مسرت جي منزل
زمانو نه بيٺو،
ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!
هي منزل جا دوکا، هي دوکن جي منزل،
هي خوش فهميون ۽ غلط فهميون،
هي منزل جي رخ تي هزارين ئي وڻڪار جا ڪاڪ -محلات،
پنهنجي ڪمالات جي دلڪشيءَ سان،
هر هڪ راهو و قافلي کي، ايئن ئي، پيا عيش آرام
جون دعوتون التجائون سڃيندا!
نهايت ئي مسرور آهن نگاهون،
نهايت ئي مشڪوڪ آهن نظارا-
تصور جي تخليق جا ڪارناما،
هي بيجان پٿر، ٿر جي مورن ۽ شيرن جي بيروح،
بي پهچ بتن جون سؤ سؤ قطارون،
هي گمراهين جون هزارين مزارون،
مڙئي ڪوڙ آهن (مگر چند آثار الزام جي دوائرن ۾ نه آهن)
اهي سڀ نظارا،
اسان کان اڳي ئي، زماني جي راهن تي پنهنجي
قدم آزمائي ڪندڙ پيشروئن جي جولان جي ڌوڙ آهن،
مسرت جي منزل جي تاريخ بيحد پراڻي پراڻي،
ازل کان ابد جي مسلسل ڪهاڻي!
هي منزل نما سائبانن جا کنڊر،
هر هڪ راهو و قافلي جي نشاني،
شڪسته ۽ ويران:
انهن تي عجب ڪريو يا نه ڪريو،
اهي سڀ ائين ئي، اتي ئي، زماني جي پرزور،
پيرن ۾ پامال ٿيندا!
گهڻي دير ٿي وئي انهن کي تڪيندي،
وري رات ٿي وئي انهن کي تڪيندي،
وري رات آئي، وري صبح ٿيندو،
ايئن ئي، انهن رات ۽ ڏينهن جي سلسلن ۾،
زماني جي رفتار جو علم عرفان دٻجي وڃي ٿو!
زماني جي تاريخ تي هڪ نظر،
ٿي بخشي ازل ۽ ابد جو شعور،
مسرت جي منزل طرف هڪ قدم،
ڏئي ٿو نئين زندگيءَ کي جنم:
سدا لازوال آهي انسان جي عظمتن جو ظهور!
اها آهي بس زندگيءَ جي حڪايت،
اٽل آهي بس وقت جي رهگذر تي نظارن جي
تبديلين جي روايت
ته اي همسفر ساٿيو، مهربانو،
مسرت جي منزل جا راهي جوانو!
پُڪاري پئي وقت جي عام نوبت:
نرالن نظارن جي تخليقن جا ڪارناما، اوهان جي
جهان ساز نظرن ۾ مستور آهن،
خوشيءَ جا خزانا، مسرت جا هي لمحا تازا ترانا،
اوهان جي سخن ساز شيرين زبانن جو دستور آهن،
اوهان جي سدا صاف فڪر و عمل ۾،
حياتيءَ جي فنڪارين جا هزارين ئي شهڪار معيار موجود آهن-
مسرت جي منزل پڪاري پئي:
عبث آهي ماحول جي مٽجندڙ منظرن تي قناعت،
اٿو، ڪُوچ ڪريو!
قدم باقدم، وقت جي رهگذر تي،
خوشيءَ جي ترانن جي جهونگار ڪريو،
نرالن نظارن جو اظهار ڪريو!
۽ جيڪي طلسمات جي ڪاڪ-محلات ۾ کوئجي ويا،
انهن کي ڇڏي ڏيو، ايئن ئي، سندن حالتن جي حوالي:
ڀلي وائڙن جيان نگاهون ڄمائي،
بنا سرت، چپ چاپ، بيٺا رهن سائبانن جا بيڪار کنڊر تڪيندا!
انهن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،
اهي سڀ، ايئن ئي، اتي ئي زماني جي پرزور پيرن ۾ پامال ٿيندا!
زمانو نه بيٺو،
ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!