منهنجي ديس سمان
ڏيهه نڪو پرڏيهه سُڄي ير منهنجي ديس سمان،
چين ولايت تائين ساريون ڌرتيون سُڃ پسان.
ڪاٿي ماڻهو موتين جهڙا، مرمر لڱَ سندن،
ڪاٿي سونَ رُپي سان راڻيون راڻا رانديون ڪن،
ڪاٿي کاڌا پيتا ايڏا، ڪڏهين ڪين کُٽن،
ڪاٿي محنت معاف سموري، ڪم مشينون ڪن:
ساري دنيا سون هجي، پر پوءِ به ڪيئن مڃان.....
منهنجي ديس جي ماڻهن جهڙا ڪاٿي ڪين ڄمن،
مومل سهڻي، سومل سياڻي، مارئي محب وطن،
دودي، هوشوءَ، دريا جهڙا گهر گهر پيا پلجن،
ٿوري قوت قراريا، پنهنجي پو رهئي منجهه مگن:
لات لطيفي، سچ سچوءَ جو قائم آهي اڃان....
جنهن جي مٽيءَ ۾ منهنجا سڀ وڏڙا ٿيا دفن،
جنهن جي داڻي پاڻيءَ جوڙيو منهنجو تن بدن،
جيئري جنهن جي گود ۾ پلجي منهنجا رنگ رچن،
موئي به جنهن جي هنج ۾ منهنجا هڏ آرام وٺن،
تنهن جي ذري ذري تان مان ور ور گهور وڃان....