شاعري

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽  اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.

Title Cover of book تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

جنگ جو ديوتا

جنگ جو ديوتا

رات چانڊوڪي هئي،
ٿڌڙي ٿڌڙي، ڇُوٽ، گهِميل هئي هوا،
جنهن تي ترنديون آيون ٿي بي روڪ ڇاٽون،
سنڌڙي انبن جي سُرهي ٻُور جون،
اڀ تي تارن ڪئي ٿي کيچلين ڪڪرين سان هر دم،
لڪ لڪوٽي راند ڪيڏيءَ مهل کان،
۽ هتي هڪڙي ٻُهاريل پڊ تي،
ڳوٺ جا ڪي ٻارڙا،
رات کان ٿڪجي ٽٽي، گهيرو ٻڌي،
ڪن پيا ڪچري قرب جي،
اوچتو،
ٿڌڙيءَ ٿڌڙي ڇوٽ، گهميل هوا تي،
ٿورڙي ئي پنڌ تان،
ترندا آيا ڪي وڏا آواز، ڄڻ گوليون هجن،
ٻارڙا ڇرڪي اٿيا،
۽ وري ويهي رهيا،
“ويهو ويهو، هڪڙي وڏڙي ٻارڙي کلندي چيو،
“جهنگ ۾ ماري شڪاري ڦرندا هوندا”.

اکيون ڦاڙي، ڊپ وچان، ڪنهن ٻئي چيو:
“ايئن نه هوندو، پڪ سان ڌاڙيل آيا هوندا پنهنجي ڳوٺ ۾”
پتڪڙي معصوم هڪڙي ٻارڙي ڳالهه ڪئي،
ڪلهه ئي بابا ٿي چيو، “اڄ سڀاڻي جنگ اچڻي آهي
پنهنجي ڳوٺ ۾”

ڪجهه گهڙين لئه ٻارڙا چپ چاپ سوچڻ ۾ لڳي ويا
اوچتو هڪ ٻارڙي واڪو ڪيو: “جنگ ڇاهي؟”
“ڇا خبر؟”
“جنگ ڪنهن آهي ڏٺي؟”
“تو ڪڏهن آهي ڏٺي؟”
“ڪنهن ڪڏهن آهي ڏٺي؟”

جڏهن سڀني ٻارڙن مان ڪونه ڪڇيو،
پتڪڙي، منهن تي شرارت آڻي سنهڙي ۽ دٻيل آواز ۾ جهونگاريو:
“مون ڏٺي آهي اُها!”
هڪڙي ڀيري هوءَ اسان جي ڪڻڪ جي ٻارن مٿان گهمندي وتي،
“ڏاڍي سهڻي هئي اها:”
“جهڙو پوپٽ، جهڙي ڀنڀوري هجي!”
اوچتو ئي اوچتو،
هر طرف هڪ ٻئي پٺيان، سؤ سؤ ٺڪائن جا وڏا ڌمچر متا،
باهه جا ڀنڀٽ اٿيا،
۽ يڪا يڪ ساري ئي ماحول ۾ بارود جي بدبو گهلي وئي،
ٻارڙا سڀ گهائجي، گهوماٽجي، پئجي رهيا.


تنهن گهڙيءَ،
اوچتو پر گهٽ ٿيو ٻارن جي وچ ۾،
جنگ جو بيرحم قهري ديوتا:
ٿڌڙي ٿڌڙي، ڇوٽ، گهميل هوا ٽانڊن جو
گهر بڻجي وئي،
سنڌڙي انبن جي سرهي ٻور جون ڇاٽون
اُماڙيون ٿي ويون،
چنڊ ۽ تارا اکين کان ٿي ويا اهڙا الوپ،
ڄڻ هئا ئي ڪينڪي،
ڪڪريون ساريون وڏي بادل ۾ پيهي،
ٽڙ پکڙ، گم ٿي ويون:
جنگ جو بيرحم قهري ديوتا
ٽهڪ ڏيندو، رنڀندو، نچندو رهيو،
موت جو خونخوار ناچ.

۽ ائين چوندو رهيو:
جيستائين ڪوبه نسل
جنگ کي سمجهي ٿو ڀنڀوريءَ جيان،
پوپٽ جيان،
مان ائين نچندو ئي رهندس،
مان ائين نچندو ئي رهندس!