هجرت
اربين سالن کان هي سورج منڊل آهي قائم پنهنجي توازن سان،
ايامن کان ڌرتي پنهنجي محور تي هر دم گردش ۾ آهي،
ايامن کان چنڊ ۽ تارا ڪتيون اُڀ ۾ پيا ٿا چِلِڪن چمڪن،
سمنڊ ۽ دريا، جهنگ جبل، هي وڻ ٽڻ ٻوٽا چوڌاري،
پکين، جيتن، حيوانن جون ذاتيون لک هزارين،
ڌرتيءَ هيٺان ڌن جون کاڻيون، پاڻيءَ منجهه حياتي،
ڪڪرن مان برسات وسي ۽ مٽي سونهن اپائي،
هي سڀ ڇا جي لاءِ؟
ٺهيل ٺڪيل مانڊاڻ هي سارو،
آخر ڪنهن جي لاءِ؟
ڪنهن کي آڇي فطرت پنهنجو ايڏو عظيم الشان هي تحفو،
جيڪو هن مانڊاڻ جي مقصد ماڻڻ لئه تخليق اندر تخليق جو نئون مانڊاڻ اڏي،
ڌرتيءَ تي نت نوان نرالا منظر ڪي ايجاد ڪري؟
سو ته فقط انسان ئي هو،
ساري مخلوقات ۾ اشرف.
فطرت جو شاگرد اهو انسان وڏو وهنواري هو،
ڌرتيءَ کي سينگارڻ لئه سهڪاري هو،
پاڻي، مٽيءَ، باهه، هوا ۾ هن هزارين......
گُهپ انڌيرن، انت اُجالن جي طلسم سان،
حُسن ۽ حيرت جي سنگم تي،
سوين هزارين ڪاڪ محل تخليق ڪيا.
فطرت جي ٽساليءَ اندر،
فنڪاريءَ جي بيحد خوب ڪماليت سان،
تبديليءَ جا رنگ رچايا.
فطرت جي همراز انهيءَ انسان، گهڻيون آسيسون ماڻي،
ڌرتيءَ تي ڏاهپ جي مثالي تهذيبن جا جهنڊا کوڙيا،
پولارن ۾ پيهي هن زمان مڪان جا ڀيد پروڙِيا،
اشرف مخلوقات، انهيءَ اڙٻنگ وَڙولِيا دَنگَ سمورا.
ٽهڪ ڏنا شيطان انهيءَ دانائيءَ جي نادانيءَ تي،
عَقل جي آڪڙخانيءَ تي،
پوءِ اُمالڪ،
هڪڙي اڻکٽ مرڪ، شرارت جي چڻنگن سان ڀريل، هن جي جهنم زار پن تي ڀڙڪي پيئي
پوءِ يڪا يڪ،
صدين تائين بارودن، بم گولن، جا ازغيبي ڪئين پڙلاءَ فضا ۾ گونجي ويا.
بارودن، بم گولن جي از غيبي پڙلائن تي موهت، مست مگن ٿي،
اشرف مخلوقات تڪبر جي گهوڙي تي، سنج رکي نافرمانيءَ جا،
فطرت کان تخليق جي هر ڪا گوءِ کٽڻ لئه،
هن جي سڀ مانڊاڻ کي چڪنا چور ڪرڻ لئه،
مٽيءَ، پاڻيءَ، باهه، هوا ۾ ڀري ڇڏيا انبار سراسر بارودن جا.
ڌرتيءَ کان آڪاس، سڄو ماحول ويو، ٿي زهريلو،
سج، چنڊ، تارن، ڪتين جو سنسار ڏڪي ويو،
سمنڊ ۽ دريا، صحرا ۽ ڪهسار ڪنبي ويا،
پکين، جيتن، حيوانن جا ساهه سڪي ويا،
فطرت جو سارو ئي سهڻو باغ لڳو انسان اجاڙڻ جي پويان،
تڏهين غيض غضب سان ڀرجي،
فطرت پنهنجي اصولن، قانونن، اختيارن جي طاقت سان،
پنهنجو رد عمل ڏيکاريو، بيحد سختيءَ، بيرحميءَ سان.
سج سوا نيزي تي اچڻ لاءِ پنهنجي تپش کي تيز ڪيو،
سمنڊ مڇرجي پيا ۽ هوا سان طوفانن جا بند ڀڃن جي سٽ سٽي،
جبلن پنهنجا آدجڳادي، اڻکٽ، اڻ ملهه، برف ذخيرا ڳاري دريائن ۾ اڇلڻ شروع ڪيا،
دريائن برفاني دنيا جو سڀ پاڻي خالي ڪرڻ لئه، سمنڊ سان ڳٺجوڙ ڪيو،
باهه قيامت بڻجي جبلن جي چوٽين کي ڌماڪن سان ڏاري ڦاڙي،
پٿرن کي پاڻيءَ جيئن پگهاري، ڦوهارن جي صورت ۾،
ڄڀين، اُلن، ٽانڊن جي برسات وسائي،
ڌرتيءَ پيداوار جي قوت پوڻي ڪئي،
مٽيءَ پاڻيءَ نين نرالين بيمارين کي جنم ڏنو،
ٻوڏن، سوڪهڙن، بيمارين، ڏرت ڏڪارن، طوفانن، ڀونچالن جو هڪ کيل عجائب جاري ٿي ويو.
ڌرتيءَ تي انسان جو آئيندو هاڻي ناممڪن ٿي پيو.
ڪڏهين اڳتي، سج جا ڪرڻا چڻنگون بڻجي،
سڀ جيون کي ساڙي ڳاري رک ڪندا،
ڪڏهين اڳتي ڌرتيءَ جو هي گولو،
سج سان ايئن ٽڪر جي وِکري ويندو، جيئن ڪو واريءَ ڪوٽ هوا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وڃي اڏامي.
اشرف مخلوقات جو اهڙو مرضيءَ جهڙو انت ڏسي،
خوشيءَ وچان شيطان هنبوڇيون هڻي، تڪبر سان، اهڙا زهريلا ٽانڊن سان ڀريل ٽهڪ ڏنا،
جن جنت جي ديوارن کي گرمائي ڇڏيو
۽ ڇرڪ ڀري رضوان ڪنن تي هٿ رکيا.
فطرت، جيڪا پنهنجي پياري ٻالڪ يعني اشرف مخلوقات جي رهبر آهي،
۽ جا ارڏاين تي هن کي سيکت ڏيندي آئي آهي،
تنهن کي آخر ترس اچي ويو.
ٻيءَ گهڙيءَ ۾، هن جي مڻيادار چپن تي هڪ آفاقي مرڪ کنوڻ جيان تجلا ڏيندي ترندي آئي،
جنهن سان يڪايڪ پولارن جون راهون جڳ مڳ چمڪي ويون،
فطرت جي منشا جي اشاري سان انسان ڏسي ورتو آئيندي جو خواب،
نئين ڪنواري ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جو خواب،
ڌرتيءَ جو فرزند ڪَري پيو نئين نويليءَ ڌرتيءَ ڏانهن هجرت جي تياري
جنهن جي ڪنواري مٽيءَ اندر سانڍيل هونديون ڪئين ڪروڙين سالن جون سوغاتون
جنهن جي زرخيزيءَ جي سگهه پراڻي، ڌرتيءَ جي پهرئين ئي ڏينهن برابر هوندي،
جنهن جي هوا ۽ پاڻي، کاڌو ميوا، ڊگهو جياپو آڇيندا
جنت جهڙي، جنت هوندي نئين ڪنواري ڌرتي
فطرت جو فرزند ڪري پيو جنت ڏانهن هجرت جي تياري.