مهاڳ - هڪڙو شمشير هو زماني ۾
امداد حسيني
دل جي پرشوق دلاسن تي هليا آياسين
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
شمشيرالحيدريءَ جي ان جڳ مشهور قطعي سان، هڪ سُندري دهليءَ جي هڪ آڊيٽوريم ۾، سنڌ مان آيل وفد جي آجيان لاءِ رکيل پروگرام جو آعاز ڪري رهي هئي، جيئن ئي هن قطعو پڙهي پورو ڪيو ته سڄو آڊيٽوريم تاڙين سان ٻُري اُٿيو!
شمشيرالحيدريءَ به انهيءَ سَٿ جو ساٿاري آهي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ شاعري ڪئي، گدائي ۽ اياز ورهاڱي کان اڳ ئي شاعري ڪري رهيا هئا، شاعريءَ ۾ اياز جو استاد کيئلداس ”فاني“ هو، هو، تنوير ”بزم خليل“ جو ميمبر هو. اياز (ڀَونر ڀري آڪاس)، تنوير (رڳون ٿيون رباب) شمشير (لاٽ) جي پهرين مجموعن ۾ روايتي غزل موجود آهن.
ششيرالحيدريءَ گهٽ لکيو آهي ۽ هن جي شاعريءَ تي به گهٽ لکيو ويو آهي. هن مجموعي ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ ۾ سندس سڀ مجموعا گڏي ڇپايا ويا آهن، جنهن ۾ ٻارن لاءِ شاعري، ٽي وي لاءِ ڳايل گيت وغيره به شامل ڪيا ويا آهن. هتي سندس هڪ قطعو ڏئي ڳالهه اڳتي وڌايون ٿا:
زماني جي تقدير بنجي چڪا
نئون سج نئون ڏينهن نئين روشني
انڌيرن جو رکوال سوچي پيو
ته ڪيئن مارجي فڪر جي زندگي
اهو قطعو مون اڳي نه پڙهيو آهي.
شمشيرالحيدريءَ جو هي ديوان/ڪليات ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو!“ تڏهن منهنجي آڏو آهي، جڏهن ڊاڪٽر مون کي سختيءَ سان لکڻ پڙهڻ، ايستائين جو فيس بڪ تي گهڻي وچڙڻ کان ڪِري ڪرڻ جو چيو آهي اها ڪِري ٻه ڀيرا ته ٽوڙي چڪو آهيان!
هي ”ديوان“ ڄڻ شمشير الحيدرِيءَ جي شاعريءَ جو ”ڪچڪول“ آهي، جنهن ۾ سندس پهريون مجموعو ”لاٽ“ به آهي، ته ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به آهي، پيروڊيز به آهن، ته ٽي وي لاءِ لکيل گيت به آهن ۽ ”تاريخ جو ڪچرو“ به آهي! اردو ۽ سرائيڪي ڪلام به آهي!
شمشيرالحيدريءَ جي ڪلام تي لکڻ مهل ساروڻين جو هڪ اُجهاڳ سمونڊ آهي ۽ اُن جون ڇتيون ڇوليون ڇاتيءَ سان ٽڪرائجي ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ٿيون ۽ آنءُ ٻڏڻ اُپڙڻ لڳان ٿو. ڪهڙيون ساروڻيون ڳڻڻيون آهن؟ ڪهڙيون ڇڏڻيون آهن! اُهو پورو دور، جنهن کي نارايڻ شيام جي حوالي سان ”روشن ڇانورو“ جي مهاڳ/اڀياس ۾ سڳن آهوجا Neo-Classical Age سڏبو آهي، منهنجي اکين آڏو آهي، بلڪه پوري اتهاس سان اها ڳالهه لاڳو آهي، اهو پورو دور اتهاس جو هڪ انتهائي اهم دور آهي ۽ شمشير الحيدري اُن دور جو هڪ اهم شاعر آهي. سنڌ تي جڏهن، جيڪي به عذاب ۽ عتاب نازل ٿيا آهن، انهن جو مکيه ڪارڻ سنڌين جا پنهنجا پرڪار تي آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان اٺ سال پوءِ ون يونٽ مڙهيو ويو، سنڌ جو هزارها سالن کان دائم قائم نالو ميساريو ويو. سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ ڏوهه هو ۽ تڏهن اهي شاعر ئي هئا جن سنڌ جو نالو وڏي واڪ ورتو:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وَتو،
ڪاريهر تي پير پَيو!
(اياز)
روئندي روئندي نير کُٽي ويا، لهو اچي ويو لڙڪن ۾،
آءٌ ڪنءَ کلندي کير پيان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾.
(نياز همايوني)
ٻاهر گُلُ گلاب جا، من تن جو فولاد،
سنڌڙيءَ جو اولاد، پرکي ڏسو ڪانئرو!
(تنوير عباسي)
سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان!؟
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان؟
(تاجل بيوس)
ون يونٽ جي دور ۾ سنڌو جي پاڻيءَ، سنڌ جي زمينن، نوڪرين جي ڦرلٽ ڪئي وئي، ريلوي اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ لکيل نالا ڊاٺا ويا. سنڌي ٻوليءَ کان اُهي حق به کسيا ويا، جيڪي انگريز راڄ ۾ اُن کي حاصل هئا ۽ اُن کي پنجين درجي تائين واڙيو ويو. انهيءَ ظلم ۽ ناانصافي خلاف سنڌي اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن ”سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحالي“ جي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ روايت پرست، ترقي پسند ۽ ٻيون ڌريون به شامل هيون. پر اڳتي هلي هاسيڪاري اديبن ۾ ڦيٽاڙو وڌو ويو ۽ ”ادب ڪي آڙ ۾“ ۽ ”مذهب ڪي آڙ ۾“ جهڙا ڪتاب لکيا ويا اردوءَ ۾. پهريون ڪتاب رشيد احمد لاشاريءَ لکيو ۽ ٻيو ڪتاب شمشيرالحيدريءَ لکيو. شمشيرالحيدري نه رڳو ان سڄي صورتحال جو اکين ڏٺو شاهد هو، پر سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ان تحريڪ ۾ سندس متحرڪ عملي ڪردار پڻ هو. ان تحريڪ تي ڪيئن ”سياستبازن“ قبضو ڪري ان کي سبوٽيج ڪيو؟ ان جي پوتاميل لکڻ جو شمشير پاڻ ذمو کنيو. پوءِ ان بابت جڏهن به کانئس پڇيو ويندو هو ته سندس جواب هوندو هو ”مولا تي ننگ آهي“. پڇاڙيءَ ۾ پتو پيو ته ان ڏس ۾ ڪجهه ڇڙوڇڙ (Loose) چِٽڪيون ۽ اخباري ڪٽنگز ئي هيون!
1955ع ۾ ٽه-ماهي ”مهراڻ“ جو نئون دور شروع ٿيو، محمد ابراهيم جويو ان جو ايڊيٽر ۽ شمشيرالحيدري اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ”مهراڻ“ ۾ نثر توڙي نظم ۾ اعليٰ ادبپارا ڇپجڻ لڳا. ان ڏس ۾ شاعريءَ بابت ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جو ”مهراڻ-گولڊن جوبلي نمبر“ ۾ ”ٽه-ماهي مهراڻ-اڌ صديءَ کان سنڌي شاعريءَ جو اهڃاڻ“ جي عنوان سان هڪ اڀياس ڇپيل آهي، شاعري جو اهو دور ”لوڪ-ڪلاسيڪل، روايت کان جديديت“ تائين جو دور آهي، انهيءَ دور ۾ نه رڳو لوڪ، ڪلاسيڪل دور جي صنفن، جهڙوڪ: گيت، بيت ۽ وائي لکيون ۽ ڇپيون ويون، پر ڪلاسيڪل دور جي ڪردارن کي به نئين معنيٰ ڏني وئي، جيئن شمشيرالحيدريءَ جي نظم ”ڪاڪ محل“ ۾ مومل ۽ راڻي جو ڪردار آهي، ان ۾ تخليقيت ۽ تصوريت جو ڳانڍاپو آهي. خاص ڪري تڏهن، جڏهن اها تخليق ”ڪاڪ محل“ هجي! ۽ وري شمشيرالهيدريءَ جهڙي شاعر جي هجي، ان نظم جو پهريون لفظ ”زندگي“ آهي:
”زندگي“ ڪاڪ محل آهه ڪو ”رنگارنگي“
ان ريت شاعر هڪ بنهه نئين ڳالهه ٿو ڪري! هتي ڳالهه ”اجتماعي زندگي“ يا ”انفرادي زندگي“ کان چڙهيل آهي! ته پوءِ شاعر ”زندگي“ ڇاکي ٿو سڏي.
جنهن ۾ ”مقصد“ ٿو سدا، ناز ڪري ”مومل“ جان!
معنيٰ ته جنهن ”زندگيءَ“ کي ”مقصد“ آهي، اُهائي صحيح معنيٰ ۾ ”زندگي“ آهي! پر اها به اڌ معنيٰ آهي. پوري معنيٰ اُن ”مقصد“ کي ماڻڻ آهي! پر منزل تائين، مقصد جي مومل ماڻڻ تائين- واٽ اڻانگي آهي، جادونگريءَ مان پار پوڻو آهي، مِڪر ۽ فريب جو ٽڪساٽ آهي، ڇورين جا ڇال آهين، جن تي ڪئين جوڌا هِرکي ٿا پون، ماڳ ۽ مقصد وساري ٿا ڇڏين!
ها مگر مينڌرا منزل کي رَسي ئي رهندا.
جادونگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا
”عقل“ ۽ ”عزم“ جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي
پنهنجي مقصد سندي مومل کي پَسي ئي رهندا!
ان واٽ تي جيڪي به ڏکيائيون، پنجوڙ وڇايل آهن، انهن تي سوڀ صرف ”عقل“ ۽ ”عزم“ سان ئي پائي سگهجي ٿي.
شمشيرالحيدريءَ کي مون ڪڏهن به ڪنهن به مشاعري ۾ پني تي لکيل شعر پڙهندي ڪونه ڏٺو. هُن کي پنهنجي شاعري ياد هوندي هئي، نه ئي مون ڪڏهن هُن جي ڪا ڊائري، نوٽبڪ ڏٺو، جنهن تي سندس شاعري لکيل هجي. هن جڏهن هي مواد ڪمپوز ٿيڻ لاءِ ڏنو هوندو تڏهن ان جو ڪو اسڪرپٽ ئي، هٿ جو لکيل ڏنو هوندو، اُهو ڪٿي آهي؟ هٿيڪو به آهي يا نه؟ هن مجموعي ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ ۾ گيت، بيت، وائي، غزل، رباعي، قطعي، نظم ۽ آزاد نظم جي شاعري آهي.
شمشيرالحيدري دنيا جو (شايد) پهريون شاعر آهي، جنهن چيو آهي ته:
”آءٌ پاڻ کي شاعر نٿو مڃان، بس مون کي شاعري ڪرڻ جي ٽَل اچي وئي آهي“!
ان بابت جڏهن به کائنس پڇبو هو ته سندس ٺهيل ٺڪيل جواب اهوئي هوندو هو ته:
”مولا تي ننگ آهي!“
جنهن شاعر ”نادان“ جهڙو گيت لکيو آهي:
همت هاري ويهي نه رهجئين، مفت ۾ پنهنجي هار نه مڃجئين،
جيت سڀاڻي آهي تنهنجي، دل کي هي سمجهائي
گيت خوشيءَ جا ڳائي-نادان...!
يا ”مانجهي“ جهڙو گيت:
هيڪر جي سر سهسائي ڪاهين،
هِن ڀيري سان هُن ڀر آهين
هٿڙا ڪي ڀرپور
ساحل ناهي دور-مانجهي
لکيو آهي، يا مهه جبين قزلباش جو ڳايل ”تون ياد وري آئين...“ لکيو آهي:
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين،
چپڙن جي ڪنارن تي، هڪ باهه ٻري آئي،
انگ انگ ۾ اُٿيا اُڌما، لونءَ لونءَ ۾ ورهه وائي.
(...... ”لونءَ لونءَ ۾ ورهه وائي“، واري اُهائي سِٽ ڏني اٿم، جيڪا مهه جبين قزلباش ڳائي آهي، هتي ان سٽ جي پهرئين پد ۾ پهريان لفظ ”انگ انگ“ بدران ”انڱ انڱ آهن).
جنهن شاعر ”جبل مٿي جُهڙ او ڇورا“ جهڙو گيت لکيو آهي:
جُهونو ته ڇنو ٽمي پانجو،
سنهون ڙي چولڙو ڀنو مانجو،
هيڪلي هنڌ ۾ سيءَ مران جو،
تون ئي ته اَجهو اوڇڻ مان جو
ٿوهر ڪهڙو ٿڙ او جانب-جبل مٿي جُهڙ
(هن گيت جا ٻه Version آهن، ٻنهي ۾ ڪن لفظن جي صورتخطي غلط آهي)!
جنهن شاعر- ”ڪاڪ محل“، ”همسفرو“، ”انقلاب جي سرحد“، ”مُلحد“، ”مشورا“... جهڙا نظم سنڌي شعري اتهاس کي ڏنا هجن. اهو پاڻ کي شاعر نٿو مڃي ۽ پنهنجي ڪم جو آڌار انهيءَ ”ٽل“ کي ٿو مڃي، جيڪا هُن کي اچي وئي هئي! ”ٽَل“ جي هڪڙي معنيٰ ”ڏانءُ“ به آهي ۽ ”ڏانءُ“ توڙي جو شعور سان لاڳاپيل آهي، اُن جي اهميت ”ڏات“ کان گهٽ به ناهي، جيڪا قدرت پاران ملي ٿي:
چوي ڪير ٿو
ته تون پنهنجي جوڀن جياريل، بهارن جي بخشيل،
سُريلي ۽ شفاف، نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن،
تي، سدا صاف ريشم ۽ ڪم خواب و مخمل جي،
زرتار پوشاڪ پهرڻ ڇڏي ڏي....
شمشيرالحيدريءَ، حميد سنڌيءَ جي ”جشن روح رهاڻ“ ۾ پهريون ڀيرو نظم ”مشورا“ پڙهيو هو ۽ 19 رڪنن جي انهيءَ بند کي هڪ ساهه ۾ پڙهيو هو ته ٻڌندڙ به اُن سُر-لهر ۾ لڙهندا ويا هئا.
اُن ريت شمشيرالحيدريءَ جا ”غزل“ جهڙي سخت پابند صنف ۾ هيئتي تجربا آهن، مثال طور هي غزل، ٻه-رڪني آهي:
گُهري ٿو شمشير حق جيڻ جو،
انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وهه وا!
هِن غزل ۾ وري ٻه رڪن وڌايل آهن:
اسين حال هيڻا، اوهان جي خدائي، وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي، وڏي ڳالهه آهي!
نگاهون کڻي داد جي لاءِ مُرڪي نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اها ئي وڏي ڳالهه آهي!
شهشميرالحيدريءَ جي غزل تي الڳ سان لکڻ گهرجي، ائين اسين سندس ”روايتي غزل کان ترقي پسند غزل تائين ۽ نئين غزل تائين اوسر جا مرحلا ڄاڻي سگهنداسين.“ غزل جي هيءَ مطلع ”يوري گاگارين“ جي Space ۾ وڃڻ بابت آهي:
لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا
بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا
۽ هي شعر به:
ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد!
ان غزل جو هڪ ٻيو شعر ۽ مقطع:
خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!
”شمشيرا“ کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سخن شايد!
شمشيرالحيدريءَ جي غزل ۾ تغزل موجود آهي:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃي تون!
اهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون!
۽ سندس هي مشهور غزل، جيڪو ڳايو پڻ ويو آهي:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو!
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو!
هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
جيڪڏهن شاعري زندهه آهي ته شاعر به زندهه آهي، شمشير جي شاعريءَ لاءِ به ائين چئي سگهجي ٿو، پر هن مجموعي ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ جي ترتيب کي ڏسي، لڳي ٿو ته شمشير ان ڏس ۾ سنجيده نه هو! ان مجموعي ۾ ”پي آءِ اي“، ”سکر بئراج“ تي به نظم آهن، جيڪي ڪمرشل ليول جا نظم آهن، ان ۾ پئروڊيز به آهن ته ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به آهي.
جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي،
تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
اُن پني تي روشني ٿيندي رهي.
(امداد حسيني)
10 آگسٽ 2021ع
ڪراچي- سنڌ