انقلاب جي سرحد
حُسين ابن عليءَ کي شهيد ٿيڻو پيو،
خدا جي راهه ۾ انصاف کي به مرڻو پيو،
فلڪ کي ظلم جو هي اهتمام ڪرڻو پيو،
قضا کي دين جي خاطر يزيد ٿيڻو پيو.
سدائين ڪوڙ کٽيو جبر جي سهارن تي،
دٻائي سچ کي تقدير جي حوالن سان،
رکي سياهيءَ جو الزام چنڊ تارن تي،
عجب مذاق انڌيرن، ڪيو اُجالن سان.
جو زهر پيتو هو سقراط ڪنهن زماني ۾،
گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو،
حيات جنهن جي طلب ۾ رهي ٿي سرگردان،
اهو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.
ڳلي جا طوق بدلجن پيا سدا، هر سُو،
ڏکي نه آهي صدين جي حساب جي صورت،
صليب مان ٿي اچي اڄ بهار جي خوشبو،
عجيب آهي اها انقلاب جي صورت.
گهڙيءَ گهڙيءَ کي زماني جي زندگي حاصل،
هزارين سال به تاريخ ۾ ويا گم ٿي،
جتي جتي به جُهڪيو حق جي اڳيان باطل
شفق ٿي چمڪي اُتي انقلاب جي سرخي.
ڏسي ٿو ڪير ڀلا آفتاب تي سرحد،
ٻڌائي ڪير سگهيو آهه خواب جي سرحد،
ڪروڙين ذهن فقط هڪ ڪتاب جي سرحد،
وسيع آهي اڃا انقلاب، جي سرحد.