سختي شهادت جي
صبح جا ساڍا يارهن کن ٿيا هئا. اوچتو، ڄڻ آسمان مان آواز آيو:
”ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، راوت ڪين رهن“
مون ٻئي هٿ پنهنجي هنياءَ ۾ وجهي ڇڏيا. ڀٽائيءَ جي صدا اڄ وري ڇو سنڌ ۾ سين هئين آهي! رڻ گجيو. راڙو ٿيو. ائين ته ناهي، ڪو سڄڻ سفر تي هليو آهي! ائين ته ناهي، ڪو گهوٽ اڻموٽ رڻ جو راهي ٿيو آهي!
ٻيهر ڀٽائيءَ جي صدا جي پڙلاءَ سنڌ ملڪ جي مٿان بيٺل عرش ۽ ڌرتيءَ جي فرش کي لوڏي ڇڏيو. آواز آيو:
”سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز.“
مون پنهنجا گوڏا ڌرتيءَ تي کوڙي ڇڏيا. منهنجي روح ۾ ڀٽائيءَ جو آواز پڙاڏا ڪندو رهيو ته. ”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان.“
مون سمجهي ورتو، منهنجا معصوم، منهنجا مظلوم، ته تون هيڪلو هئين. انهن قاتل، ظالمن ۽ جابرن جي دائري ۾ تون اڪيلو هئين. تو گهاءَ سٺا، تو وار سٺا، تو زخمن جا ايذاءَ سٺا. تو لال لهوءَ جي کنهنبي سان اجل کي لبيڪ چيو.
تو پنهنجيءَ رت ۾ ريٽي ڌرتي کي چمي چيو هوندو:
”ڌرتي منهنجي ماءُ،
اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي –
پر وري، وري مان ايندس،
جڏهن به توتي اوندهه ايندي
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اڳري ويندي
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
اهڙي وقت ۾ مان ايندو رهندس
توکي سر جو صدقو ڏيندس“.
ڇونه مرڪي اها ماءُ جنهن توکي جنم ڏيئي جيجل سنڌ جي جهول ۾ وجهي ڇڏيو.
مون چاهيو ته مان جيڪر ڪڪر ڪارونڀار هجان، ۽ تنهنجي جوان موت تي آبشار وانگر روئي پوان. مون چاهيو ته مان غم جو آتشڪدو هجان، ۽ تنهنجي ڏک جي ماتم ۾ لڇندو رهان.
عبدالرزاق، دودي سومري جا وارث، شجائت جي ڪڙي، منهنجا پيارا، منهنجا ڀائڙا، اڄ منهنجو قلم رنو آهي. منهنجي تحرير رني آهي. مان تنهنجي جيجل ماءُ جي پيرن جي پڻيءَ جو پاڻ کي تلڪ ڏيان ٿو. ڪنڌ جهڪايان ٿو.
9 آگسٽ 1972ع