لاٽ
حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،
سندم نگاهه جي سامهون عجيب منظر هو،
پري، تمام پري، هئي خيال جي بستي،
قريب و دور فقط منهنجو ئي تصور هو.
عجيب قسم جي تنهائين جو هو ماحول،
وڏو وسيع هو ميدان، رات جو عالم،
فضا ۾ خوف جا آثار سڀ هئا پيدا،
سڄي جهان جا انڌيرا اتي هئا باهم.
هوا جو هانءُ ٿي ڦاٽو، ڪري وڏا واڪا،
رکي رکي ٿي وري بجلين کي وحشت ٿي،
ڊُڪيا ٿي چئن طرف ڪيئي ديوَ طوفان جا،
قضا جي خوف کان ڌرتيءَ کي پڻ ٿي دهشت ٿي.
مصيبتن جي انهيءَ رات تي نظر رکندي،
ڀلا ڏيئي کي مجال آهي جو رهي قائم؟
هلائي ڪير اچي پنهنجو ايترو حيلو،
مٽائي خود کي، ڏيئي کي رکي صحيح سالم؟
مصيبتن جي انهيءَ رات تي نظر رکندي،
يقين جي ته هتي حد ئي ڪٿي آهي
مگر خيال جي بستيءَ ۾ ڇا نه هو ممڪن،
هوا جي هنج ۾ شعلي جي پرورش ڇاهي!
هتي ته نُور نچوئي پيو ڪو نيڻن مان،
گهڙيءَ گهڙيءَ پيو اوتي اهو ڏيئي اندر،
وري وري پيو وٽ کي مٿي مٿي سوري،
جُهڪي جُهڪي پيو دامن بنائي سايه گر.
ڏيئي جي لاٽ وسامي وئي ته ڇا رهندو؟
اڃا ته ڪيئي مُحبتن جا مرحلا ايندا!
اڄوڪي رات جي مومل جو حال ڇا ٿيندو،
۽ ڪيئن ڏينهن جي راڻن جا قافلا ايندا؟
يقين آهي ته ايندا پٺيان اچڻ وارا،
اچي هتي ئي ڪندا پنهنجي وقت جي منزل،
انهن جي لاءِ ڀلا ڪا ته روشني گهرجي،
مچائيندا جي وڌي اڳتي عزم جي محفل!
محبتن جا اهي مرد پهلوان هوندا،
ڪندا هوا کي مسخر، ۽ رات کي برهم
فلڪ جو اوج انهن جا اچي قدم چمندو،
نرالي نور جا مشعل جلائيندا هردم.
ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،
اهوئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،
پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾،
هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي.
حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،
اڄوڪي دور جو دانا ڪري پيو محنت،
زمانو طئي ڪري آيو خيال جي بستي،
نرالي نور کي روڪي نٿي سگهي طاقت!