جيڪڏهن
هي دهلي آهي. پنجويهه سال اڳ اسين هجرت فرمائي هت اچي رهيا آهيون. اسان هن شهر ۽ يو پي ۽ سي پيءَ جي ٻين شهرن کي آباد ڪيو آهي. اسان جي اچڻ کان اڳ دهلي، آگرو، لکنو وغيره برباد بيابان هئا، جتي ماڻهو گهٽ ۽ جانور وڌيڪ هئا. اسان هتي جي ماڻهن کي ڪپڙا لٽا پائڻ ۽ پڪل رڌل کاڌو کائڻ سيکاريو آهي. تاج محل روهڙيءَ جي مشهور ڊکڻ باغ عليءَ ٺاهيو آهي. فتح پور سڪريءَ جون عمارتون، مقبرا ۽ ٻيون جايون پڻ اسان سنڌين اچي ٺهرايون آهن. هتي اڳ ڄٽ رهندا هئا، جاهل رهندا هئا، ۽ اسان سنڌين کين ماڻهپي ۾ آندو آهي. پر هتان جا ماڻهو ڏاڍا احسان فراموش آهن. هيءَ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌايان ٿو.
اسان سنڌي مهاجرن، جيئن ته يو پي ۽ سي پيءَ جي علائقن، شهرن ۽ ڳوٺن تي هزارين لکين احسان ڪيا آهن، تنهن ڪري سنڌي مهاجر ايسوسيئيشن جي هاءِ ڪمانڊ فيصلو ڪيو ته يو پي ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي. اسان جي ان فيصلي کي هر هنڌ هٿي ملي آهي.
سنڌ مان لڏي اچڻ کان پوءِ اسان يو پي ۽ سي پي جي سڀني نشر ۽ اشاعت جي ادارن تي قبضو ڪري ورتو آهي، تنهن ڪري، هوا ۾ ۽ تحرير ۾ فقط سنڌي زبان جو پرچار آهي ۽ هتان جي هرهڪ ٻوليءَ کي پٺتي ڇڏيو ويو آهي. هاءِ ڪمانڊ جي فيصلي کي نشر ۽ اشاعت جي ادارن مان ڀرپور مدد ملي ٿي. اسان کي پڪ هئي ته يو پي ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي، پر افسوس، صد افسوس، هتان جا مقامي ماڻهو وڏا احسان فراموش نڪتا. هنن سنڌيءَ کي سرڪاري زبان نه بنائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪالهه مقامي ماڻهن سان سنڌي مهاجر ايسوسيئيشن جي هاءِ ڪمانڊ جي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي تنهن جو متن پيش ڪجي ٿو.
مقامي ماڻهن جي نمائندي چيو، ”يوپي ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان ڪنهن به حالت ۾ سنڌي نه ڪئي ويندي“.
”سنڌي يڪجهتي، ملڪي سالميت ۽ اتحاد جي زبان آهي.“ اسان جي سنڌي هاءِ ڪمانڊ جي نمائندي وراڻيو، ”سنڌي ٻولي عين اسلامي زبان آهي.“
”ڪجهه به ٿئي. اسين سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي تسليم نه ڪنداسين. يو پي ۽ سي پي جي سرڪاري زبان اڙدو ٿيندي.“
”اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ مان هجرت ڪري يو پيءَ ۽ سي پيءَ کي ٺاهيو ۽ اڏيو اٿئون.“
”ڇا ٺاهيو اٿو؟“
”تاج محل، قطب مينار، گنگا ۽ جمنا نديون.“
”آهستي ڳالهايو. آسمان مان ٽهڪڙن جو آواز نه اچي.“
سنڌي هاءِ ڪمانڊ جي نمائندي چيو، ”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو سنڌي زبان جي راهه ۾ رنڊڪون وجهي، توهين اڻ سڌي طرح ملڪي اتحاد ۽ ترقي جي راهه روڪي رهيا آهيو.“
”اجائي نعري بازي ڇڏيو.“
اردو نمائندي چيو، ”سنڌي ڌاري ٻولي آهي. ٻاهران هتي آئي آهي. اڙدو يو پي ۽ سي پي جي ماڻهن جي ٻولي آهي. تنهن ڪري هتان جي سرڪاري زبان اڙدو ٿيندي.“
اسان جي نمائندي چيو، ”توهين دشمن ملڪ جا ڇاڙتا آهيو.“
”پنهنجي ٻوليءَ جي حق ۾ آواز اٿارڻ ملڪ سان غداري آهي؟“ اڙدو نمائندي پڇيو.
”يو پي ۽ سي پي جي سرڪاري ٻولي سنڌي ٿيندي، تنهن ڪري سنڌيءَ جي خلاف آواز اُٿارڻ ملڪ خلاف آواز اُٿارڻ برابر آهي.“
”اسين ٻاهران آيل ٻولي هرگز قبول نه ڪنداسين. يو پي ۽ سي پي جي سرڪاري زبان اُڙدو ٿيندي.“
”هر گز نه. اسان پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ ڇڏي، هتي اچي رهياسين ¸ يو پي ۽ سي پي کي ٺاهيوسين. تنهن ڪري هتان جي سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي.“
”ڪهڙي قرباني ڏني اَٿوَ!“ مقامي ماڻهن جي اڙدو نمائندي چيو، ”سنڌ ۾ ڪک ڇڏي آيئو، ۽ هتي لک جو ڪليم ورتو. مٽيءَ بدران ماڙي ورتوَ. برسينگ بدران ميون جا باغ ڪليم ۾ ورتو. نوڪريون، واپار ۽ وهنوار تي قبضو ڪيو. هينئر اسان جي مقامي زبان اڙدوءَ خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا اٿَوَ!“
سنڌي هاءِ ڪمانڊ جي نمائندي وراڻيو، ”توهين تخريب ڪار آهيو. دشمن جا ايجنٽ آهيو ۽ ملڪ کي تباهه ڪرڻ گهرو ٿا.“
يو پيءَ ۽ سي پيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي هئڻ ۽ ٿيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اسان کي سنڌ مان لڏي آيل سڀني سنڌي مهاجرن جي مدد جي ضرورت آهي. اسان جي ٻي گڏجاڻي لال قلعي دهليءَ جي ٻاهران ايندڙ آچر ڏينهن صبح جو ڏهين لڳي ٿيندي.
9 1 جون 1972ع