جيسين سج اُڀري
انت اوندهه رات آهي،
سوجهري جو ڪوئي ڪرڻو ڪنهن هنڌان ڏسجي نٿو،
ٿڌ ايڏي سخت، توبهه،
پهرئين ئي پهر پارو پيو پوي!
سيءُ سنڌن کي سُڪائي، لڱ ڇڏي لُوساٽيو،
پير هٿ پٿر جيان ڄميو پون،
ساهه سان ڄڻ برف پئي ڦڦڙن اندر سِيرون ڪري!
اهڙي حالت ۾ ڀلا،
ڪير ٿو ٻاري ڏيئا،
۽ وري ڪنهن کي سُجهي ٿو گهر جي درين ۽ درن کي بند ڪرڻ؟
بُت رڦن پيا، ڄاڙيون کڙڪن پيون،
ڪير ٿو ويهي ڪچهريءَ ۾ کِلي ڳالهيون ڪري؟
ايڏي اوندهه، ايڏي ٿڌ!
اڳ ته اهڙي رات ڪڏهين ڪانه آئي-
سڀ سويري ئي وڃي سوڙين اندر آهن پيا!
ٻارڙا سوڙين منجهان گهونگهٽ ڪڍي، اکين کي مچڪائي پيا گُهورين
اوندهه جو اگهور-
جنهن ۾ ڪوئي سج ناهي،
جنهن ۾ ڪوئي چنڊ ناهي،
جنهن ۾ ڪوئي تارو به چمڪي ڪونه ٿو-
ذهن جي تاريڪ پڙدن تي فقط چمڪن پيا اوندهه جا ڪارا ترورا.
ڳوٺ کان ٻاهر، وڏي ميدان تي،
شاهي ڪو آڙاهه پيو ڀڙڪا ڪري،
جنهن جون لاٽون اڀ تائين ٿيون پُڄن:
ٿڙڪندڙ شعلن جي دهشتناڪ پاڇولن وچان،
بيرحم ٽهڪن ۽ وحشتناڪ واڪن، هوڪرن سان،
ساروئي ماحول ڪچڙي گاهه جيان لرزي پيو:
ناچ شيطاني هلي پيو شام کان.
چوطرف آڙاهه جي،
ڪئين سوين شيطان هنبوڇيون هڻن پيا:
ڌڙ سڀن جا ساڳيا ماڻهن جيها،
پر منڍيون تن تي مِرُن جون مختلف
ڪي بگهڙ، ڪي ڀولڙا، ڪي رڇ ۽ سوئر پيا ڏيکارجن،
ڪي وڇون، ڪي نانگ ڪارا، ڪي ڳجهن جهڙا لڳن:
پڇ لوڏي، ڏند ٽيڙي،
کِل کيچل سان وڏا واڪا ڪري،
باهه ۾ هڪ هڪ ڪري وجهندا وڃن،
سڀ اهو سامان، جيڪو ڀاڳين جي ننڊ هوندي،
شهر جي کليل گهرن مان گڏ ڪري آندو اٿن.
**
ڳوٺ جي هڪڙيءَ پراهينءَ ڪنڊ ۾
جهوپڙيءَ ۾ ليٽيل ٻن ٻارڙين رلين جي هيٺان ٿڙڪندي سُس ڦُس ڪئي.
-“شاهه سائينءَ جو رسالو مون رکيو آهي لڪائي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي”
-“مورتي مُهين جي نچڻيءَ واري آهي مون به سوگهي ڪئي لڪائي،
پنهنجي ڇاتي سان لڳائي”
-“بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا”
-“هائو، جيسين سج اڀري”.