئي ڇا ڪيئي
اڙي يار ماري ڇڏيئي ڇا ڪيئي.

اڃا چنڊ هو رات جي سينڌ ۾،
ته گيسو سنواري ڇڏيئي ڇا ڪيئي

ٿو قسمت سان شمشير ڪنهن کي ملي
اُنهيءَ کي وساري ڇڏيئي ڇا ڪيئي.

مشهور سندم نغمه سرائي آهي
هر حرف ۾ تدبير سمائي آهي،
مان جنهن کي جيئارڻ ٿو گهران سو جيئدنو
تدير جي تشريح اجائي آهي.

سندس شاعري مون کي ڪيڏي مهل ائين ٿي لڳي، ڄڻ هو دنيا جهان جي هر فڪر کان عاري ٿي، صرف پنهنجو پاڻ ۾ گم هجي ۽ پوءِ هن جو قلم درياءَ جي روانيءَ وانگر سندس دل جي گهرائي ۽ احساس جي مستيءَ ۾ وهندو ٿو وڃي. سندس منظر نگاري ۽ جذبات جي اُٿل پٿل جيتري حسين اُهي اوتري ئي سوچن کي جهنجهوڙيندڙ ۽ اندر کي چهڪ ڏيئي جهير جهير ڪرڻ واري آهي. ان لاءِ سندس طويل آزاد نظم ”اڌ صديءَ جو داستان“ ان جو بهترين مثال آهي. اهڙي طرح ”چوي ڪير ٿو ته تون ڪجهه نه ڪر“، ”مسرت جي منزل“ ۽ ”هجرت“ اُهي نظم آهن، جن جي نه طوالت پڙهڻ واري کي ٿڪائي ٿي ۽ نه ئي دماغ، شمشير جي سوچ سان انڪاري ٿيڻ جي جرئت ڪري سگهندو.
انهن آزاد نظمن ۾، شمشير؛ انسان هٿان قدرت جي ڏنل تحفن؛ وڻن، ٻوٽن، دريائن، چشمن کي پنهنجي لاعلمي ۽ لاپرواهي ۽ لالچ جي صليب تي چاڙهي ڌرتيءَ تي انسان جي آئيندي کي مشڪل ۽ تقريباََ ناممڪن بنائڻ طرف ڌڪي ڇڏيو. تنهن انسان کي وري ساڳي فطرت، کيس اشرف المخلوقات جي رتبي جي احساس سان ٻيهر واڳي جنت جهڙي نئين ڪنواري ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جو چاهه پيدا ٿو ڪري.
”ڌرتيءَ جو فرزند ڪري پيو نئي نويليءَ ڌرتي ڏانهن هجرت جي تياري جنهن جي ڪنواري مٽيءَ اندر سانڍيل هونديون ڪئين ڪروڙين سالن جون سوغاتون جنهن جي زرخيزيءَ جي سگهه، پراڻي ڌرتيءَ جي پهرين ئي ڏينهن برابر هوندي، جنهن جي هوا ۽ پاڻي، کاڌو ميوا، ڊگهو جياپو آڇيندا.
”جنت جهڙي جنت هوندي نئين ڪنواري ڌرتي
فطرت جو فرزند ڪري پيو جنت ڏانهن هجرت جي تياري“
پنهنجي وطن سان شمشير جي محبت جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، ان جو اظهار هن شاعري جي مختلف صنفن ۾ ڪيو آهي. مثلاََ غزل جا هي ڪجهه بند ڏسو:
انصاف جي آئين جي فتويٰ ٿو ٻڌايان
زردار کان زياده ڪو دغاباز نه آهي.

غدار پيا سنڌ جي سودي کي چُڪائن
صد حيف، ڪو ”هوشوءَ“ جِهو جانباز نه آهي.

سنڌ جي دردن ۽ ان سان ٿيندڙ ظلمن ۽ غدارين کان شمشير کان وڌيڪ ٻيو ڪير باخبر هوندو؟ هو جتي هڪ باشعور ۽ باخبر قلم ڌڻي هيو، ان سان گڏوگڏ حالات کان واقف، تاريخ جو ڄاڻو هو. سياستدانن جي انهن سڀني ترڪتالن کان به آگاهه هو، جيڪي پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ شهيدن جي نالي ۾ ماڻهن جي جذبات کي ڀڙڪائڻ ۾ پورا آهن، تن جي خيالن کي سمجهندي، شمشير ان فڪر جي نفي ڪندي لکي ٿو:
جان جان پوي ديد، ڪانهي ڪمي ڪٺن جي
لکن جو ليکو نه ٿيو، ڪي ڪي سُعا سعيد
اڄ پڻ ڪسن ڪيترا، ماروئڙا مزيد،
ترتئون تاريخ ۾، ڪجي ڪا ترديد،
ٿي ويا کوڙ شهيد، ”غازي گهرجن سنڌ کي“.

شمشير پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ انوکي ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ طبع آزمائي اِها ڪئي آهي ته سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب ۽ لوڪ ادب ۾ بيان ڪيل تاريخي ۽ لوڪ ادب جي ڪردارن کي، سنڌ جي حال جي تناظر ۾ رکي، انهن دودن، ميهارن، مارُن ۽ ڏياچ جي ڪردارن جي تنزلي ۽ خود غرضيءَ کي اهڙي ته موثر نموني بيان ڪيو آهي ته جتي هو پنهنجي زبان و بيان ۾ ادب ۾ ڪنهن به ”بي ادبي“ جو موجب نه ٿو بڻجي، اُتي اوتري ئي سچائي سان سنڌ واسين کي حقيقت جي تناظر ۾ کين سندن اصل چهرو به ڏيکاري ٿو.
ڇڏ ڙي يار همير، ڪاڪ هلي ڪو مرڻو آهي!
نانگ بگهڙ جت ڇيڪ گهمن پيا، خوني ٻيا خنزير
آءُ ته کائي چڙهه ڪريون ڪو، پيونءِ ڪونڍير....
اڄ ڪ سڀاڻي ڪاڪ محل کي ڊاهيندا رڻبير....
سي ئي پسن مقصد جي مومل، جيئرا جن ضمير

(ڪاڪ هلي ڪو مرڻو آهي!)

هر ڪو پيش امام، ناهي نمازي ڳوٺ ۾ !
ڏيڍ سريون جوڙيائون مسيتون پنهنجي نام
پنهنجا خطابا، پنهنجيون ٻانگون، ٻئي جو ٻڌڻ حرام
هر ڪو ليڊر هر ڪو ورڪر، ڪوئي ناهي عوام
هڙئي سچا، هڙئي ڪوڙا، واجب ڪُل قتلام
سائين خير ڪريئي، سنڌڙي، جينئن شال مدام.

(هرڪو پيش امام)

مارئي جهل نيڻن، مارو توتان هٿ کڻي ويا
ڪالهانڪر تون پاڻ ڏسين ٿي، ڪٿ ٿا ڪانگ لنون
سي ئي توسان سڱ ڇني ويا جن سان هو ءِ وچن
سرتيون تنهنجي حال جون هاڻي، ڪوهه پچارون ڪن.

هيڏانهن تنهنجا هيڏا رينگا، هوڏانهن ڪن نه جن
کيت ۽ ڦوڳ ملير ۾ هاڻي، گهمندا گڏ وتن
مارو تنهنجا محلاتن ۾،روز سلاميون ڪن
عمر وٽان انعام پرائي، ٻهڪيو پيا ٻهڪن
ڏيهي پرڏيهين جي وچ ۾، ٻڌيو ٻوٿ گهمن
سنڌڙيءَ هاڻي پاڻ سنڀالج، پنهنجو خاڪ بدن.

(مارو توتان هٿ کڻي ويا)

کلي پيو کنگهار، روز چنيسر ڪئين وڪجن پيا!
نَو لکي جا روپ هزارين، چمڪن پيا چوڌار
ڪن کي ٺيڪا، بنگلا، ڏوڪڙ، ڪن کي جهنڊي ڪار
هار تي پيار جي سودي جي اڄ لڳي جمعي بازار
سي ه ٿين مڻي تي موهت، جنهين وڏا ويچار
ليلان، ڪونرو، جکرو، ٽيئي سنڌڙيءَ جا غدار

(نَوَ لکي جا روپ هزارين)

شمشير شاعريءَ ۾ هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ واه جي ڪئي اهي، هو واقعي به ڏات ڌڻي هو، الله ان کي ان جي نهٺائيءَ ۾ ئي عظمت بخشي، شاعريءَ جي هر صنف تي دسترس رکندي به پاڻ کي “وڏو” ته ڇا پر رڳو شاعر سڏائڻ کان به پاسيرو هو۔ اها سندس ڪسر نفسي هئي کيس خبر هئي ته سندس حرف حرف، ماضي، حال ۽ مستقبل جو امين آهي، سنڌ سان سندس محبت ڪنهن سَنَدَ جي محتاج نه هئي. هو پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ ڌرتيءَ جو قرض چڪائيندو رهيو. شاعريءَ ۾ جديد لاڙن جو مهندار شاعر، پنهنجي ايم اي جي امتحان لاءِ گهربل مونو گراف به “سنڌ جي آزاد شاعري” تي ئي لکيو (جيڪو ڪٿان به هٿ ڪري ڇپرائجي، ته شاگردن لاءِ رهنمائيءَ جو سبب ٿيندو).
شمشير! پراعتماد، بهادر، ڪنهن کان مرعوب نه ٿيڻ وارو، پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان، حالتن کي بدلائڻ وارو، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو هڪ منفرد ڪردار هو، پنهنجي دل جون ڪيفيتون هو تحرير ۽ تقرير، شاعري ۽ ڊرامي، اخباري ايڊيٽوريل، ريڊيو، فيچر ۽ ٽي وي ڊرامي وسيلي بيان ڪندو رهيو.
خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!
”شمشير“ کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سخن شايد!

محفل کي جاڳائڻ واري شمشير کي ڏسڻ لاءِ اکيون واجهائن ٿيون، اهو اسان جو شمشير ئي ته هو جيڪو چئي ويو:
تنهنجي ترڪش جا سڀئي تير کٽي ويا شايد
ڪو نئون وار ڪرين ها ته مڃان ها شايد

تون نه ٿو ڄاڻين ته مان وقت جو فرزند آهيان
منهنجي لاءِ آد کان هي راند جو ميدان آهي،
ڪوئي مون کان نه کٽيو آهي سرن جي بازي
منهنجي هر چال ۾ نئين دور جو انسان آهي.

حقيقت هيءَ آهي ته هن مضمون ۾ مان شمشير جي شاعريءَ جي توجيهه ۽ توصيف سان انصاف نه ڪري سگهي آهيان. سندس شاعريءَ جو هي مجموعو، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاءِ باعث افتخار ٿيندو، هيءَ پبليڪيشن ڄڻ ته شمشير جي “لاٽ”، “مٽيءَ جو ماڳ”، “دودو گهرجي ديس کي”، “مسرت جي منزل”، “همسفرو”، “مشورا” ۽ باقي سڀئي غزل، قطعا، گيت، وايون، بيت، ڪافيون ۽ آزاد نظم، ادب جي شاگردن لاءِ نه صرف تحفو، بلڪه تعارف آهي ان مرحلي لاءِ جنهن ۾ سنڌ جي هن البيلي فرزند جي قلمي پورهئي تي تحقيق جي ابتدا ڪجي.
جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان
ملنگ مَست، الستي، قلندري آهيان،
عجيب آهيان، هزارن ۾ “حيدري” آهيان.