سانجهه
آڌيءَ مانجهيءَ، سنجهه سنواري،
رڙهندو رهجئين پير وڌاري.
ڪنهن کي ڪنهن تي ناهي ڀروسو،
هرڪو پنهنجي تند تنواري.
رهبر ئي خود رهزن آهي،
هردم هلجئين هوش سنڀاري.
منزل کان ڪجهه اڳتي وڌي وڃ،
هر هر ڪو پويان ٿو پڪاري.
دنيا جي اکين ۾ ڏسان ٿو،
دنيا ڪنهن کي پيئي نهاري.
وصل جو لقمو ڪوسو آهي،
وات ۾ وجهجئين ڦُوڪي ٺاري.
عشق زوراور آهي ازل کان،
ڪنهن کي ٻوڙي، ڪنهن کي تاري.
تنهن ڏينهن ڪو رستي ۾ بيهاري،
دل کي ڦري ويو اک ڏيکاري.
دل نه ڀُلائي، سچ ئي هوندو،
ڪجهه ته چيو هو تنهنجي اشاري.
پيئڻو ئي پوندو اڄ توکي،
روز وڃين ٿو ڳالهه کي ٽاري.
شعر پڙهي “شمشير” هي تنهنجا،
ياد ڪندو هُو توکي وساري.