اڻپوري خواهش
مون بس جو انتظار ڪيو. بسون ڊيپن مان ڀريل پئي آيون. ماڻهو فوٽ بورڊن تي ائين لٽڪيل هئا، جيئن مانارن مان ماکين جون مکيون لٽڪيل هونديون آهن. ماناري کي چنبڙيل هونديون آهن. مان پڻ ڪنهن نه ڪنهن بس کي چنبڙي پوندو آهيان ۽ شهر ۾ منسپالٽيءَ وٽ لهي پوندو آهيان، جتي مان ڪلارڪي ڪندو آهيان، ۽ هيڊ ڪلارڪ جون ڇڙٻون کائيندو آهيان. پر اُن ڏينهن مون بس جي فٽ بورڊ تي لٽڪندي سفر ڪرڻ جي همت پاڻ ۾ نه ساري.
فٽ بورڊ تي سفر ڪرڻ منهنجي لاءِ عيب نه آهي. منهنجي حياتيءَ جو ٽي ڀاڱي چار حصو بسن جي فٽ بورڊ تي سفر ڪندي گذري ويو آهي. حياتيءَ جو باقي حصو به جيڪڏهن بسن مان لٽڪندي يا بسن جي ڇتين تي چڙهي سفر ڪندي گذري ويو، ته مون کي ڪو ارمان نه ٿيندو.
پر اسيمبليءَ واري ڏينهن مون بس مان لٽڪندي سفر ڪرڻ جو ارادو رد ڪري ڇڏيو. دل ۾ وهم ورائي ويو هوم، ته جيڪڏهن بس مان لٽڪندي اوچتو ڇڏائجي ويس، ۽ ڏامر جي رستي تي بس جي پوئين ڦيٿي هيٺان چيپاٽجي ويس، ته پوءِ اسيمبليءَ جو اجلاس ڏسڻ کان محروم رهجي ويندس، ۽ مري وڃي ڪنهن حور سان ملندس، يا اسپتال جي ڪنهن ڪاري ڪوجهي نرس جي رحم ۽ ڪرم تي موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هوندس.
مون ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ ۾ مرضيءَ مطابق ۽ وقت آهر ڪا من موهڻي محبوبه ته ملي سگهي ٿي، پر ٽيڪسيءَ جو وقت سر ملڻ محال آهي. مان ٽيڪسيءَ جو ايئن انتظار ڪرڻ لڳس، جيئن ڪاليجي ڇوڪرا بس اسٽاپن تي ڇوڪرين جو انتظار ڪندا آهن. توهين پاڻ سياڻا آهيو، توهان کي خبر هوندي ته انتظار جون گهڙيون ڏاڍيون اذيتناڪ هونديون آهن، ۽ ماڻهوءَ کي راڳ ڳائڻ تي مجبور ڪنديون آهن. پر مون راڳ نه ڳاتو. مان سخت بي سرو آهيان.
وقت اُڏامندو پئي ويو. آسمان تان اُسر جا آثار گم ٿيندا پئي ويا. اوڀر کان آڪاش رت هاڻو ٿيندو پئي ويو ۽ پوءِ سج ڪني ڪڍي. منهنجي دل ۾ اوندهه ٿي ويئي.
مون وٽ واچ ڪونهي. مون ڏهن سالن کان واچ وٺڻ جي سڌ ڪئي آهي، پر پوري نه ٿي آهي. مون پاسي ۾ بيٺل هڪ ايڪٽر ڇاپ ڇوڪري کان پڇيو، ”وقت ڇاهي، يار.“
هو ان وقت هڪ ڇوڪريءَ کي تاڙي رهيو هو. هن خارن مان واچ ڏسي وقت ٻڌايو، ”اٺ ٿيا آهن.“
”اٺ!“ مون کان رڙ نڪري ويئي. ”اٺ ٿي ويا اسيمبليءَ جو اجلاس ته شروع ٿي ويو هوندو!“
”ڪهڙي اسيمبلي! ڇا جي اسيمبلي.“ ايڪٽر ڇاپ ڇوڪري، جيڪو عوامي اصطلاح ۾ قوم جو مستقبل هو، چيو، ”ٽري وڃ ڪنگلا. تون مون کي بنگالي ٿو لڳين. وڏو آيو آهي پٽ اسيمبليءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارو. باغي.“
مون اُتان گم ٿي وڃڻ ۾ عاقبت ڄاتي.
مان گم ٿي ويس.
7 مئي 1972ع