نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
اِها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي:
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
*
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سرعام هر بات چوندا رهياسين:
اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌُتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
*
دِل جي پُرشوق دلاسن تي هليا آياسين،
سُونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
*
درياهه کي فطري جي ضرورت سمجهو،
لڙڪن جي طلاطلم جي حقيقت سمجهو:
دل دوست جي فرقت ۾ ٿي روئي جڏهين،
انسان جي انسان سان الفت سمجهو.
*
جهان عشق جو سردار آخري آهيان،
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ، مست، الستي، قلندري آهيان،
عجيب آهيان، هزارن ۾ “حيدري” آهيان.
*
مشهور سندم نغمه سرائي آهي،
هر حرف ۾ تدبير سمائي آهي:
مان جنهن کي جيئارڻ ٿو گهران، سو جيئندو،
تقدير جي تشريح اجائي آهي.
*
درد جي لذت جڏهين بيدار ٿي،
دل سراپا جنت ديدار ٿي:
ڪيتريون ئي اُلفتون جُهومي اُٿيون،
هر گهڙي گذري نگاءِ يار ٿي.
*
اڄوڪو ڏينهن به گذري ويو خيالن ۾،
اڄوڪي رات ڏکن جي ڀلا کُٽي ته سمهون:
ڪڏهن خيال، ڪڏهن انتظار ۾ آهيون،
اوهان جي ياد اسان کي سمهڻ ڏئي ته سمهون.
*
زماني جي تقدير بنجي چڪا،
نئون سج، نئون ڏينهن، نئين روشني:
انڌيرن جو رکوال سوچي پيو،
ته ڪيئن مارجي فڪر جي زندگي.
*
ڪڏهن ڪڏهن ته اوهين خود به ٿا وڃو وسري،
اسان جي دل کي ڪڏهن ڪو قرار ئي ڪونهي:
اسان کي آهي زماني تي دسترس حاصل،
اوهان جي ياد کان ليڪن فرار ئي ڪونهي.
*
ٻڌون ٿا ته اڄ چاره گر ٺيڪ ناهي،
مليريا جو گويا مُڇر ٺيڪ ناهي،
ٺلهي جام تي سر جُهڪايو ٿا، قبلا،
اوهان جي به شايد نظر ٺيڪ ناهي.
*
سهسين سهڻيون سائر ٻوڙيون، سائر ٻوڙيون پاڻ،
انت بحر جي اندر جي ير ڪا نه پئيسين ڄاڻ،
عمر سڄي “شمشير” گذاري پاڻ به سهڻن ساڻ،
“سچل” جي سرڪار ۾ پهچي، حُسن ڏٺوسين هاڻ.