ادب مان پاڪستان کي خطرو
اڄ مٿئين جملي جي ڏند ڪٿا، يا حقيقت بابت ڳالهائبو.
پاڪستان ۾ تعليم يافته ماڻهن جو تعداد ڇهه سيڪڙو مس آهي. ان تعداد ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين جا ڳالهائيندڙ شامل آهن. ان تعداد مان وڏو حصو نوڪرين ڪرڻ وارن جو آهي. نوڪرين ڪرڻ وارا تفريحي ادب پڙهندا آهن، ۽ سنجيده ادب کان لهرائيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اردوءَ ۾ تفريحي مواد ڏيندڙ سب رنگ ڊائجيسٽ جون هر مهيني هڪ لک ڪاپيون وڪامن ٿيون، ۽ ادبي رسالن سيپ ۽ افڪار وغيره جون ست اٺ سو کن ڪاپيون مس وڪامن ٿيون. سنڌيءَ ۾ ڪوبه رنگا رنگي ڊائجيسٽ نه آهي. تنهن ڪري ادبي رسالن کي ڪنهن ڊائجيسٽ سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. بهرحال، سنڌيءَ جي ادبي رسالن جو وڪرو اُردوءَ جي ادبي رسالن جي و ڪري کان پنجوڻون آهي. شروعات ۾ ”برسات“ رسالو جڏهن هفتيوار ٿي نڪتو هو، تڏهن سندس وڪرو هڪ اندازي موجب هفتي ۾ ڏهن هزارن کي به وڃي پهتو هو. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ڇهه سيڪڙو تعليم يافته طبقي مان مشڪل سان هڪ سيڪڙي جيترا تعليم يافته ماڻهو ادب ۾ دلچسپي رکن ٿا. ان هڪ سيڪڙي ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ اچي وڃن ٿا. ان لحاظ کان سنڌي ادب پڙهندڙن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
اٽي ۾ لوڻ برابر تعليم يافته ماڻهو، جيڪي ادب ۾ دلچسپي رکن ٿا، ۽ اتفاق سان ڪو اعتراض جوڳو افسانو يا شعر پڙهي وٺن ٿا، ته ان مان ڪيئن يقين ڪري وٺجي ته پاڪستان خطري ۾ پئجي ويو. ڇا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پاڪستان لاءِ نقصان جو باعث ٿي سگهن ٿا! ادب مان ملڪ کي نقصان تڏهن رسندو آهي، جڏهن ملڪ ۾ تعليم يافته ماڻهن جو تعداد اسي يا نوي سيڪڙو ٿيندو آهي ۽ جتي رسالا ۽ ڪتاب لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيندا آهن. اسان وٽ جنهن ڪتاب جون پنج سو ڪاپيون شايع ٿين ٿيون، سي ويهن سالن ۾ به مشڪل سان نيڪال ٿي سگهن ٿيون. هاڻي اهڙي ملڪ ۾ ڪنهن افساني سبب ڪهڙو انقلاب اچي سگهندو!
اچو ته ڪجهه دير لاءِ کڻي قبول ڪريون ته سنڌ ۾ اعتراض جوڳا افسانا شايع ٿي رهيا آهن، جن ۾ نظريه پاڪستان جي خلاف پرچار ڪيل آهي. مٿئين بحث مطابق اهڙا افسانا تمام گهٽ تعداد ۾ شايع ٿيندا هوندا، ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن تائين مس پهچندا هوندا. ان جي برعڪس حڪومت وٽ عام ماڻهن تائين پهچڻ ۽ يڪجهتي ۽ نظريه پاڪستان جي پرچار لاءِ ٽي نهايت ئي طاقتور وسيلا موجود آهن. هڪ ريڊيو، ٻيو ٽيليويزن ۽ ٽيون اخبارون. ريڊيو ذريعي حڪومت ملڪ جي ستر سيڪڙو، ۽ ٽيليويزن رستي پنجويهه سيڪڙو عوام تائين پهچي سگهي ٿي، (1974ع جا انگ اکر) ۽ پهچندي رهي ٿي. ڇا اهو سمجهڻ حماقت نه آهي، ته ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارون سنڌيءَ جي هڪ افسانه نگار آڏو بيوس ۽ لاچار آهن!
ادب رستي انقلاب اچڻو هجي ها، ته سنڌ جي ثقافتي فضا ۾ ڪڏهن لاڪر انقلاب اچي وڃي ها. جمال ابڙي کان مشتاق شوري تائين سنڌ جي سمورن اديبن پير پرستي، پاٿاريداري، حاويلين جي ظلمن، ٻين ڪيترين ئي سماجي براين خلاف ڀرپور نموني لکيو آهي، ۽ لاڳيتو لکيو آهي. پر، ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي؟ ڇا سنڌ مان پير پرستي ختم ٿي ويئي؟ ڌاڙا لڳڻ بند ٿي ويا؟ حاويلين جا ڪوٽ ڪري پيا؟ ڪجهه نه ٿيو آهي. ڪجهه نه ٿيڻو آهي.
سنڌي ادب جڏهن ثقافتي ۽ سماجي کيتر ۾ ڪو انقلاب آڻي نه سگهيو آهي، ته پوءِ سياسي انقلاب ڪيئن آڻي سگهندو! اهي وڏا نادان آهن جو سنڌي ادب سبب پاڪستان کي خطري ۾ محسوس ڪن ٿا. اصل ۾ هنن کي پاڪستان جي مستحڪم هئڻ تي يقين نه آهي. سندن دل ۾ چور آهي. تنهن ڪري پن جي کڙڪڻ تي کين پاڪستان خطري ۾ محسوس ٿئي ٿو.
پاڪستان کي اصل ۾ خطرو آهي ڪي ايل گابا جهڙي ماڻهوءَ مان، جنهن جي هڪ هڪ ڪتاب جون هزارين ڪاپيون پاڪستان ۽ ٻئيءَ سموري دنيا ۾هٿون هٿ وڪامي رهيون آهن. هيءُ اهو شخص آهي جنهن 1948ع ۾ ”انسائيڊ پاڪستان“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾هن پاڪستان جي وجود تي اعتراض ڪندي، سندس جلد ڊهڻ جي پيشنگوئي ڪئي آهي. پاڪستان کي خطرو آهي ابو الڪلام آزاد جي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ مان، جنهن جون هزارين ڪاپيون سڄيءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڪامي رهيون آهن.
ملڪن کي خطرو محسوس ٿيندو آهي، پيسٽرناڪ، سولز هنستن، ڪاميو، سارتر ۽ بالڊون جهڙن اديبن مان، مون جهڙن معمولي ۽ خسيس اديبن سان نه!
7 آگسٽ 1975ع