اڌ صديءَ جو داستان
عمر جي معصوم، مخلص مرحلن ۾،
زندگيءَ جي راهه تي،
همسفر هڪڙو مليو هو-
اهڙو ئي معصوم، مخلص،
جهڙي هن جي عمر هئي.
ڪا خبر ئي ڪا نه هئي ڪهڙو سفر هو،
ڪا خبر ئي ڪانه هئي، سا راهه ڪيڏانهن ٿي وئي،
ڪا خبر ئي ڪا نه هئي، اڳتي ڪٿي منزل به هئي-
بيخبر اکڙيون هيون،
بيخبر دلڙيون هيون
بس ايئن ئي بيخبر،
وقت جي وڻراهه تي،
ٽهڪ ڏيندا، کيڏندا، کلندا، ڪڏهن پوپٽ ۽ ڀنڀوريون جهليندا،
يا وري،
رنگ برنگي گل پٽي جهوليون ڀريندا،
چنڊ تارن کي تڪيندا،
هڪٻئي جو هٿ جهلي،
جهومندا، ڳائيندا، هلندا ٿي رهياسين:
ڪيستائين؟ ڪنهن طرف؟
- ڪا خبر ئي ڪانه هئي.
پنڌ سارو هو گلن جي فرش تي،
هر قدم سرهاڻ جون اوتون هيون،
هڪڙي ئي موسم بهاريءَ جي هئي،
ڇانورا وڻڪار جا، بادل هئا، بوندون هيون.
پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو
ڪيئن الائي،
هڪٻئي جو هٿُ هٿَ مان ويو ڇڏائجي:
وقت جي وڻراهه تي ڪارا ڪڪر ويا ڇائنجي،
۽ وڏي گجگاهه ڪنهن جنگل ۾ ڦاسي،
پنهنجي پنهنجي منهن ٻئي ڀٽڪي وياسين،
سڏ پڙاڏا گونجندا، هر پل پري ٿيندا رهيا،
دل کي گهائيندا رهيا:
نيٺ هڪٻئي کان ايئن گم ٿي وياسين،
ڄڻ هميشه کان اڪيلا ئي هئاسين:
پنهنجي پنهنجي واٽ هر ڪنهن کي ملي اڳتي هلي،
زندگي گذري ايئن روئي کلي، اڳتي هلي.
******
اڌ صديءَ جي ڳالهه آهي،
زندگيءَ جي راهه تي،
حال واري موڙ تي،
اڄ وري سو همسفر سامهون اچي بيٺو اٿم!
بت بنيا حيرت وچان،
ايئنءَ تڪيندا ٿا رهون هڪٻئي جا چهرا،
ڄڻ ڊٺل ڪنهن چِٽ جون ليڪون خيالن ۾ ملائي،
رنگ تن ۾ يادگيرين جا ڀري،
ڪا تصور جي پر انهينءَ ڪنڊ ۾ دٻجي ويل تصور ٺاهيندا هجون،
هوريان هوريان،
پوپٽن، گلڙن ۽ ڀنڀورين جا ڪئين منظر اڀرن ذهن ۾،
روح ۾ سرهاڻيون پالوٽ ڪن ٿيون،
۽ يڪايڪ،
هن جون اکڙيون ٻوٽجي، ڇرڪ سان ٻيهر کلن ٿيون جنهن گهڙيءَ،
هن جي چپڙن تي سوين رابيل مرڪي ٿا پون:
۽ وري،
ٻيءَ گهڙيءَ،
مرڪ جا رابيل سڀ ڪومائجي، وکري وڃن ٿا،
۽ اکين ۾ هڪ وڏي گجگاهه جنگل جا نظارا ڇوهه سان پيهي اچن ٿا،
سڏ پڙاڏا، ويجهڙا ٿي، ذهن ۾ گونجڻ لڳن ٿا،
هو ڪنن تي هٿ رکي، ٻيهر اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو،
مان ڏسان ٿو،
سو ڪنول - چهرو ڪٿي؟
وقت جي وڻراهه تي، جر جهنگ جي بيرحم ڪوسين، تيز طوفاني هوائن،
هن جو سارو جسم لوساٽي ڇڏيو هو:
گل گلابي ڳل هئا ڪنهن سان رهڙيل،
۽ لڦون پيرن جون چِڪيون پئي اڃان.
******
هڪ ٻئي کان جي پڇي پڇجي ته ڇا؟
هڪ ٻئي کي جي ڏسي ڏسجي ته ڇا؟
ماجرا ساڳي هئي، دل جي ڪٿا ساڳي هئي،
آپ - بيتي هن جي منهنجي، برملا ساڳي هئي،
هو اکيون کولي چوي ٿو ايترو:
سمنڊ تان اڏري اچڻ ٿيو هو هتي،
سمنڊ تان اڏري وري وڃڻو اٿم.
سوچيان ٿو،
اڌ صدي جو هڪ “زمان” جو فاصلو گذريو ته ڇا،
اڌ صديءَ جو ٻيو “مڪان” جو فاصلو بڻجي ويو:
زندگاني ڄڻ “زمان” جي ۽ “مڪان” جي فاصلن جو جهنگ آهي،
جنهن جي ڪنڊن ساڻ ڦٽجڻ هر محبت جي مسافر جي اصل تقدير آهي،
مون ٽنگي آهي سندم دل جي پراڻي ڀت تي،
وقت جي ڊٺل اها تصوير، جنهن تي رنگ ليڪا يادگيرين جا
ڀريندس پيو انهيءَ منظر کي جوڙڻ جي لئه،
جو هجي منهنجي ۽ منهنجي همسفر جي درميان خالي
“زمان” جي ۽ “مڪان” جي فاصلن کان.