پڙاڏو سو سڏ
مان ئي آهيان، مان ئي آهيان، مان ئي آهيان ملحد
ڇا لئه پنهنجي ذات لڪايان،
پاڻ پنهون آءٌ آهيان آهيان،
اصلون انالحق الايان،
ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهيان ڊاهيان.
مان ئي آهيان ملحد
آدم کان ڀي اڳ ۾ آهيان،
لوح قلم جي بات بتايان،
“ڪن فيڪون” جي چال چلايان،
“ڪين” منجهاران “ڪُل” بنايان،
عرش مٿي احڪام هلايان،
فرش مٿي فردوس بنايان،
ازل ابد جي راند رچايان،
مٿي پاڻي، ٺاهيان ڊاهيان،
سڀ ڪنهن صورت صاحب آهيان،
جُڳ جُڳ پنهنجو روپ مٽايان،
ڪڏهين عيسيٰ، موسيٰ آهيان،
ڪڏهين ڪرشن، رام سڏايان،
ڪڏهين احمد نانءُ رکايان،
گوتم بنجي گيان ڪمايان،
طُور مٿي ڀي پاڻ پسايان،
باهه اندر گلزار بنايان،
وه وا رنگي رنگ رچايان،
ڪثرت وحدت منجهه سمايان،
ڪڏهين ڀوت ڀڀوتي ڀانيان،
هندو بڻجي تلڪ لڳايان،
ڪڏهين ممبر مسجد ٺاهيان،
مومن جا مذڪور ٻڌايان،
ڪڏهين ڪربل ڪنڌ ڪپايان،
زهر پيان، سقراط سڏايان،
ڪڏهين سوريءَ سيج سجايان،
ملڪ مڙئي منصور بنايان،
اول آخر ظاهر آهيان،
سنڌ وطن جو ڏاهر آهيان:
مان ئي آهيان ملحد
ڪڏهن دل جي ديڳ دمايان،
ڍونگ سڄي جو ڍڪڻ لاهيان،
ڪڏهين لات لطيفي ڳايان،
سامي ۽ سرمست سڏايان،
ڪڏهن قرب قليچ ڪمايان،
دردن جا درياهه وهايان،
ڪڏهين سانگي پاڻ سڏايان،
پرهه سندا ڪئين باغ بنايان،
ڪڏهين “بيوس” باغي آهيان،
جاڳرتا جي جوت جڳايان،
محبت جو دستور هلايان،
الفت جا اعلان ڪرايان،
فطرت جو فرزند سڏايان،
پيار سندو پيغمبر آهيان،
اول آهيان، ثاني آهيان،
ساڳيو ساڳيو سچ سڻايان،
چارڻ بنجي چنگ وڄايان،
ڀنڀٽ باهه پيو ڀڙڪايان،
ظلم ذلالت لعنت آهيان،
شيخيءَ پيريءَ ڍينگو ڊاهيان،
آزاديءَ جو ناد وڄايان،
امن سندو جهنڊو جهولايان،
شيخ اياز اهوئي آهيان،
شوق منجهان “شمشير” سڏايان،
ماڻهن ليکي شاعر آهيان،
پوءِ به الائي ڇا ڇا آهيان،
جوئي آهيان، سوئي آهيان،
آهيان آهيان، ملحد آهيان:
مان ئي آهيان ملحد