ڏاڙهي ميجر
وڏي جئڪ سان وڏي عهدي تي وڃي ڇاپو هنيو اٿائين. اسلام آباد کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو اٿائين. مون کيس هڪ غير رسمي گڏجاڻيءَ ۾ ڏٺو. ڪنهن سگريٽ آڇيس، ته انڪار ڪندي چيائين، ”عيد تي ڇڪيندس.“
پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ٽپ ڏيئي صوفه تان اٿيو. ڇري کڻي، ٻئي ميز ڏانهن وڌي ويو. ٻئي ميز تي چئن پائونڊن وارو ڪيڪ رکيو هو. ڏاڙهي ميجر ڪيڪ کي ذبح ڪري ڇڏيو. اهڙيون ته آڏيون ابتيون ڇريون وهايائينس جو ڪيڪ ويچارو ڳڀا ڳڀا ٿي ويو. ڪپيل ڪيڪ جو اڌ پائونڊ جيڏو ٽڪر کڻي، پنهنجي جاءِ تي اچي ٿائينڪو ٿيو. اتي ڪنهن چيو، ”اسان جي باري ۾ عام تاثر اهو ئي آهي، ته اسين سفارشي آهيون، ۽ ڪم جا بلڪل جڏا آهيون. اسان کي اهو تاثر مٽائڻو آهي. اسان کي ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي، ته اسين ذهين ۽ ڪم جا اورچ آهيون.“
ڏاڙهي ميجر گڏجاڻيءَ جي دوستن تي هڪ نگاهه وڌي، ۽ پوءِ وڏي بي نيازي سان چيو، ”اوهان کي سفارشي سڏيندا هوندا مون کي ڪو سفارشي چوي، ته جيڪر ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيانس.“
ڪنهن پڇيس، ”ڏاڙهي ميجر جهاد ڪندين ڇا؟“
ڏاڙهي ميجر وراڻيو، ”مون کي جيڪو به سفارشي سڏيندو، تنهن جا مان صاحبن کي چئي اصل لاهه ڪڍائي ڇڏيندس.“
ڏاڙهي ميجر جي جواب کان سڀئي ڄڻا بيحد متاثر ٿيا، ۽ سندس پهچ جا قائل ٿيا. ان وچ ۾ ڏاڙهي ميجر ڪيڪ پيسٽرين جا وڏا وڏا ڪريم وارا ٽڪر هڙپ ڪري ويو، ۽ پوءِ چانهه جي ڪوپ ۾ کنڊ جا چار چمچا وجهي، ڪوپ مان جلترنگ جهڙا آواز ڪڍڻ لڳو. ڪوپ ۾ چمچو ائين ٿي گهمايائين، ڄڻ دکيءَ ۾ مانڌاڻي!
ڪنهن پڇيس، ”ميجر، چانهه مان مکڻ ڪڍندين ڇا؟“
ڏاڙهي ميجر جواب نه ڏنو، ۽ شرڙاٽ ڪري چانهه جي ڪوپ مان سرڪيون ڀرڻ لڳو. ساڳئي ڄڻي پڇيس ”ڀلا ڪر خبر توسان ڪيئن ٿا هلن؟“
”ڪيئن ٿا هلن! منهنجي آفيس ۾ هلي ڏس، ميان. وڏي ميز ورتي ٿي مان، جنهن تي شيشو وڇايل آهي. پنهنجي ويهڻ لاءِ ڦرڻي ڪرسي به ورتي ٿي مان. ۽ ٻه ٻه ٽيليفون، چار ڪرسيون، ۽ هڪ گلم به ورتو ٿي مان.“ ڏاڙهي ميجر چيو، ”اهڙي رعب ۾ رکيو ٿي مان، جو سڀئي سمجهي ويا آهن، ته سنڌ مان ڪو ڇپ جهڙو ماڻهو اسلام آباد پهچي ويو آهي. پلاننگ، ڊرافٽنگ ۽ پروپوزل به هيٺين عملي کان تيار ڪرائيندو آهيان. مان ڪاغذن تي رڳو صحيحون ڪندو آهيان.“
1 1 ڊسمبر 1974ع