مبهم ڳالهيون
”جڏهن لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائبو آهي، تڏهن ڇا ٿيندو آهي؟“
”ڪوڙ تڏهن سچ محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.“
”ميڪاوليءَ جي نظريي مطابق اها ڳالهه ڪئي اٿئي ڇا؟“
”نه. تاريخ جي حوالي سان اِها ڳالهه ڪئي اٿم.“
”مون کي تاريخ پسند ناهي.“
”ڇو؟“
”مون کان سن ياد نه ٿيندا آهن.“
”تاريخ جا دشمن اسان جا استاد هئا، جيڪي سمورو زور سنن تي ڏيندا هئا، ۽ تاريخ کي معاشري کان ڪٽي، ڌار ڪري فقط بادشاهن جي عروج ۽ زوال جو قصو ڪري پڙهائيندا هئا.“
”تاريخ جي ان کان سواءِ ٻي ڪهڙي اهميت آهي؟“
”انسان ذات جي معاشرتي، نظرياتي، سماجي ۽ سياسي ارتقا جي تسلسل کي جڏهن قلمبند ڪبو آهي، تڏهن تاريخ ٺهي پوندي آهي.“
”۽ ادب؟“
”ادب تاريخ جي حوالي کان سواءِ فقط تفريح جو سامان ثابت ٿيندو آهي.“
”ڪيئن؟“
”ون يونٽ ٽوڙائڻ واري تحريڪ دوران جيڪو ادب لکيو ويو هو، سو ذميداريءَ سان لکيو ويو هو. سمورو ادب تاريخ جي حوالي سان لکيو ويو هو.“
”ادب کي تاريخ جو حصو، يا تاريخ کي ادب جو حصو سمجهڻ گهرجي؟“
”ٻنهي جي جدا جدا حيثيت آهي. مون ادب جي ڳالهه ڪئي آهي. اُهو ادب جيڪو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، ۽ معاشرتي لاڙن ۽ رجحانن جي ترجماني نٿو ڪري، يعني تاريخي ڦير گهير کي قلمبند نه ٿو ڪري، سو ادب تفريحي ادب آهي.“
”ڀلا ڪجهه ماڻهو ڪوڙ تي ثابت قدم ڇو رهندا آهن؟“
”ڇو جو هو سچ تي هلي نه سگهندا آهن.“
”سچ ڇاهي؟“
”سچ اُهو آهي، جيڪو ڪوڙ نه آهي.“
”۽ ڪوڙ اُهو آهي، جيڪي سچ نه آهي.“
”۽ اِهي ٻئي ڇا آهن؟“
”جيڪا شيءِ سچ کان مختلف آهي، سا ڪوڙ آهي. ۽ جيڪا شيءِ ڪوڙ کان مختلف آهي، سا سچ آهي.“
”مختلف هئڻ جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي؟“
”جيئن روشني اوندهه کان مختلف آهي. جتان اوهان کي بصيرت ملي، اُها روشني آهي، سچ آهي. ان جي ابتڙ اوندهه آهي.“
”دوکو ڇا آهي؟“
”جنهن تي اول هئڻ جو گمان هجي. پر تصديق ڪرڻ کان پوءِ نه هجي.“
”۽ فريب؟“
”سلام ڦيرڻ کان پوءِ جڏهن جتيءَ تي نگاهه وجهجي، ان کي غائب ڏسجي.“
”سچ منهنجيءَ دل ۾ آهي.“
”دل هميشه دوکو ڏيندي آهي.“
23 مارچ 1976ع