اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،
ورهين جي وڇوڙن جا سڀ سور لهن شايد.
ماحول جي مستيءَ ۾ مُرڪن سان مليون سُرڪيون،
روحن جا اِهي ريلا چانڊاڻ گهُرن شايد.
هڪ وار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي،
انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايد.
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد.
ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد.
ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر،
دنيا تي “اناالحق” جا اسرار کُلن شايد.
سُوريءَ تي سڏڻ وارا! هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد.
بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي،
آئينده بهاريءَ جا پيغام هجن شايد.
“شمشير” کي سڏ ڪريو، “شمشير” ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو اُن جو ئي سخن شايد.