ڳالهه هڪ جاگيردار جي
مان ان بودلي حاڪم جو نالو ظاهر نه ڪندس، ڇو جو ان بودلي حاڪم جا ڏهٽا، پر پوٽا، ڇوٽا ۽ کوٽا اڄ به، نه فقط جيئرا جاڳندا آهن، پر وڏي انفلوئنس، رسوخ، ۽ پهچ وارا آهن. تنهن ڪري، مان ان بودلي جو نالو ظاهر نه ڪندس، ۽ نه ئي توهان کي ان جاگير جو نالو ٻڌائيندس. ائين برابر آهي، ته مان انشوئر ٿيل آهيان، ۽ مون کي پنهنجي پرواهه ناهي. پر مون کي انهن جو اونو آهي، جيڪي منهنجا آهن، يا جن جو مان آهيان. دشمني پاڙڻ جو اهو قديم طريقو سنڌ ۾ اڃا موجود آهي. جاگير جي حاڪم، يا واليءَ جا وارث ڪاوڙيا، ته مون کي هٿ نه لائيندا. منهنجي اولاد مان ڪنهن کي کڻي ويندا. اها سندن بهادري جي پرک، ۽ معيار آهي. پر مون کي اولاد ناهي. مان ڇڙو ڇانڊ آهيان. خير، اهي اجايون ڳالهيون آهن. اسان کي سنڌ جي هڪ سابق جاگير جي واليءَ سڳوري جو ذڪر خير ڪرڻو آهي.
اُن واليءَ جي بدني بناوت اجگر جهڙي هئي. الله سائين شايد کيس هاٿيءَ جي روپ ۾ پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پر پوءِ کيس ماڻهو ڪري پيدا ڪيائين، ۽ جاگير جو والي ڪيائين.
والي صاحب جيئن ته بي انتها ٿلهو هو، تنهن ڪري چرچا پسند ڪندو هو. هڪ هڪ چرچي جي عيوض، چرچو ٻڌائيندڙ، يعني چرچائيءَ کي ڇهه هزار رپيا انعام ڏيندو هو. ان زماني ۾ نوٽن جو رواج نه هو، تنهن ڪري پيسا روڪ، يعني سڪن جي صورت ۾ ڏيندو هو. نوٽن جي نه هئڻ سبب مهانگائي به نه هوندي هئي، تنهن ڪري ڇهه هزار رپيا تمام وڏي رقم سمجهي ويندي هئي. پر هونءَ به چرچي تي ڇهه هزار رپيا رقم، نهايت مناسب رقم آهي.
والي صاحب کي هڪ خاص چمچو به هوندو هو، جيڪو سدائين ساڻس گڏ رهندو هو. والي صاحب ۽ سندس وڏي چمچي جو جڏهن به ذڪر اچي ٿو، تڏهن جاگير جي سرڪاري چرچائين جي اهميت گهٽجيو وڃي.
هڪڙي دفعي والي صاحب کي هڪ عام ماڻهوءَ جو چرچو وڻي ويو. کيس ڇهه هزار رپيا انعام جي رقم ڏيڻ جو حڪم ڪيائين. وڏي چمچي ان ماڻهوءَ کي چيو، (بلڪل اڄ ڪلهه جي رواج موجب) ته حصو پتي ڪر، يعني انعام جي رقم مان مون کي هڪ هزار ڏي. ان ماڻهوءَ تريءَ تي تيل لڳڻ نه ڏنو. صفا انڪاري ٿيو. وڏي چمچي انعام جي رقم رپين بدران پيسن، ٽڪن، آنڪن ۽ آڌين جي صورت ۾ ڳوڻيون ڀرائي کڻي آيو. والي صاحب پنهنجي وڏي چمچي کان پڇيو، ته هي خزانو خالي ڪري ڪيڏانهن کنيو پيو وڃين. وڏي چمچي جواب ڏنو ته سائين چرچائيءَ کي انعام پيو ڏيان. والي صاحب کان رڙ نڪري ويئي. چيائين ته هي تمام گهڻي رقم ٿي ڏسجي. هڪدم پيسن ۽ پاين جي مٺ ڀري چرچرائيءَ کي ڏيئي ڇڏيائين.
هڪ دفعي والي صاحب گدڙن جي اوناڙ ٻڌي. وڏي چمچي کان سبب پڇيائين، ته گدڙ ڇو پيا اوناڙن؟ وڏي چمچي وراڻيو، گدڙ ان پيا گهرن. حڪم ٿيو ته سو ڳوڻيون ان جون گدڙن کي ڏنيون وڃن. ٻئي رات گدڙن وري اوناڙيو. پڇڻ تي وڏي چمچي والي صاحب کي ٻڌايو ته گدڙ سوڙون پيا گهرن. والي صاحب حڪم ڪيو ته گدڙن کي هڪ سو سوڙيون ڏنيون وڃن. وڏي چمچي جي ٻيگهي مچي ويئي. ٽينءَ رات گدڙن وري اناڙ ڪئي. واليءَ جي پڇڻ تي وڏي چمچي وراڻيو، ته سائين گدڙ اوهان کي دعائون پيا ڪن. اهڙو هو هڪ جاگير جو هڪ والي. جنهن جا پٽ، پوٽا ۽ ڏهٽا اڄڪلهه سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر آهن، ۽ ڪي قومي اسيمبليءَ ۾ ويٺل آهن.
9 2 اپريل 1973ع