شاعري

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

هن مجموعي ۾ شمشيرالحيدري جي شاعريءَ “لاٽ” جي ٻن اشاعتن ۾ شايع ٿيل مواد سان گڏ ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل”روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽  اڻ ڇپيل، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل توڙي ٽي وي ر يڊيو تي مختلف وقتن تي ڳايل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. هن شاعريءَ کي سھيڙي سميٽي “ڪليات” جي صورت ۾ آڻڻ جو سمورو ڪم شمشيرالحيدريءَ صاحب جي فرزند سليم حيدريءَ سرانجام ڏنو آهي.

Title Cover of book تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

مٽيءَ جو ماڳ

مٽيءَ جو ماڳ

جيون ڪوئي جهوٽو آهي،
پوءِ به حياتي، اڻکٽ ۽ بي انت مسافر،
پنڌ جو ڪوئي ڇيهه نه ڇيڙو،
پوءِ به زماني جي راهن تي،
ڪيئي ڄمارن جي هيءَ گاڏي،
اڄ به رهي ٿي اڳتي هلندي،
مٽيءَ جو هي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ ساز جي من موهيندڙ آلاپن سان گونجي پيو.

ڪڏهين هن جي “اڄ” جي ڪائي سُهڻي سُهڻي “ڪالهه” به هئي،
حال جي هر هڪ ڳِڙکِي پويان،
ماضيءَ جي ڪا سندر صورت،
سوچ لوچ جا ڳهڻا پائي،
پاڻ لُڀائي ويٺي ٻهه ٻهه ٻَهڪي چَهڪي.

ڪنهن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنهن جي سوچ جو گوشو گوشو،
پنهنجي سڃاڻپ جي نيشاني هر ڪو ڇڏي ويو.

مٽيءَ جي هن ماڳ اندر،
ڀاڳ سَڀاڳَ جي اُهڃاڻن جو انت نه آهي،
قبن ۾ مدفون محبت، عظمت واريون ڪيئي ڪهاڻيون،
گذريل گهڙين جي راهن تان، گذري ويندڙ پانڌيئڙن جون ڪيئي نشانيون،
جهور پراڻيون:
اڻکٽ هسوارن جي گهوڙن جي ٽاپولين جا پڳ ۽ پيرا،
فتحمندن جا دڳ ۽ ديرا.

مٽيءَ جو هي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ سازَ جي من موهيندڙ آلاپ سان گونجي پيو،
پوءِ به رڳو خاموشيءَ جا بيجوڙ پڙاڏا ٻڌجن ٿا،
ڪڏهين هن جي “اڄ” جي ڪائي سُهڻي “ڪالهه” به هئي.

حال جي هر هڪ ڳڙکيءَ پويان،
ماضيءَ جي ڪا سندر صورت،
سوچ ۽ لوچ جا ڳهڻا پائي، پاڻي لڀائي،
ويٺي ٻهه ٻهه ٻهڪي چهڪي.

هِن ئي هنڌن تي ڪڏهن وساريل وقتن پنهنجو اوج ڏٺو هو،
هن ئي هنڌن تي ڪڏهن گلن تي بلبل پنهنجو رقص ڪيو هو،
ڪنهن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنهن جي سوچ جو گوشو گوشو،
پنهنجي سڃاڻپ جي نشاني هرڪو ڇڏي ويو.

هن ئي هنڌ تي هنرمندن جي هٿن عجب شهڪار سنواريا،
اهڙا هڙا وکر وهايا،
پئي پئي جي ڪڏهن نه هرگز ٿين پراڻا.
اهڙا وينجهرَ،
جيڪي ڏات جا ڏيئا ٻاري، رات کي ڏينهن جو روپ ڏئي ويا،
هاڻي سڀ ڪجهه، مٽيءَ جي سيني ۾ آهي،
پوءِ به هِت ئي،
گذريل ڏينهن جي سا جڳمڳ جوت جلي ٿي،
جِهرمِر جِهرمِر، جَڳمَڳ جڳمڳ جوت جلي ٿي،
ڪِرڻو ڪِرڻو ذرڙن کي چمڪائي، چوڏس چنڊ ڪري ٿو،
ڪين منجهاران ڪُل ڪري ٿو.

ڪنهن مومل جي خوشين جي گهڙين جي ساٿي،
يا ڪنهن ٻانهياريءَ جي ڳورين ٻانهن کان ڪا وڇڙيل ٻانهين،
ڇِڻڪي ڇِمڪي، سُڏڪي سُڏڪي چُپ ٿي ويئي.

هي مڻيا، هي ماڻڪ موتي،
سورٺ جو سينگار بڻيا هئا:
مارئي جي لَڄَ، لِيلا جي لئه موههُ بنيا هئا:
نوريءَ جي لئه نياز بڻيا ۽ سَسُئيءَ جي لئه سورن جي سوغات بڻيا هئا:
هي مڻيا، هي ماڻڪ موتي،
روپ وتيءَ ڪنهن ڪونجل ناريءَ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتا هوندا:
جوڀن جذبا جاڳيا هوندا:
ٻهڪيون هونديون ڀاڳ سڀاڳ جون روشن راتيون.

هيءَ ئي آهي،
هيءَ ئي آهي،
سونهن ڀري سا سهڻي ڌرتي:
مٽيءَ جو هي، ماڳ اڳي هو،
اڄ ڀي آهي ماڳ مٽيءَ جو.
ڪنهن جي آس ۽ پياس جو تحفو،
ڪنهن جي سوچ جو گوشو گوشو:
پنهنجي سڃاڻپ جي نيشاني هر ڪو ڇڏي ويو.

ڪلهه جي ڏات جو سورهيه سياڻو،
اڄ جو ڄامَ، سُڀان جو راڻو!