شاعري
ڪاغذ ڪنهن اڙدو اخبار جو ٽڪر هو. ان ٽڪر تي اڙدوءَ ۾ هڪ نظم هو.
هڪ ٺيڪيدار چيو، ”هي نظم ڪنهن سنڌي شاعر جو آهي“.
”پر هي ته اڙدوءَ ۾ لکيل آهي“.
”توکي خبر ناهي، سلامت علي. سنڌي شاعر اڙدوءَ ۾ به شاعري ڪندا آهن“.
”برابر. هي نظم بيحد تخريبي ڏسڻ ۾ ٿو اچي“.
”بلڪل. اکنڊ ڀارت جو پرچار ٿو ڪري“.
”پڙهينس ته سهي“.
مجاهد علي اخبار جي ٽڪر تان نظم پڙهڻ لڳو، جيڪو ڪجهه هن ريت هو. ”نه اسين غير آهيون، ۽ نه ملڪ اجنبي. عزيزو رفيقو، هي ڪهڙي بي رخي آهي.“
سلامت عليءَ کان رڙ نڪري ويئي. چيائين، ”معنيٰ ته هندو ۽ مسلمان ۾ ڪو فرق ناهي!“
”ٻن قومن وارو نظريو ختم!“
”سنڌي شاعرن مان ٻي ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکي سگهجي ٿي.“
مجاهد عليءَ چيو ”اڳتي ٻڌ، جيڪي ٿي گذريو تنهن کي وساري ڇڏيو. جمنا نديءَ جي ڪناري ويهو. محفل مچايو. ملڻ جا مڌر گيت ڳايو.“
”اهو ته اکنڊ ڀارت جو کليل پرچار آهي!“
”سو به اڙدو ۾، يعني قومي ٻوليءَ ۾! هي سنڌي شاعر تمام خطرناڪ آهي.“
”اڙدوءَ ۾ شاعري ائين ڪئي اٿائين، ڄڻ سندس مادري ٻولي آهي.“
”اڳتي ٻڌ.“ مجاهد علي نظم پڙهڻ لڳو، ”هي سرحد انسانن جي ٺاهيل آهي جنهن جي ڪا اهميت ناهي.“
”بس بس“. سلامت عليءَ چيو، ”هي نظم ڪنهن تخريب ڪار سنڌي شاعر جو آهي.“
”پڪ هندستان جو ايجنٽ آهي.“
”اسان کي پوليس ۽ سي آءِ ڊي کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. غدار سنڌي شاعرن کي ملڪ مان ڪڍيو وڃي.“
”پر هي نظم لکيل ڪنهنجو آهي؟“
”سنڌين جي قومي شاعر شاهه لطيف جو ٿو لڳي.“
”پر هن ته اڙدوءَ ۾ شاعري نه ڪئي هئي.“
”ته پوءِ سچل سرمست جو آهي.“
”سچل جي ڏينهن ۾ هندستان جو ورهاڱو نه ٿيو هو.“
”ته پوءِ امداد حسينيءَ جي لکيل آهي.“
”مون کي نياز همايونيءَ جو ٿو لڳي.“
”ترسُ!“ مجاهد عليءَ چيو، ”هي شعر سرويچ سجاوليءَ جو آهي هو به وڏو تعصبي آهي.“
”تعصبي ته سمورا سنڌي شاعر آهن.“
”افسانه نگار به گهٽ تعصبي ناهن.“
”سنڌي نظريه پاڪستان جا مخالف آهن. هي شعر به ڪنهن غدار جو آهي. اسان وٽ غدار سنڌي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جي لسٽ آهي.“
”هي نظم قمر شهباز جو ته ناهي!“
”مون کي شيخ اياز جو ٿو لڳي.“
”اڙي ترس.“ مجاهد چيو، ”هي ڏس. ڪاغذ جي مٿئين ڪنڊ تي شاعر جو نالو لکيل آهي. هيءُ ته پنهنجي نام ڪٺيي ڪالم باز جو شعر آهي. سبحان الله واهه جو نظم لکيو اٿائين. ماشاءالله“
7 2 جون 1972ع