سونهن جي صدقي
هوءَ سهڻي هئي، ڏاڍي سهڻي،
ايڏي سهڻي،
جنهن کي ڏسندي، اکيون يڪٽڪ ڄمي ويون ٿي،
صورت هن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شفق،
جهڙ مان سورج ليئو پائي، هن جي اينءَ جهلڪ.
هوءَ پياري هئي، ڏاڍي پياري،
ايڏي پياري،
جنهن کي ڏسندي، دل سيني مان نڪري وئي ٿي،
ڳالهيون هن جيون کنڊ پتاشا، ماٺ به مصريءَ تڙ،
ٽهڪ ائين، جئن گهنگهرو گونجن، مُرڪ ته وڄ وڪڙ.
هوءَ نياري هئي، ڏاڍي نياري،
ايڏي نياري،
جنهن کي ڏسندي، دل ۾ در دن دود دکيا ٿي،
اکڙيون هن جون انتر منتر، جادو جنتر قد،
مڙي ڏٺو جنهن پنڊ پهڻ ٿيو، رستا راهون رد.
پوءِ، هڪڙي ڏينهن ائين ٿيو،
هڪڙي وحشي ظالم شخص (جنهن جي هوءَ طلاقيل هئي)،
وجهه وٺي،
اهڙيءَ سهڻيءَ، پياريءَ، نياريءَ صورت کي گهوگها ڏيئي ماري ڇڏيو!
ڇاجي لاءِ؟
- جيڪا هن جي لاءِ بڻجي وئي هميشه لاءِ حرام،
سا ته وري ڪئن ٻئي جي لاءِ ٿئي حلال!
- يعني: “منهنجي چکيل ڀاڄي، ٻيو ڪو ڪيئن کائيندو؟”
اي مالڪ، اي خالق، ساري جڳ جا پالڻهارا،
قادر قدرت وارا، سائين، “دوست مٺا دلدارا”،
هڪڙو عرض اگهائج، مولا،
پنهنجي هن گناهن ڀريل، عاجز، گهندي بندي جو:
..... هن کان پوءِ.... هن کان پوءِ.....
(معاف ڪجئين، اي منهنجا مولا!)
هن کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي،
سهڻي، پياري صورت ڪا تخليق نه ڪج،
۽ جي نرمل نازڪ ماڻهو ڌرتيءَ تي رهن پيا،
سڀ جا سڀ ناپيد ڪري ڇڏ
هڪ ئي پل ۾، هيڪاندا!
- ڀل ته اِها بيقدرن ۽ بيذوقن واري،
بيدردن، بيرحمن واري دنيا،
سونهن کان خالي،
پيار کان خالي،
بدروحن جو دوزخ بڻجي!
جنهن ۾ ڪنهن کي آئيني ۾ شڪل ڏسڻ جي لوڙ نه رهندي،
ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ خاطر،
وهنجي سهنجي، ڌوتل ڪپڙا پائي،
عطر لڳائي،
ڪنگي ڏيئي، وار سجائي،
ماڻهو بڻجي،
جڳ سان گڏجي جيئري رهڻ جي آس نه رهندي.
پوءِ اکين مان گهُور، چپن تان مرڪ اُڏامي ويندي،
دلين اندر چاهت واري جوت اجهامي ويندي،
چڙ اندر جي اُڌما ڏئي، ذهنن کي ساڙيندي، جسمن کي ڳاريندي،
هر ڪنهن منظر ۾ نفرت جا ڀوت پيا دانهيندا،
هر ڪنهن چهري مان وحشت جي ڏائڻ ليئا پائي، ڏند ڪڍي پئي ٽهڪ ڏيئي ڊيڄاريندي:
تڏهن پاڻان بيزاريءَ مان هرڪو پنهنجو ماس پٽيندو،
تڏهن هرڪو هڪٻئي جو رت چٽيندو.
اُڀ ۾ ڪَتيون، چنڊ ۽ تارا پوءِ به هوندا،
سمنڊن ۾ مڇيون ۽ موتي پوءِ به هوندا،
ڪڪر هوا ۾ پوءِ به ترندا، مينهن به پوندا،
پکي پسون ۽ وڻ ٽڻ وليون، باغ بهارا پوءِ به هوندا،
بس، هڪ ماڻهوءَ ذات نه هوندي،
اُڀ کان ڌرتيءَ تائين شاهي دوزخ ۾، بدروحن جو واسو هوندو!
منهنجا مولا،
تون سونهارو، سونهن سان پيار ڪرين ٿو،
بس، تون پنهنجيءَ سونهن جي صدقي،
سونهن سان پنهنجي پيار جي صدقي،
پنهنجي هن گناهن ڀريل، عاجز، گندي بندي جو هي عرض اگهائج،
ڀل هيءَ دنيا بدروحن جو دوزخ بنجي!
بيشڪ مان به انهيءَ دوزخ ۾، بدروحن سان شامل هوندس،
جيڪو پوءِ به سڪندو رهندس پنهنجي وڃايل، سهڻيءَ صورت واري پياري ماڻهوءَ لئه!
بخش ڪجئين، اي بخشڻهارا،
پنهنجيءَ سونهن جي صديقي!