خامُشي ۾ ٿي نهان طرزِ ادائي، جاني،
سازِ دل چاهي ٿو اڄ نغمه سرائي، جاني.
ڇا ٻڌايان اثرِ دردِ جدائي، جاني،
تون وئين، تنهنجي فقط ياد ئي آئي، جاني.
منهنجي دل تو تي جڏهن کان وٺي آئي، جاني،
تنهنجي تصوير ئي اکين ۾ سمائي، جاني.
شمعِ اُميد مون هر بار جلائي، جاني،
شبِ فرقت جي مگر سحر نه آئي، جاني.
تون وئين، دل وئي، تاريڪ ٿيو سارو جهان،
هاءِ، ڳوڙهن به نه ڪئي راهه نمائي، جاني.
شوقِ ديدار ۾ هر چشم تماشائي بني،
مون سرِ راهه نظر پنهنجي وڇائي، جاني.
دير هئي تنهنجي ئي بس چشم ڪرم جي شايد،
بدگمان بنجي وئي ساري خدائي، جاني.
داد ڏي مون کي سندم ذوقِ نظر جو پيارا،
مان ٿيس تنهنجو، فقط تنهنجو فدائي، جاني.
عيد آئي ته سهي بزمِ جهان ۾، ليڪن،
منهنجي دنيا ۾ فقط تِيرگي ڇائي، جاني.
عيد عاشق جي بجز ديد نه آهي هرگز،
ٿي وڃي اڄ ته ذرا جلوه نمائي، جاني.
تنهنجو ديوانو ڏيڻ عيد مبارڪ آيو،
تون ملائي ته اچي دست حنائي، جاني.
ترڪِ عشق، ۽ نه غم دوست تي قدرت دل کي،
اهڙي مجبوري به ‘شمشير’ تي آئي، جاني!