ڪهڙا ڪهڙا ڪيئي نشانا،
هاءِ زمانا، هاءِ زمانا!
پيار ڪيو جن، يا ڏٺو جن،
سي ئي سڏجن ٿا ديوانا.
دل جي درد جو هڪڙو حيلو،
موت جي لاءِ ڪيئي بهانا.
مون ته ڪيو هو سِڪ جو سودو،
گوءِ کڻي ويا مال خزانا.
ڪير ٻڌي “شمشير” جون ڳالهيون،
هڪڙي دل ۽ سوءُ افسانا.
هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽ اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو