پٿر نه هڻو
مون کي خبر ڪونهي ته اهو خط سچ پچ گورنمينٽ ڪاليج سکر جي شاگردن لکيو آهي، يا ٻئي ڪنهن شخص شاگردن جي نالي ۾ لکيو آهي. بهرحال، ان خط جي جواب ۾ ڪجهه عرض ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ان قسم جي سوچ رکڻ ۽ ان سوچ کي خطن ۾ظاهر ڪرڻ وارن دوستن ۽ مهربانن کي منهنجو عرض آهي ته منهنجو اڄوڪو ڪالم غور سان پڙهن. منهنجو اڄوڪو ڪالم هڪ اديب جي ذهني اضطراب جي ترجماني ڪندو.
مان پنهنجن ڪالمن، ڊرامن ۽ افسانن جي هڪ هڪ لفظ لاءِ خود ذميوار آهيان. ڊراما، افسانا ۽ ڪالم مون لکيا آهن، تنهن ڪري گاريون مون کي ملڻ گهرجن. اهي ڊراما، افسانا ۽ ڪالم نه منهنجيءَ ماءُ لکيا آهن، ۽ نه منهنجيءَ ڀيڻ لکيا آهن. تنهن ڪري کين گاريون ڏيڻ بلڪل بي معنيٰ آهي. هنن ويچارين اڄ تائين نه هڪ لفظ لکيو، ۽ نه ڇپرايو آهي. ان قسم جو خط لکڻ وارن کي منهنجو نماڻو عرض آهي ته پنهنجي ٻئي خط ۾ سموريون ڪچيون گاريون فقط مون کي ڏجو، منهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ کي نه ڏجو. اهڙي نموني پنهنجي اعليٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي پنهنجن اخلاقي قدرن جو ثبوت ڏجو – مان توهان جو ٿورائتو رهندس. خدا شل اوهان کي وڌيڪ گارين ڏيڻ جي توفيق عطا ڪري – آمين.
مان نظرياتي طرح، روحاني رمزن ۾ سچل سرمست جو معتقد آهيان – مريد آهيان. مان پيپلز پارٽيءَ جو نه ورڪر آهيان، ۽ نه ترجمان آهيان. ان حقيقت جي خبر پيپلز پارٽيءَ جي هاءِ ڪمان کي آهي – ۽ هلال پاڪستان جي عملي ۽ انتظاميه کي آهي. کين خبر آهي ته مان ڇڙواڳ آهيان، پنهنجيءَ مت جو ماڻهو آهيان. مان نه چڙهندڙ سج جو سلامي آهيان، ۽ نه لهندڙ سج کي پٺي ڏيندو آهيان. دل جي داغن جي روشني منهنجي رهبر آهي. منهنجيون راهون جدا آهن – منهنجو طريقو اُهو ئي آهي، جيڪو سچل سائينءَ ڏسيو هو – ”ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي – آئون جو ئي آهيان سو ئي آهيان.“ منهنجي خيالن، لاڙن ۽ ذهني رجحان کان ڀليءَ ڀت واقف هئڻ جي باوجود مون کي هلال پاڪستان ۾ مڪمل آزاديءَ سان لکڻ ڏنو ويو آهي. اها سندن فراخدلي آهي. گذريل ساڍن پنجن سالن ۾ مون هڪ به ڪالم جناب ذوالفقار علي ڀٽي يا پيپلز پارٽيءَ بابت نه لکيو – ۽ نه ڪڏهن ان قسم جي ڪالم جي مون کان تقاضا ڪئي ويئي. اها هلال پاڪستان جي ادب شناسي ۽ ادب نوازي آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
مان ڪنهن به شخص کي مڪمل طرح سٺو، يا مڪمل طرح خراب تصور نه ڪندو آهيان. هرڪو انسان چڱائين ۽ لڱائين جو مجموعو آهي. سٺي کان سٺي انسان ۾ خاميون، ۽ خراب کان خراب شخص ۾ خوبيون هونديون آهن. سموري ولوڙ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن اسين گناهن، لغزشن، ۽ خطائن جي پتلي انسان ۾ فرشتو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. مان سياستدان نه آهيان. مان تاريخ جو طالب علم آهيان. ڪردارن جي تاريخي تجزيي ۾ ديانتداري ۽ سائنسي اصولن کي اهم سمجهندو آهيان. اهو ناممڪن آهي ته ايوب خان جا ڏهه ئي سال فقط ڀڏن ڪمن ۾ گذريا هئا. لازمي طرح هن ڪجهه ڪم چڱا به ڪيا هئا. ان سلسلي ۾ ايوب خان جي دور جو تاريخ جي سائنسي اصولن مطابق تجزيو ٿيڻ گهرجي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو اڄ ڪلهه اقتدار ۾ نه آهي. ڪجهه اخبارن ۽ رسالن تاريخ جي سائنسي اصولن جي ابتڙ کيس فقط خامين ۽ خطائن جو مجموعو ثابت ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي آهي. تاريخ جي هڪ طالب علم جي حيثيت ۾ مون کي تاريخ جو اونو آهي. تاريخ جي تقاضا آهي ته ڪنهن به شخص جي سياسي تجزيي ۾ سندس خوبين ۽ خامين جو ذڪر ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ لکيل منهنجن ڪجهه ڪالمن کي سياسي ڪالم سمجهيو ويو آهي. مون هميشه پاڻ کي سياست کان پري رکيو آهي. مان هميشه کان سياست کان وئون ويندو آهيان. سياست مان منهنجي بد دليءَ جو اندازو توهين ان مان لڳائي سگهو ٿا جو مون ووٽرن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو شامل نه ڪرايو آهي.
موجوده حالتن ۾ جڏهن يارن تاريخ ۽ سياست ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، تڏهن هر تحرير تي کين سياست جو گمان ٿيڻ لڳو آهي. سنڌ سان وفاداريءَ جو سرٽيفڪيٽ مون کي ڪنهن کان به وٺڻو نه آهي. مان اڳ وانگر آئينده پڻ اهڙا ڪالم لکندس جن تي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي سياست جو گمان نه ٿيندو. باقي تاريخ کي دفن ڪرڻ وارن جي گروهه ۾ مان ڪڏهن به شامل نه ٿيندس. مان تاريخ جي حشر تي ماتم ڪرڻ وارن جي نوحه سرائي ۾ ضرور شامل ٿيندس.
19 آگسٽ 1977ع