زندگيءَ جو سفر
سج ٻڏي رهيو آهي. وڻن جا پاڇا وڌي ويا آهن. هن جو پنهنجو پاڇو وڻن جي پاڇن ۾ گم ٿي ويو آهي. هن جو پاڇو هن کان ڌار ٿي ويو آهي. کيس خبر آهي ته زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترا وراڪا اهڙا به ايندا آهن جتي انسان جو پنهنجو پاڇو سندس ساٿ نه ڏيندو آهي. هو درد ۽ وحشت جي صحرا ۾ اڪيلي سر ڪاهي پوندو آهي. وڌندو رهندو آهي. سندس قدمن جا نشان واري جي دڙن هيٺان لٽجي ويندا آهن. هو گم ٿي ويندو آهي، الوپ ٿي ويندو آهي، عدم موجود ٿي ويندو آهي. بس، ائين ئي ٿيندو آهي، ۽ هلندو آهي زندگيءَ جو سفر!
هن کي خبر آهي، هو وحشت ۽ درد جي صحرا ۾ ڪاهي پيو آهي. هو هيڪلو آهي. سندس پاڇو کانئس جدا ٿي ويو آهي.
”نه نه.“ هن سوچيو آهي، ”مان هيڪلو نه آهيان. ڪوبه انسان هيڪلو نه هوندو آهي. انسان جي ذهن ۾ پرورش وٺندڙ وهم ۽ سنسا، خوف ۽ فڪر سندس وجود سان ڄور وانگر چهٽيل هوندا آهن ۽ سندس رت ست چوسيندا رهندا آهن.“
ها، لڳي ٿو ته هو اڪيلو آهي، پر هو اڪيلو ناهي. انسان انفرادي طرح تاريخ جي ڪنهن به دور ۽ ذهني طرح اڪيلو نه رهيو آهي. انساني ذهن جي ارتقا ۽ اوسر جو دور ختم نه ٿيو آهي. انسان جو ذهن اندر ئي اندر پچندو، ڊهندو ۽ ڊهي وري ٺهندو رهيو آهي. اهو عذاب جو سلسلو قائم آهي.
هو عذابن جي دور جو انسان آهي. اڪيلو هئڻ جي باوجود هو اڪيلو نه آهي. ڪو سندس وجود جي کنڊرن ۾ چپ چپ ڪري هليو آيو آهي - هليو ويو آهي. اهو ڪهڙو پهر هو! اها ڪهڙي ويل هئي! اها ڪهڙي گهڙي هئي! هن کي ڪجهه به ياد ڪونهي. هو ڪجهه به ياد ڪرڻ نه ٿو چاهي. ڪنهن جي اچڻ ۽ اچي هلي وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ احساس کي هن ميراث وانگر محفوظ ڪيو آهي. ان احساس جي ميراث کانسواءِ نيو ڪليئر دور جي اڪيلي انسان کي ڪجهه نه مليو آهي.
هن جا دوست ڪٿي آهن! هن جا ساٿي ڪٿي آهن! هن جا رفيق ڪٿي آهن! کيس ڪجهه ياد ڪونهي. هن وحشت ۽ درد جي صحرا جو جڏهن سفر شروع ڪيو هو، تڏهن هيڪلو ئي هو. درد ۽ وحشت جي صحرا ۾ انسان اڪيلو ئي هوندو آهي. اتي پاڇو به سندس ساٿ ڇڏي ڏيندو آهي. اُهو سفر زندگيءَ جو آخري سفر هوندو آهي. ان کان پوءِ ٻئي ڪنهن به سفر جو آغاز نه ٿيندو آهي.
تنگ نظر معاشري ۾ گرفتار ٿيل انسان جي آئيندي کان هو مايوس نه آهي. هن جو انسان جي آئيندي ۾ يقين آهي – اهڙي آئيندي ۾ جنهن ۾ سوچيندڙ انسان کي وحشت ۽ درد جي صحرا جو سفر نه ڪرڻو پوندو ¸ ۽ انسان آزاديءَ سان اندر جو حال اوري سگهندو - پنهنجي وهمن، سنسن ۽ عقل آڏو ڊهندڙ ڪوٽن جو ذڪر بنان ڪنهن ڊپ ۽ خوف جي ڪري سگهندو.
کيس يقين آهي، اهڙو دور ايندو - پر هو پاڻ نه هوندو. هو ڪنهن کي ياد نه هوندو. هن جي غير موجودگيءَ تي ڪا اک آلي نه ٿيندي - ڪا دل اداس نه ٿيندي - جڏهن هو نه هوندو.
24 جنوري 1976ع