شاعري

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽  اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.

Title Cover of book تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

تهذيب دشمن

تهذيب دشمن

ڳالهه ڳُجهڙي به هئي،
ڳالهه پڌري به هئي:
ڪالهه پوئين پهر
ڪير آيا ويا،
راڄ ساري اڳيان ڏئي ساري کري کي ويا چوچڙيءَ:
باهه ڀنڀٽ ڪيا،
ڪي ته ماڻهو مئا،
ڳوٺ جو ڳوٺ کن ۾ ويو سارو سڙي.

ڳوٺ جي رک مٿان،
دونهن ۽ دز منجهان،
هڪ جُڳن جي جهريل جهور ٻڍڙيءَ ٿي دلدوز دانهون ڪيون:
ڇو ڀلا ڳوٺ منهنجو ئي هر هر اجاڙيو وڃي ٿو،
اباڻن ڪکن کي ئي سداڙيو وڃي ٿو؟
اڙي ڪوئي آهي جو مون ڏي اچي؟
اڙي ڪوئي آهي جو منهنجي ٻڌي؟
اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اها وارتا ڪو ته مون کان پڇي،
ڪير آيا ويا، ڪنهن ڏني چوچڙي،
ڪوئي آهي جو مون کي سڃاڻي سگهي،
ڪو ته مون کان پڇي،
منهنجي ٻانهينءَ جي چُوڙن تي تاريخ جا نقش ڄاڻي سگهي؟
مان ته آهيان مهين جي دڙي جي اها نِر تڪي،
جنهن سوين بار هن “سک نگر” جي دٻيل کنڊرن جي مٿان
ڳوٺ ٺهندي ڏٺا، ڳوٺ ڊهندي ڏٺا.
ڪير ايندا رهيا،
ڪير ايندا رهيا،
ڪير ڏيندا رهيا هر دفعي ڳوٺ کي چوچڙي؟
مان جُڳن کان انهن کي، انهن جي اريءَ ۽ پريءَ کي سڃاڻان،
هو دهشت ۽ وحشت جا باني مباني
هي شيطان ثاني،
هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن هي تهذيب دشمن ئي آهن نڀاڳا،
مهين جي زماني کان سنڌوءَ ڪنارن جي تهذيب تي جي سڙن پوسرن ٿا.

اڙي راڄ وارا،
اڙي راڄ وارا،
اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هي تهذيب دشمن
خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل:
اوهانجي، جا شاهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم
ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سندو:
جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟
جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

ته اي راڄ وارا،
وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،
۽ سنڌوءَ جي لئه اُن جو پاڻي بچايو:
نجات آهي پاڻي،
حيات آهي پاڻي،
هي پيغام آهي مهين جي دڙي جي ٻڍي نرتڪيءَ جو، اوهان جي امڙ جو.