لطيفي لات
وقت تي حالات جا پاڇا پيا،
چوطرف خاموشين شورش ڪئي،
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،
روشني چپ چاپ منهن موڙي وئي،
روح کي بيچينينون گهيري ويون،
دانهن کان مايوس ٿي، سُڏڪا ڀري،
زندگي قيديءَ جيان روئندي رهي،
ڪيئي صديون ڪيئي سال،
عقل جي تاريخ موٽي پئي وئي.
تنهن گهڙيءَ،
وقت جي شاعر جي دل تڙڦي اُٿي!
ڌيان جي کڙڪي کُلي،
روح کي پرواز جي طاقت ملي،
ذهن ۾ لهرائي ويئي زندگيءَ جي روشني
۽ اچي ويئي نظر،
پنهنجي ماضيءَ جي خبر،
شاعرن جو شهنشاهه مصروف هو،
پنهنجي نغمن ۾ ڀريائين پئي اثر،
ڪُل زمانو وقت جي آلاپ سان سرشار هو،
۽ سڄي تاريخ ڄڻ بيهي رهي،
ڪو زمانو ٿي ويو،
ظلمتون ۽ روشنيون اينديون رهيون،
دوبدو ٿينديون رهيون،
هر گهڙي هڪ آزمائش،
هر گهڙي هڪ امتحان،
ڪير ڪنهن جو ترجمان؟
هر طرح جون نعمتون موٽي ويون ٺڪرائجي،
هار کائي ويا زماني جا فريب،
آخر ڀڙڪي اٿي دوزخ جي آڳ،
يعني مرڪي پيئي جنت جي ڪنيز،
ظلمن جي ڇا خبر،
وقت جو شاعر مگر مصروف هو،
جنهن جي دل ۾
روشنيءَ جو راڄ هو، سوراج هو.
وقت تي حالات جا پاڇا پيا،
چوطرف خاموشين شورش ڪئي،
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،
ڪيئي صديون، ڪيئي سال،
وقت جو شاعر اڃا ڳائي پيو،
زندگيءَ جي ساز تي،
پنهنجي لطيفي لات کي!