ڪالهه ۽ اڄ
آڳاٽي وقتن ۾ شاگرد ڏاڍو ذهين هوندو هو. ڏاڍي ڪاميابيءَ سان ڪاپي ڪري امتحان هال مان هليو ويندو هو، ۽ انوجيليٽر کي گوهي ڏيڻ لاءِ ڪاپي ڪرڻ جا اهڙا ته انمول نمونا ۽ طريقا ايجاد ڪندو هو، جو سمورو ڪم ڇپر ۾ ٿي ويندو هو. سپ به مرندو هو، لٺ به نه ڀڄندي هئي. لعل به لڀندو هو، ۽ پريت به رهجي ايندي هئي. پوءِ آبهوا ۾ ڦيرو آيو. کاڌي خوراڪ ۾ ملاوٽ جو مرض پيدا ٿيو. شاگرد ويچارو ذهين نه رهيو. اهوئي سبب آهي، جو اڄڪلهه جو شاگرد اٽڪل لڙائڻ بدران خنجر ۽ پستول جي زور تي ڪاپي ڪري رهيو آهي. ويچارو شاگرد ذهين هجي ها، ته جيڪر چاقوءَ بدران ميڄالي تي ڀاڙي ها! خوامخواه ڏٺو ٿي پيو آهي.
ساڳيو حال ڊاڪٽرن، وڪيلن، نجومين ۽ استادن جو آهي. چئني طبقن مان ڪوبه طبقو ذهين نه رهيو آهي. اڳوڻي دور جا ڊاڪٽر مرض سڃاڻڻ ۾ ٽي مهينا وٺندا هئا، ۽ مريض کي دوا بنا راهه رباني وٺائي ڇڏيندا هئا. مريض جي موت لاءِ ڊاڪٽر کي ذميوار نه سمجهيو ويندو هو. اڄوڪو ڊاڪٽر مرض سڃاڻڻ کان سواءِ ڪانه ڪا دوا ڏيئي ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح اڄڪلهه جي مريض جي موت ۾ ڊاڪٽر جو هٿ سمجهيو ويندو آهي. ذهين ڊاڪٽر دوا نه ڏيندو آهي، ڇو جو هو مرض سڃاڻي نه سگهندو آهي. هو فقط في وٺندو آهي.
پراڻي دور ۾ وڪيل ذهين هوندو هو، تنهن ڪري اصيل گهٽ ۽ وڪيل گهڻو ڳالهائيندو هو. اڄڪلهه جو وڪيل پراڻي دور جو وڪيل جهڙو ذهين نه رهيو آهي. تنهن ڪري اڄڪلهه جي دور ۾ وڪيل گهٽ ۽ اصيل گهڻو ڳالهائيندو آهي.
اڄڪلهه جو نجومي به پراڻي دور جي نجوميءَ جهڙو ذهين نه رهيو آهي. آڳاٽي دور ۾ نجومي هٿ ڏسي ۽ جوتش جي زور تي ماضيءَ جو حال ٻڌائيندا هئا. مايوس ماڻهو پنهنجو هٿ نجوميءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ ماٺ ڪري نجوميءَ جي واتان پنهنجي ماضيءَ جو سربستو احوال ٻڌندو هو، جنهن جي کيس بخوبي ڄاڻ هوندي هئي. اڄڪلهه جو نجومي آڳاٽي دور جي نجوميءَ جهڙو هوشيار نه رهيو آهي. تنهنڪري، اڄوڪي دور ۾ مايوس ماڻهو پنهنجو هٿ جڏهن نجوميءَ جي هٿ ۾ ڏيندو آهي، تڏهن نجومي ماٺ ڪري ٻڌندو آهي، ۽ مايوس ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جو سربستو احوال نجوميءَ کي ٻڌائيندو آهي.
پراڻي دور جا استاد به ڏاڍا ذهين هوندا هئا. هو شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ٻين جا تيار ڪيل نوٽس (Notes) استعمال نه ڪندا هئا. هنن کي پڪ هوندي هئي ته بابر بادشاهه اڪبر بادشاهه جو ڏاڏو هو. پر اڄڪلهه جو استاد ڏڏ آهي. سندس چوڻ آهي ته بابر بادشاهه اڪبر بادشاهه جو ڏاڏو نه هو. بلڪه اڪبر بادشاهه بابر بادشاهه جو پوٽو هو. ان اختلاف جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو پراڻي دور جو استاد وٽامن اي ۽ ڊي نه واپرائيندو هو، ۽ اڄڪلهه جو استاد وٽامن اي ۽ ڊي واپرائيندو آهي.
آئل ٽئنڪر جو اهو ڊرائيور بيحد ذهين هو، جنهن لي مارڪيٽ وٽ هڪ سائيڪل سوار کي گهوڙي سوار سمجهي چٿي ڇڏيو ۽ پوءِ حشام ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ زخميءَ کي ٽرڪ ۾ کڻي هليو ويو. ٻئي ڏينهن زخميءَ کي ڪراچي يونيورسٽيءَ وٽان مئل حالت ۾ لڌو ويو.
16جنوري 1975ع