ويسر
مان ان حيرت انگيز خبر جي ظاهر ۽ باطن تي سوچي رهيو هوس، جو هڪ ڪراڙو شخص ڪمري ۾ لنگهي آيو. ڪرسي ڇڪي منهنجي سامهون ٿي ويٺو. پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيائين، ”مان تعليمي ماهر آهيان، ۽ هڪ وڏي عهدي تان رٽائر ٿيو آهيان.“
هن مون کي پنهنجو عهدو ٻڌايو، جتان رٽائر ٿيو هو.
ادب سان پڇيو مانس، ”سائين حڪم ڪريو، مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪريان.“
چيائين، ”توهين اخبارن وارا جاهل آهيو. اڻ پڙهيل آهيو. ۽ ڪنهن ڪم جا ناهيو.“
ادب سان وراڻيم، ”توهان جا الزام اسان جي اکين تي، پر اسان جو ڏوهه؟“
چيائين، ”نفسيات تي بلڪل نٿا لکو. توهين نفسيات جهڙي مضمون کي ڪابه اهميت نه ٿا ڏيو.“
پڇيو مانس، ”نفسيات جي ڪهڙي شاخ تي اسان کي لکڻ گهرجي؟“
هن ٻانهون کنجيون. چيائين، ”ويسر“.
پڇيو مانس، ”اها ويسر وري ڪهڙي بلا آهي،“
چيائين، ”وساري ڇڏڻ. اهو مرض نفسياتي مرضن مان هڪ آهي.“
مون ڏانهس ڏٺو. هو تعليمي ماهر گهٽ ۽ مجذوب وڌيڪ پئي لڳو.
چيائين، ”قوم کي ويسر جو مرض لڳي ويو آهي. کانئس ماضي وسري ويو آهي. حال وسري ويو آهي، آئيندو وسري ويو آهي،“
پڇيو مانس، ”ڇا ڪرڻ گهرجي، حضرت.“
هن جواب ڏيڻ بدران چيو ”ويسر مان هزارين نقصان آهن هزارين فائدا آهن.“
پڇيو مانس، توهين ويسر تي ليڪچر ڏيندا، يا ويسر جي نفسياتي ورن وڪڙن تي ڳالهائيندا.
هڪدم چيائين، ”تون نفسياتي مريض آهين.“
مون ڇرڪي ڏانهس ڏٺو.
هن چيو، ”تو وساري ڇڏيو آهي ته مان تعليمي ماهر آهيان.“
مون ڏڪندي ڏڪندي عرض ڪيو، ”حضرت، جديد کوجنا مطابق ويسر نالي ڪنهن به شيءِ جو نفسيات ۾ وجود ناهي.“
چيائين، ”تون جاهل آهين،“
عرض ڪيم، ”مان جاهل برابر آهيان. پر کوجنا مون نه ڪئي آهي. کوجنا نفسيات جي ماهرن ڪئي آهي.“
”اهي ماهر به جاهل آهن.“ هن ڪاوڙ وچان چيو.
اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. مون ريسور کنيو. آواز اوپرو هو. رسيور مان ڪنهن چيو، ”تنهنجي سامهون جيڪو ڪراڙو شخص ويٺو آهي، تنهن جي ڪوٽ جي کيسي ۾ هڪ دستي بم آهي.“
0 1 مئي 1972ع