تخليق جو اعتڪاف
هرڪو ڄاڻي،
ساري دنيا ٿي سڃاڻي،
مان وڏو ليکڪ، مان وڏو شاعر ۽ دانشور، وڏو عالم اديب:
منهنجي هر هڪ حرف ۾ تدبير جي جادوگري،
منهنجي هر هڪ لفظ ۾ تقدير جي صورتگري،
منهنجي نغما، منهنجا گفتا، ڄڻ ته سحرِ سامري:
اهڙي منهنجي شاعري،
جنهن سان جاڳي قوم ساريءَ جو نصيب:
قوم چاهي ٿي ته مان لکندو رهان،
سنڌ جي سانگيئڙن، جهانگيئڙن، ماروئڙن جون حالتون،
ڏسندو رهان، لڇندو رهان،
سنڌ جي سورن اندر سڙندو رهان، پچندو رهان،
قوم چاهي ٿي ته ڪي نغما انوکا ڳائجن،
سونهن ۽ سرهاڻ سان ناتا نوان ڪي لائجن،
هجر جا ۽ وصل جا مفهوم ئي بدلائجن،
عشق جي نظرن کي ڪجهه وسعت ڏئي،
حسن جا معيار ٻيا ڪي ٺاهجن،
۽ سڄي تاريخ تي ليڪا ڏئي،
جنگ جا ۽ امن جا مطلب سڀئي ڦيرائجن،
قوم چاهي ٿي، وري
شاهه ۽ سچل جيان،
سچ جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن،
مچ تي ميڙا ڪجن،
۽ وري ٽانڊن تي واريل گيت ڳاڙها ڳائجن،
مون انهيءَ جي لاءِ اڄ تخليق جي هڪ نئين نراليءَ ڀٽ تي،
فڪر جي هڪ نئين درازا شهر وٽ،
اعتڪاف آهي ڪيو خود اختيار،
مان ڏسڻ ڌاران ڏسان پيو هرڪو منظر، هرڪو حال،
مان ٻڌاڻ ڌاران ٻُڌان پيو هر ڪا ڳالهه،
مان انوکا گيت پيو ڳايان وري،
جن کي ڪي الفاظ ناهن،
جن کي ڪوئي سُر نڪو آواز آهي:
ماٺ جا نغما اُهي،
گيت ڳاڙها، لال، ٽانڊن تي ورايل،
توکي ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا؟.....
ڪاش توکي باهه جهڙا لال ڳاڙها ڪن هجن!