شاگرد ۽ هڪ سنڌي ڪامورو
ڪجهه سنڌي نوجوان شاگرد هڪ سنڌي ڪاموري سان ملڻ ويا. ڪامورو، هونءَ آهي ته ماڻهو، پر هوبهو درياهي گهوڙي جهڙو لڳندو آهي. فقط ڏسڻ جي حد تائين درياهي گهوڙي جهڙو آهي. باقي عادتن ۾ درياهي گهوڙي جي طبيعت کان ابتڙ آهي. ڪاوڙيو، ته عرش ڪنبي ويندو، فرش ڪنبي ويندو. ڀتين ۾ ڏار پئجي ويندا. آفيس جي ڇت اُڏامي ويندي. سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ڪامورڪو قهر ڪٿي نه ڪٿي نازل ٿيو آهي، يا ٿيڻ وارو آهي. اهڙو آهي ڪامورو سائين، جنهن جو اڄ خيرن سان ذڪر ٿي رهيو آهي.
نوجوان شاگردن صبح کان شام تائين صاحب بهادر جي آفيس ٻاهران چلو ڪڍيو، تڏهن شام جو، سج لهڻ کان ڪجهه دير اڳ کين ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. مون کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي قسم جو مسئلو کڻي ڪاموري صاحب ڏانهن ويا هئا. مون کي رڳو ايتري خبر آهي، ته هو ڪو مسئلو کڻي ڪاموري صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيا هئا.
صاحب بهادر کي اڳواٽ ئي خبر ملي ويئي هئي، ته سنڌي شاگرد کيس پنهنجين تڪليفن ۽ مطالبن کان واقف ڪندا. شاگرد اندر گهڙيا، ته ڪاموري صاحب پنهنجو درياهي گهوڙي جهڙو وڏو وات کوليو. وات کولڻ سان سندس ڪاڪڙو، اٺ -ڏهه ڀڳل ڏاٺون، نڙي، لڪيءَ جو ڪجهه حصو، ۽ ڪجهه حصو ڦڦڙن جو نظر آيو. ڇوڪرن ايڏو وات اڳ ڪنهن به ماڻهوءَ جي منهن ۾ لڳل نه ڏٺو هو. ويچارا هيسجي ويا. پوءِ هنن، گهگهو، بيتالو، بي سرو ۽ ڦاٽل دهل جهڙو آواز ٻڌو. اُهو عجيب آواز ڪاموري صاحب جي وات مان نڪتو هو. صاحب پڇيو، وڙي ڪيا تڪليف هئي تم لوغان ڪو؟“
شاگردن جي اڳواڻ چيو، ”سائين اسين سنڌي شاگرد آهيون. اسان جا ڪي معمولي مطالبا آهن.“
”وڙي ڪيسا مطالبا. وڙي ڪيسا سنڌي شاگڙد!“ ڪاموري قهر ۾ ايندي چيو، ”اڙي ڇورا لوگ ڪجهه سڌرو. قومي ٻولي مين بات ڪرو.“
”سائين، سنڌي ٻولي ڀلا غير قومي ٻولي آهي ڇا؟“ شاگرد اڳواڻ چيو، ”سنڌي ٻولي ته هتان جي اصلوڪي ٻولي آهي.“
”همارا قيمتي وقت اجايا خراب نه ڪرو.“ صاحب چيو، ”قومي ٻولي ۾ بات ڪرو.“
”سائين، سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ سان پاڪستان ۽ اسلام خطري ۾ نه پوندو.“ اڳواڻ شاگرد چيو، ”توهين به ته سنڌي آهيو، سنڌي ڄاڻو ٿا.“
”وڙي نهين هون مين سنڌي“.
”سائين، اڄ ڪلهه ته غير سنڌي به سنڌي ٻولي سکي رهيا آهن. توهين سنڌي هوندي سنڌي نه ٿا ڳالهايو.“
”اڙي سنڌي مين نهين بات ڪرون گا ني، وڙي ڪوئي تمهارا زور چلتا پڙا هي ڪيا؟“
شاگرد اڳواڻ چيو، ”سائين، الحاج خان بهادر محمد ايوب کهڙو، سابق وزير دفاع، سنڌ ۾ لوهه جو ماڻهو Steel man of Sind)) بلڪل توهان وانگر ڳالهائيندو هو. ڪٿي آهي هو، ۽ هن جا حواري جيڪي سنڌ جي ڌرتيءَ تي پرورش وٺي سنڌ جا ويساهه گهاتي ٿيا هئا؟“
”اڙي وه لوگ نهين هين تو ڪيا هوا.“ ڪاموري صاحب چيو، ”هم وڙي ڪوئي ايوب کهڙو سي ڪم هي ڪيا. هم تو وڙي اسٽيل مين آف سنڌ (Steel man of Sind) هي. اڙي پٽيوالا، ڇورون ڪو ڌڪا ديڪي. آفيس سي ٻاهر نڪال دو.“
شاگردن پٽيوالي کي تڪليف نه ڏني. ڪاموري جي آفيس مان نڪري ويا.
3 1 فيبروري 1973ع